مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

لبنان ۽ فلسطيني مزاحمت

فلسطينين لاء بيروت مان نڪرڻ سندن ڪنهن ملڪ مان نڪرڻ جو پهريون واقعو نه هو. اسرائيل جي قائم ٿيڻ ۽ پوء 1948 ۽ 1967 جي عرب اسرائيل جنگن کانپوءِ سندن فلسطين مان لاڳيتي لڏپلاڻ جو عمل جاري رهيو آهي. هڪ وڏو تعداد اردن ۾ آباد ٿيو جنهن 1948 جي جنگ کانپوء اولهندي ڪناري ۽ اوڀر بيت المقدس کي بجائي فلسطينين جي هڪ آزاد رياست جي شڪل ڏيڻ جي پنهنجي ملڪ جو حصو ٺاهي ڇڏيو هو. اهي علائقا 1967 جي جنگ ۾ اسرائيل جي قبضي ۾ اچي ويا.
1971 ۾ اردن ۾ جنهن پئماني تي فلسطينين جو قتل عام ڪيو ويو ان اسرائيل کي به حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو ته جيترن فلسطينين کي اسرائيل ايتري عرصي ۾ نه ماريو هو اردن ۾ ان کان وڌيڪ فلسطينين جو قتل عام ڪيو ويوهو. هتان جڏهين انهن کي لبنان لڏڻو پيو ته عرب ليگ پاران اهو ٺهراء منظور ڪري فلسطينين کي اهو اختيار ڏنو ويو ته اهي لبنان مان پنهنجي وطن جي آزادي جي جدوجهد جاري رکي سگھن ٿا. لبنان ۾ اڳ اهڙن فلسطينين جو چڱو تعداد رهيل هو جن 1948 ۾ اسرائيل جي قيام ۽ ان کانپوء اتر فلسطين مان هتي لڏپلاڻ ڪئي هئي.
رابرٽ فسڪ اهڙن فلسطينين سان ملاقات ڪئي جن دير ياسين جي قتل عام کانپوء اسرائيل جي مختلف علائقن مان هتي لڏپلاڻ ڪئي هئي. انهن نه رڳو پنهنجن گھرن جا دستاويز پر چاٻيون به ان اميد سان سنڀالي رکيون هيون ته اهي جلد پنهنجي وطن ۽ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽندا. ان ڳالھہ کي هڪ ڊگھو عرصو گذري چڪو پر اڃا به جيڪي جيئرا هئا انهن ۾ اها اميد باقي هئي ۽ انهن اهي ڪاغذ ۽ چاٻيون سنڀالي رکيون هيون. لبنان مان اسرائيل جي شهرن تل ابيب ۽ حيفه ڪجھ ڪلاڪن جو سفر آهي پر پابندين ۽ سرحد تي بندش جي ڪري فسڪ کي هڪ ڊگھو چڪر ڏيئي بيروت مان قبرص ۽ پوء اتان اسرائيل اچڻو پيو. اتي هو انهن گھرن ۽ علائقن ۾ آيو جتان فلسطينين کي بيدخل ڪيو ويو هو. اتي هاڻي اسرائيلي رهي رهيا هئا. پراڻن علائقن جي سڃاڻپ ختم ڪئي ويئي هئي. ديرياسين جو نالو ۽ ان جي سڄي هيئت بدلائي ويهي هئي. هتي اسرائيل جي هڪ اڳوڻي وزير اعظم بيگن جي اڳواڻي ۾ ارگون نالي سان دهشت گرد گروه فلسطينين جو قتل عام ڪيو هو جنهن جي ڪري گھڻن علائقن مان وڏي تعداد ۾ فلسطينين کي ڊپ وچان لڏڻو پيو هو. هتان جا نوان رهائشي ان ڳالھہ کي مڃڻ لاء تيار ئي نه هئا ته واقعي ائين ٿيو به هو.
ڏٺو وڃي ته لبنان ۾ فلسطينين کي دل سان ڪنهن به قبول نه ڪيو هو. جيتوڻيڪ سندن دروز ۽ شيعن سان به ٽڪراء رهندو ٿي آيو پر خاص طور فلانجسٽن کين پنهنجي لاء هڪ خطرو ڪري ٿي ليکيو. فرانس پاران پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء پنهنجي مينڊيٽ کي استعمال ڪندي لبنان کي شام کان ڌار ڪري ان ڪري ئي ڌار ملڪ ٺاهيو ويو هو ته جيئن وچ اوڀر ۾ هڪ عيسائي مملڪت هجي جيڪا سندن مفادن جو تحفظ ڪري. جيتوڻيڪ آبادي جي لحاظ کان هتي عيسائي ٿورائي ۾ آهن پر ملڪ جو آئين ان ريت فرقيوارانا بنياد تي ٺاهيو ويو آهي جو کين اقتدار جي ورهاست ۾ هڪ فوقيت حاصل آهي. هو پاڻ کي بجائي عرب دنيا جي اوله جي ملڪن جو هڪ حصو ڪري ئي ليکيندا آهن. ساڳي وقت انهن جا پاڻ ۾ اندروني اختلاف پڻ رهيا آهن جيڪي هڪٻئي جي اڳواڻن کي قتل ڪرڻ جي حد تائين رهيا آهن.
