چنگيز خان ۽ مذهب ڏانهن سندس رويو
تيموجين جو پنهنجي بهادري ۽ خاندان ۾ پنهنجي مٿڀرائپ کي ثابت ڪرڻ جو پهريون عمل پنهنجي ننڍي ڀاء سان گڏجي پنهنجي ماٽيجي وڏي ڀاء کي قتل ڪرڻ هو ته جيئن خاندان تي سندس ضابطو رهي ۽ سندس حڪم هلي سگھي. ان کانپوء مختلف قبيلن سان اتحاد ۽ ويڙه وسيلي هو پنهنجي طاقت ۽ اقتدار جي دائري کي وڌائيندو ويو. ايستائين ته چيو وچي ٿو ته ان وقت ايشيا ۽ يورپ جا جيڪي ملڪ هئا اهي سڀ اٽڪل ڏيڍ سو سالن کان وڌيڪ جي عرصي تائين سندس پنهنجي ۽ سندس خاندان جي زير اثر رهيا.
هن وقت موضوع Jack Weatherfordجوهڪ ڪتاب Genghis Khan And The Quest for God آهي جيڪو ٻين ڳالھہين سان گڏ ان ڳالھه سان بحث ڪري ٿو ته چنگيز خان جو فتح ڪيل علائقن جي ماڻهن، جن جو مذهب کانئس مختلف هو، سان خاص طور تي مذهبي حوالي سان ڪهڙو ورتاء رهيو ۽ انهن جي مذهبن ڏانهن مجموعي طور سندس رويو ڇا هو. هو پاڻ بنيادي طور فطرت پرست هو ۽ سندس لاء بجائي عمارتن واري عبادتگاهن ۾ وڃڻ ۽ بتن مجسمن وغيره اڳيان مٿو ٽيڪڻ جي سج، چنڊ، وڻ،ِ جبل ۽ دريا وغيره وڌيڪ اهميت رکندا هئا. هو آخر تائين برکان کلدون جبل، جتي هن پنهنجي قبيلي وارن کان ڀڄي پناه ورتي هئي ۽ جتي هن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو، کي پوتر ۽ مقدس سمجھندو هو ۽ جڏهين به کيس ڪا ڏکيائي پيش ايندي هئي ته هو اچي جبل تي سوچ ويچار ڪندو هو ۽ پوء هيٺ اچي ماڻهن کي ٻڌائيندو هو ته کيس ڪهڙي بشارت ملي آھي ۽ هاڻي کين ڇا ڪرڻو پوندو. هو جيڪي ملڪ ۽ علائقا فتح ڪندو هو ته اتان جي ماڻهن کي چوندو هو ته اوهان جا حڪمران ۽ مذهبي اڳواڻ عياشين ۾ پورا آهن ۽ اهي جيئن ته خدا، ان جي پيغام ۽ ماڻهن سان سچا ناهن ان ڪري خدا مون کي انهن کي سزا ڏيڻ لاء موڪليو آهي ۽ انهن تي سوڀارو ڪيو آهي.
هن پنهنجي صحرا ۾ پهرين جنهن حڪمران جي اطاعت قبول ڪئي اهو عيسائي مذهب جو پوئلڳ هو پر پوء ان پاڻ ان سان بغاوت ڪري ان جي سلطنت تي قبضو ڪري ورتو. ان خاندان جي عورتن سان هن پاڻ ۽ پنهنجن پٽن جون شاديون ڪرايون ۽ اهڙي ريت عيسائيت هڪ لحاظ کان سندس خاندان ۾ داخل ٿي. پر ان نه ته سندس عقيدي کي متاثر ڪيو ۽ نه ئي هن انهن جي عقيدي ۾ مداخلت ڪئي. ساڳي ريت وچ ايشيا ۽ ايران وغيره ۾ سندس واسطو مسلمانن ۽ اسلام سان پيو. چين ان وقت مختلف رياستن ۾ ورهايل هو ۽ ان جا حڪمران عوام کان ڪٽيل هئڻ جي ڪري ڪمزور حيثيت ۾ هئا. هتي خاص طور تي مسلم گھڻائي وارن علائقن ۾ عام ماڻهن، جيڪي پنهنجن غيرمسلم حڪمرانن جي پاليسين ۽ روين مان تنگ هئا، پاران بجائي مزاحمت جي اڃا کيس مدد ملي. چين مان گھڻو ڪجھ مال ميڙڻ ۽ اتي پنهنجين حڪومتن قائم ڪرڻ کانسواءهتي چنگيز خان جو ٽن اهم عقيدن سان واسطو پيو جيڪي ٽائوازم، ٻڌازم ۽ ڪنفيوشس جو نطريو هئا.
