ايران: حڪومت جي پاليسي ۽ مزاحمت
تاريخدانن جو چوڻ آهي ته عربن لاء ايران ۽ قسطنطنيه جي فتح ان ڪري ممڪن ٿي سگھي هئي ته هڪ ڊگھي عرصي تائين پاڻ ۾ ويڙه جي ڪري ساساني ۽ بازنطيني ٻيئي عظيم سلطنتون ڪمزور پئجي ويون هيون ۽ منجھن ايتري سگھ نه هئي جو عرب صحرا جي ان طوفان کي منهن ڏيئي سگھن. ان جي باوجود ايران جي ماڻهن ۽ سندن ثقافت، تاريخ ۽ مذهب ۾ ايتري سگھ هئي جو اهي پنهنجو گھڻو ڪجھ وڃائڻ کان بچائي سگھيا. جيتوڻيڪ مصر جي هڪ پراڻي تهذيب ۽ ٻولي هئي پر اهي پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب برقرار نه رکي سگھيا ۽ عربن جي رنگ ۾ رنڱجي ويا. ان جي برعڪس ايرانين نه رڳو پنهنجي ٻولي برقرار رکي پر انهن اسلام جي مختلف پاسن تي پڻ ديرپا اثر وڌا آهن ۽ ان کي پنهنجين روايتن ۽ حالتن مطابق تبديل ڪيو آهي. اهو چيو وڃي ٿو ته اسلام ايران ۾ ڄڻ هڪ نئون جنم ورتو.
زرتشت ازم دنيا جو پهريون مذهب آهي جنهن ۾ وحدت جي ڳالھہ ڪئي ويئي هئي. دنيا جا ٽيئي وڏا مذهب، يهوديت، عيسائيت ۽ اسلام ان کان متاثر ٿيا آهن. نوروز جو ڏڻ ايران ۾ قومي ڏڻ طور ملهايو ويندو آهي ليکڪا جو چوڻ آهي ته سندس ايران ۾ قيام دوران هڪ ڀيري نوروز ۽ شيعن جو هڪ متبرڪ ڏينهن گڏ آيا. ٻنهي کي ملهائڻ جو طريقو مختلف هو. نوروز، نئين سال ۽ خوشي جو ڏهاڙو هو جڏهين ته ٻيو ڏينهن غم ۽ ماتم جو هو. ان جي باوجود گھڻن نوروز جو ڏهاڙو ملهايو جڏهين ته گھڻن اهو ڏينهن ته مذهبي لحاظ کان ملهايو پر شام نوروز جو جشن هو. هونئن به ليکڪا اهڙا مشاهدا ڪيا جڏهين ماڻهو ماتمي جلوسن ۾ شريڪ ٿي شام جو اچي شراب ۽ موسيقي جون محفلون سجائيندا هئا.
شاه پاران ايران جي ماضي جي حڪمرانن جي وارث طور انهن جي عظمت جي ساراه ۽ جشن وغيره ملهائڻ کي مذهبي عالمن پاران ننديو ۽ ان جي مخالفت ڪئي ويندي هئي. انقلاب کانپوء آيل حڪومت ان سلسلي ۾ باقاعدي عملي قدم کڻڻ شروع ڪيا ۽ خاص طور ايران جي جج صادق خلخيلي، جنهن مخالفن کي موت، ڦٽڪن ۽ ٻين سخت سزائن ڏيڻ لاء شهرت ٿي رکي، ماضي جي نشانين کي ڊاهڻ لاء هدايتون ڏيڻ شروع ڪيون. حڪومت پاران ان ڳالھہ کي يقيني ڪرڻ لاء ته ماڻهو اسلام جي ايران ۾ اچڻ کان اڳ وارا يا ايراني نالا پنهنجن ٻارن تي نه رکن باقاعدي نالن جي هڪ فهرست تيار ڪئي ويئي . نون ڄاول ٻارن جي رجسٽريشن ڪندڙ محڪمو اهڙي ڪنهن به نالي کي رد ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو ان فهرست ۾ شامل نه هوندو.
حڪمرانن جي پاليسين ماڻهن جي لاء گھڻن مسئلن کي جنم ڏنو آهي. مذهبي ٿوراين لاء معمول جي زندگي گذارڻ هڪ ڏکي ڳالھہ آهي. زرتشتين جي گھڻائي ته اڳ ئي ملڪ مان لڏي يا پنهنجو مذهب ڇڏي چڪي آهي. جڏهين ته بهائي به ڏاڍ جو شڪار آهن ۽ منجھانئن گھڻا ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.
اها حيرت جهڙي ڳالھہ آهي ته ايران جي ڳڻپ وڏن تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿي پر ان کي پنهنجي ضرورتن ۽ استعمال لاء تيل ٻاهران گھرائڻو پئي ٿو. ڪارڻ اهو آهي ته ايران ڪچو تيل پيدا ڪري ٿو جيڪو هو دنيا جي مختلف ملڪن کي موڪلي ٿو پر وٽس ان تيل جي رفائننگ جي جوڳي صلاحيت ناهي. اهڙي ريت ان صورتحال ۾ جڏهين هو دنيا جي وڏين طاقتن سان ٽڪراء ۾ هجي ۽ مٿس پابنديون به هجن ته ان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو جنهن جو سڌو سنئون اثر عام ماڻهن تي پئي ٿو. ليکڪا جي ايران ۾ هوندي حڪومت پابندين جي سخت ٿيڻ جي دپ کان تيل جي راشننگ ڪري ڇڏي هئي جنهن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ۽ هنگاما شروع ٿي ويا هئا.
