مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ذات پات جو نظام رڳو هندن تائين محدود ناهي

صدين گذرڻ کانپو۽ به ڀارت ۾ ذات پات جو مسئلو حل نه ٿي سگھيو آهي. اهو ڄڻ هڪ لحاظ کان ماڻهو جي لاشعور جو حصو بڻجي ويو آهي. ان جي تدارڪ لاء گھڻا سياستدان، سماج سڌارڪ ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ميدان ۾ آيا پر آخري نتيجي ۾ اهي پاڻ ان سڀڪجھ جو حصو بڻجي ويا. ٻڌ مت، اسلام ۽ عيسائيت انسان جي برابري جو پيغام کڻي آيا ۽ هيٺين ذات جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪيو پر اهي پاڻ کي سڌي ۽ ان سڌي ريت ان ذات پات جي لعنت کان نه بچائي سگھيا ۽ ان جو شڪار ٿي ويا. گانڌي ۽ نهرو سميت آزادي جي تحريڪ جي اهم اڳواڻن به رڳو زباني ڪلامي ان ۾ سڌارن جي ڳالھه ڪئي ٿي جڏهين ته گانڌي جو ته انهن کي هريجن يا ڀڳوان جي اولاد سڏڻ جي باوجود اهو چوڻ هوندو هو ته ڀارت جي ترقي ان ۾ ئي آهي ته هر ذات وارا پنهنجو ڪم ڪن ۽ پنهنجو ڪرم پورو ڪن. اهي سڀ ماڻهو ظاهري طرح ان جي نندا ڪرڻ ۽ ڪجھ ڏيکاء وارن ڪمن ڪرڻ جي باوجود مختلف وقتن تي پنهنجن روين ۾ ان جو اظهار ڪندا آهن. ان جون پاڙون گھڻيون گھريون آهن. بظاهر ته ان کي رڳو هندومت تائين محدود سمجھيو وڃي ٿو ۽ ٻين مذهبن ۽ نظرين جا مڃيندڙ ان جي نندا ڪن ٿا. گھٽ ذات وارن جي ٻين مذهبن کي اختيار ڪرڻ جو هڪ ڪارڻ اهو به ڄاڻايو وڃي ٿو پر اتي به انهن سان ڪو چڱو ورتاء نه ٿو ڪيو وڃي. هندو انتها پسندن پاران جتي مذهبي ٿوراين عيسائين ۽ مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ روا رکيو وڃي ٿو اتي ان کان وڌيڪ امتيازي ورتاء قبائلين، آدي واسين ۽ گھٽ ذات وارن هندن سان ڪيو وڃي ٿو جيڪو انهن جي هندو هئڻ جي ڪري گھڻو نمايان ٿي سامهون نه ٿو اچي.
ارون دتي رائي جو پهريون ناول God of Small Things The ان ڏکوئيندڙ حقيقت جي نشاندهي ڪري ٿو. اها ڏکڻ ڀارت جي رياست ڪيرالا، جتي ان وقت ڪميونسٽ پارٽي جي حڪومت هجي ٿي، جي ڪوٽايم ضلعي جي ڳوٺ ايامينم جي هڪ شامي عيسائي خاندان جي ڪهاڻي آهي. زال مڙس، ڌي پٽ ۽ گھر جي ڪجھ ٻين ڀاتين تي ٻڌل خاندان آهي. پي هڪ رٽائرڊ بدمزاج سرڪاري ڪامورو آهي جيڪو پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪري ٿو. سندس پٽ چاڪو اسڪالر شپ تي آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. اتي هڪ انگريز چوڪري سان سندس تعلق ٿئي ٿو ۽ ان سان شادي ڪري ٿو. هو هڪ ذهين شاگرد هجي ٿو پر شادي کانپوء سندس عادتن ۾ وڏو بدلاء اچي وڃي ٿو. سندس طبيعت ۾ لاپروائي اچي وڃي ٿي، پڙهائي اڌ ۾ رهجي وڃي ٿي ۽ اسڪالرشپ بند ٿي وڃي ٿي. زال کان اهي ڳالھہيون گھڻيون سٺيون نٿيون ٿين ۽ اها کانئس طلاق وٺي ٻئي همراه سان شادي ڪري ٿي ۽ هو ڀارت موٽي اچي مختلف ڪمن ڪارين سان لڳي ٿو. ڌي جي پڙهائي وغيره ۾ ڪا گھڻي دلچسپي ناهي. مائٽن کي سندس شادي جو فڪر هجي ٿو. هو پنهنجي پي جي رويي کان تنگ اچي گھر ڇڏي وڃي ٿي ۽ ڪلڪتي ۾ پنهنجي هڪ مائٽ جي گھر ۾ رهي ٿي جتي چانهن جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان سان سندس ملاقات ٿئي ٿي ۽ هو ان سان شادي ڪري ٿي. اهو همراه پنهنجين شراب پيئڻ وارين عادتن جي ڪري نوڪري تي گھڻي توجھ نه ٿو ڏئي ۽ نيٺ پنهنجي نوڪري بچائڻ لاء پنهنجي زال کي پنهنجي انگريز باس ڏانهن موڪلڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿو جيڪا ڳالھہ سندس زال کي قبول نه ٿي هجي ۽ اها کيس ڇڏي پنهنجن ٻن ٻارن پٽ ايسٿا ۽ ڌي راحيل سان گڏ پنهنجن مائٽن جي گھر هلي اچي ٿي. ماء ۽ انهن جاڙن ڀاء ڀيڻ جي زندگي کي ننڍيون ننڍيون شيون ڪيئن متاٿر ڪن ٿيون، ڪيئن هڪٻئي کان ڌار ٿي وڃن ٿا ۽ پوء هڪ ڊگھي عرصي کانپوء ملن ٿا ناول ۾ ان کي نهايت ڏکوئيندڙ انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
مون ان ناول مان جيڪو نتيجو ڪڍيو اهو ته ڏکڻ ڀارت ۾ ڪميونسٽن جي اثررسوخ جي باوجود ذات پات جو هڪ سخت نظام آهي. اهو رڳو اوچي ذات جي هندن تائين نه پر عيسائين ۽ ايستائين ته ڪميونسٽن ۾ به موجود آهي جن جي ان وقت ڪيرالا ۾ حڪومت هئي ۽ هاڻي به اهي هڪ اهم سياسي قوت آهن. گھرن جي صفائي سٿرائي، گند صاف ڪرڻ ۽ ٻيا گھٽ درجي جا ڪم ته انهن ماڻهن کان ورتا ويندا هئا پر انهن کي چيو ويندو هو ته اهي پٺي ڀر ٻهاري ڏيئي پنهنجن پيرن جا نشان به ڊاهي ڇڏين. ان ناول جي ڪري ليکڪا کي اتان جي ڪميونسٽن جي مخالفت کي پڻ منهن ڏيڻو پيو ۽ سندس خلاف احتجاج ۽ مظاهرا ڪيا ويا.