هر مذهب جي عالمن جو اهو خيال هوندو هو ته جيئن ته سندن مذهب حق ۽ سچ جو داعي آهي ان ڪري چنگيز خان، جيڪو انهن وڏن مذهبن مان ڪنهن جو به پوئلڳ نه هو، کي پنهنجي مذهب ڏانهن آڻي سگھجي ٿو. پوپ ۽ يورپ جي مختلف ملڪن جي بادشاهن جو اهو خيال هو ته چنگيز خان ايشيا ۾ اسلام ۽ مسلمانن خلاف سندن اهم اتحادي ٿي سگھي ٿو ۽ ان مقصد لاء انهن مذهبي اڳواڻن ۽ حڪومتي عملدارن تي مشتمل مختلف وفد پڻ ڏانهس موڪليا. ساڳي ريت چين جي حوالي سان خاص طور تي ٽائو ازم ۽ ٻڌازم جا پوئلڳ ان ڪوشش ۾ هئا ته چنگيز خان کي پاڻ ڏانهن ڪري ٻئي کي مات ڪيئن ڏجي. جڏهين ته چنگيز خان جو رويو مختلف مذهبن کي سمجھڻ جو هوندو هو. ان مقصد لاء هو مختلف مذهبن جي عالمن سان ملندو هو ۽ کين بحث مباحثي وغيره ڪرڻ جو موقعو به ڏيندو هو پر ڪنهن خاص نڪته نظر ۽ عقيدي جو پاسو نه وٺندو هو. هن ڪنهن هڪ مذهب جي پوئلڳن کي ٻين تي فوقيت نه ڏني ۽ نه ئي پنهنجن فتح ڪيل علائقن ۾ ڪنهن مذهب ۽ عقيدي کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هر ڪنهن کي پنهنجي عقيدي مطابق هلڻ ۽ عمل ڪرڻ جي اجازت هوندي هئي ايستائين ته اها حڪومتي معاملن ۾ ڪنهن رڪاوٽ جو باعث نه بڻجي.
ليکڪ جو خيال آهي ته چنگيز خان جي مذهبي آزادي ۽ سهپ وارو اهو نظريو اولھه جي ملڪن ۾ آيل انقلابن ۽ اهڙن خيالن کان گھڻو اڳ جو هو. انگريز فلاسافر جان لاڪ 1669 عيسوي ۾ ڪيرولينا لاء پنهنجي آئيني تجويزن ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو جنهن جي لاء مشهور تاريخ دان ايڊورڊ گبنز جو خيال آهي ته هن اهي خيال چنگيز خان کان ورتا هئا جڏهين ته ڪتاب جي ليکڪ جو خيال آهي ته لاڪ جو نظريو مذهبي سهپ کي تقويت ڏيڻ جي بجائي اڃا ان ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿو ۽ هو هڪ خاص عقيدي جي پٺڀرائي ڪري ٿو. آمريڪي آزادي جو ابو ٿامس جيفرسن چنگيز خان ۽ سندس مذهب متعلق خيالن کان چڱي ريت واقف هو. وٽس فرانس ۾ ڇپيل چنگيز خان جي سوانح عمري جون گھڻيون ڪاپيون موجود هيون جيڪي هن پنهنجن دوستن ۽ ڌي ۾ ورهائڻ کانسواء ڪانگريس جي لائبريري ۾ پڻ رکيون هيون. ليکڪ جو خيال آهي ته آمريڪي آئين ۾ مذهبي آزادي ۽ سهپ جي حوالي سان جيڪي شقون شامل آهن ان جو هڪ ڪارڻ آمريڪي آزادي جي ابن ۽ خاص طور ٿامس جيفرسن جو چنگيز خان جي مذهب متعلق روئي ۽ خيالن مان اتساه وٺڻ پڻ هو.
ڪجھ وقت اڳ مون بي بي سي ويب سائٽ تي پڙهيو هو ته چنگيز خان جي مرڻ کانپوءِ سندس منگول سپاهي گھوڙا ڊوڙائيندا لاش کي پاڻ سان کڻي ويا ۽ پوءِ ان کي ريگستان ۾ دفن ڪرڻ کانپوء واري ۾ غائب ڪري ڇڏيائون ته جيئن قبر جو ڪو نالو نشان نه رهي ۽ اهڙي ريت ان جي بيحرمتي نه ٿي سگھي. ويب سائٽ مطابق گھڻا محقق اڃا تائين ان قبر جي ڳولها ۾ آهن پر ڪامياب نه ٿي سگھيا آهن. جڏهين ته ڪتاب جو ليکڪ اها دعوا ڪري ٿو ته اها قبر برکان کلدون جبل وٽ آهي، جتي آمريڪي صدر فريڪلن روزويلٽ جو نائب صدر لاء مقرر ڪيل اميدوار ٻي مهاڀاري جنگ هلندي 1944 ۾ لڪل خزاني جي ڳولها ۽ ان اميد سان ته ان مزار تي وڃڻ وارن جون اميدون پوريون ٿيندون آهن، ويو هو. پر هو نه رڳو خالي هٿئين موٽيو هو پر کيس پنهنجي نائب صدر واري نامزدگي کان به محروم ٿيڻو پيو هو. بهرحال ڪتاب چنگيز خان جي زندگي متعلق گھڻيون نيون ڳالھيون سامهون آڻي ٿو.