پابندين ۽ خاص طور احمدي نجاد جي سخت موقف ۽ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ هٽلر پاران يهودين جي هولوڪاسٽ کي ڪوڙ سڏڻ عالمي عام رائي کي ايران لاء اڃا به وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏوگڏ نوٽ ڇاپي ماڻهن کي خوش ڪرڻ وارين معاشي پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي ۾ واڌارو ٿي ويو هو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته اوله ۾ پيشي ور ماڻهو جهڙوڪ ڊاڪٽر، پروفيسر۽ انجنيئر وغيره وچولي طبقي ۾ شمار ٿين ٿا پر ايران ۾ اهڙي ڪا ڳالھہ ناهي. مهانگائي ايتري وڌي ويئي آهي جنهن سان غريبن جو جيئڻ ته هونئن ئي جنجال آهي انهن ماڻهن کي به پنهنجين گھڻين ضرورتن کي گھٽائڻو پيو آهي ۽ پنهنجين بنيادي ضرورتن تائين محدود ٿيڻو پيو آهي. پهرين انهن مان جيڪي موڪلن لاء ڪيسپين سمنڊ جي ڪناري ويندا هئا هاڻي اهي ان ڳالھہ جا متحمل نه ٿا ٿي. سگھن. اهڙي ريت هتي وچولي طبقي ۾ رڳو رشوت خور ڪامورا، وڏا واپاري ۽ ريئل اسٽيٽ ڊيلر ئي اچي سگھن ٿا. حڪومت جو هڪ طريقو اهو به رهيو آهي ته جڏهين به ٽڪراء ۾ تيزي ايندي آهي ته ملڪ ۾ ماڻهن جي لاء آزاروڌي ويندو آهي ۽ گرفتارين ۽ سزائن سان گڏوگڏ عام زندگي پڻ ڏکي ٿي ويندي آهي. ليکڪا ٻڌائي ٿي ته اهڙي ئي هڪ موقعي تي عورتن جي لباس تي سختي شروع ٿي ويئي جنهن جي ڪري ليکڪا سميت گھڻين عورتن، جن وٽ اهڙا ڪپڙا نه هئا، ماڳيئي گھران ئي نڪرڻ ڇڏي ڏنو. هڪ اڌ ڀيري ليکڪا جڏهين پنهنجي مڙس۽ ننڍي پٽ سان گڏ هئي ته کيس احتجاج ۽ اهو ٻڌائڻ جي باوجود ته اهو لباس گھربل ضرورتن کي پورو ڪري ٿو، بيعزت ڪري گھر واپس وڃي لباس تبديل ڪرڻ لاء چيو ويو.
انهن مسئلن جي ڪري ماڻهو حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ۽ خاص طور تي لبنان ۾ حزب الله جي مدد ڪرڻ تي اعتراض اٿارين ٿا. عام تاثر اهو آهي ته حزب الله ايران جي ذيلي تنظيم آهي جيڪا لبنان ۾ ايران جي مقصدن لاء ڪم ڪري رهي آهي. ان ڳالھہ کان ايران به انڪار ڪري ٿو ۽ حزب الله به ان کي نه ٿي مڃي. ليکڪا جو خيال آهي ته ڳالھہ ان جي وچ ۾ آهي. حزب الله کي ايران جي مدد به حاصل آهي جڏهين ته ساڳي وقت اها پنهنجن گھڻن معاملن ۾ آزاد نموني به فيصلا ڪري ٿي. ليکڪا ايران جي ماڻهن جي حوالي سان چئي ٿي ته ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته حزب الله جي ان ڪري پٺڀرائي ڪئي ٿي وڃي ته جيئن ايران جي حڪومت ملڪ اندر جيڪڏهين ڪنهن بحران جو شڪار ٿئي ته اها سندس مدد لا۽ اچي. پر اهو خيال ايترو مضبوط ناهي. گھڻا اهو خيال ڏيکارين ٿا، ته فلسطين ۽ لبنان وغيره عربن جا مسئلا آهن ۽ انهن کي انهن جي حل لاء ڪوشش ڪرڻ گھرجي جڏهين ته ايران جي حڪومت کي پنهنجن ماڻهن جي مسئلن مهانگائي ۽ بيروزگاري وغيره کي ختم ڪرڻ ڏانهن توجھ ڏيڻ گھرجي ۽ پنهنجن وسيلن کي ملڪ جي ماڻهن جي ڀلائي لاء استعمال ڪرڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ اهي ايران عراق جنگ جو حوالو ڏين ٿا جڏهين عربن ايران جي خلاف صدام حسين کي هر قسم جي مدد فراهم ڪئي هئي.
اها ڳالھه ڪري سگھجي ٿي ته سختين وغيره جي باوجود ايران جي ماڻهن ۾ هڪ مزاحمت موجود آهي جنهن جي ڪري حڪومت گھڻين رعايتن ڏيڻ لاء مجبور ٿئي ٿي.