لبنان ۾ شام جي هڪ دلچسپ ۽ فيصلي ڪن حيثيت رهي آهي. هن جي اها ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طاقت جو توازن ڪنهن به هڪ ڌر جي فائدي ۾ نه وڃي. ان لحاظ کان جڏهين ان اها ڳالھہ محسوس ڪئي ٿي ته فلانجسٽ ٻين ڌرين ۽ خاص طور فلسطينين جي مقابلي ۾ ڪمزور پئجي رهيا آهن ته ان فلانجسٽن جو طرف وٺندي فوجي مداخلت ٿي ڪئي جيئن 1976 جي گھرو ويڙه ۾ ٿيو ۽ جيڪڏهين معاملو ان جي ابتڙ آهي ته ان اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ لاء ٻين جو پاسو ورتو. جون 1982 ۾ اسرائيل جي فوجي ڪاروائي وقت شام جي فوج پنهنجن ويڙهاڪ جهازن ۽ ٽينڪن سان لبنان ۾ موجود هئي. جيتوڻيڪ اسرائيل پاران شام کي گھڻو نقصان پهچايو ويو ۽ گھڻن جهازن ۽ ٽينڪن کي بمباري ڪري تباه ڪيو ويو پر شام پاران اسرائيل سان مهاڏو اٽڪائڻ مناسب نه سمجھيو ويو ۽ ان خاموشي سان اهو سڀڪجھ برداشت ڪيو.
پي ايل او هڪ وڏي هٿيار بند تنظيم هئي ۽ فلانجسٽن لاء ان کي پنهنجي ليکي منهن ڏيڻ ڏکيو هو. فلسطينين خلاف اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ جو مک ڪارڻ اهو ئي هو. اها ٻي ڳالھہ آهي ته اسرائيلي فوجن جي بيروت مان وڃڻ کانپوء جڏهين انهن شام سان مهاڏو اٽڪايو ته شامي فوجن سختي سان کين ڪچلي سندن زور ڀڃي ڇڏيو.
بيروت مان پي ايل او جي ويڙهاڪن جي وڃڻ کانپوء رابرٽ فسڪ جي چوڻ موجب لبنان جي مختلف علائقن ۾ اڃا ڏه هزار کن فلسطيني ويڙهاڪ موجود هئا. پر اهي هڪ ته منظم نه هئا، سندن ليڊرشپ لبنان مان وڃي چڪي هئي ۽ ٻيو ته اهي شام ۽ ٻين مختلف تنظيمن جي اثر هيٺ ڪم ڪري رهيا هئا. اهڙي ريت هڪ لحاظ کان لبنان مان ڄڻ پي ايل او ختم ٿي چڪي هئي.
لبنان مان نڪرڻ مهل جڏهين ياسرعرفات کان پچيو ويو ته هاڻي فلسطينين جي جدوجهد جو ڇا ٿيندو ته سندس چوڻ هو ته هاڻي اها جدوجهد فلسطين اندر منتقل ٿي ويندي. واقعي ائين ٿيو. انتفاده هڪ ڊگھي عرصي تائين جاري رهي جنهن ۾ فلسطيني نوجوانن پٿرن سان اسرائيلي فوج ۽ پوليس جي گولين، ڳوڙها گيس ۽ ڏنڊن جو مقابلو ڪيو. پر ابو عمار هاڻي ٿڪجي پيو هو ۽ مٿس آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جو به دٻاء هو ته هو اسرائيل سان ٺاه ڪري. ان ڳالھہ جي باوجود اسرائيل ميڊرڊ ۽ اوسلو ۾ جيڪي به ٺاه ڪيا ۽ واعدا ڪيا انهن مان ڪو به پورو نه ٿيو. والاريل علائقن ۾ اسرائيلي آبادڪاري جو عمل جاري رهيو۽ بيت المقدس فلسطينين جي گادي جو هنڌ نه بڻجي سگھيو. اهو واقعي هڪ الميو هو ته نه رڳو عرفات اسرائيل جو قيدي بڻجي ويو ۽ ان جي اجازت کانسواء ڪٿي اچي وڃي نه ٿي سگھيو پر هو جنهن نالي ماتر رياست جو اڳواڻ هو ان کي اسرائيل جي هدايتن مطابق ئي هلڻو هو. فلسطيني مزاحمت کي ختم ڪرڻ جو جيڪو ڪم اسرائيل جي فوج ۽ پوليس ڪيو ٿي اهو هاڻي عرفات جي اڳواڻي ۾ فلسطين جي پوليس ڪري رهي هئي.
گھڻين لاهين چاڙهين ۽ مرحلن مان گذرڻ کانپوء فلسطينين جي جدوجهد جو انت هتي ٿيو. اها ڳالھہ آمريڪا ۽ اسرائيل سان گڏوگڏ وچ اوڀر ۽ ٻين مسلم ملڪن جي حڪمرانن، جيڪي اسرائيل سان ناتا رکڻ چاهين ٿا ۽ جن کي اڳ فلسطينين جي مزاحمت ۽ سندن پنهنجي عوام جي مخالفت روڪي رکيو هو، جي فائدي ۾ هئي. ان سلسلي ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن اهي سڀني جي آڏو آهن. في الحال فلسطين جو مسئلو ڄڻ ته پسمنظر ۾ هليو ويو آهي.