ان ماحول ۾ مڙد عورت جي پيار جا اصول به سماج جي قاعدن قانونن موجب طئي ٿيندا آهن. گھٽ ذات سان تعلق رکندڙ هڪ نوجوان ويلوٿا ان عيسائي خاندان جا سڀ ننڍا وڏا ڪم ڪري ٿو ۽ اهي پڻ سندس خيال ڪن ٿا. سندس پي جي لاء هڪ نقلي اک جو بندوبست، گھر ٺاهڻ لاء زمين ڏيڻ ۽ ويلوٿا کي گھٽ ذات وارن جي اسڪول ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ وغيره شامل هجي ٿو. هو هڪ سٺو واڍو هجي ٿو ۽ چاڪو کيس پنهنجي اچار جي ڪارخاني ۾ سپروائزر جي اهم عهدي تي مقرر ڪري ٿو. امو جا ٻار ويلوٿا جي گھڻو ويجھو هجن ٿا. هو کين مختلف رانديڪا ۽ ٻيون شيون وغيره ٺاهي ڏيئي ٿو ۽ وقت سان گڏوگڏ هو ۽ امو هڪٻئي جي ويجھو اچن ٿا. ذات پات واري سماج جي حوالي سان اها ڳالھہ نهايت خطرناڪ هجي ٿي. ايستائين ته ويلوٿا جو پيءُ اها ڳالھہ امو جي ماءُ مماچي سان ڪري ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته اوهان جا مون تي تمام گھڻا ٿورا آهن ۽ آئون پاڻ پنهنجي پٽ جو قتل ڪري کيس ان ڳالھہ جي سزا ڏيندس. ان سان گڏوگڏ ڪجھ ٻيون ڳالھہيون ٿين ٿيون. امو جي ڀاء جي زال مارگريٽ کانئس طلاق وٺڻ کانپوء جنهن همراه سان شادي ڪئي هئي ان جو هڪ حادثي ۾ انتقال ٿي وڃي ٿو ۽ چاڪو کيس پنهنجي ڌي سان ڀارت اچڻ لاء چئي ٿو ته جيئن هو ان صدمي مان نڪري سگھي. ان وقت ڪيرالا رياست ۾ پورهيتن جا پنهنجن گھرن ۽ پگھارن وغيره وڌائڻ جي حق ۾ مظاهرا ۽ جلوس وغيره هلندڙ هجن ٿا. ڪوچين ۾ ايئرپورٽ ڏانهن ويندي سندن ڪار هڪ جلوس ۾ ڦاسي پئي ٿي جتي امو جي ڌي کي سندن اچار ٺاهڻ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ ويلوٿا نظر اچي ٿو. جلوس ۾ شامل ڪو فرد امو جي پڦي جي هٿ ۾ ڳاڙهو جھنڊو ڏيئي کانئس انقلاب زنده باد جا نعرا هڻائي ٿو. هو سمجھي ٿي ته اهو سڀڪجھ ويلوٿا ڪيو هو ۽ پنهنجي ان بيعزتي کي هو وساري نه ٿي سگھي. ٻي ڳالھہ اها ٿئي ٿي ته چاڪو جي انگلينڊ مان آيل ڌي صوفي راحيل ۽ ايسٿا سان گڏ هڪ طوفاني رات ۾ دريا ۾ ٻيڙي ۾ ويندي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ ڪري ٻڏي مري وڃي ٿي جڏهين ته ٻيئي ڀاء ڀيڻ بچي وڃن ٿا.
ان صورتحال ۾ ويلوٿا ڄڻ ان سڄي ڪهاڻي جو هڪ اهم ڪردار بڻجي وڃي ٿو. پهرين ته امو جي ماء مماچي کيس پنهنجي گھر گھرائي گھڻو بيعزت ڪري ٿي ۽ پوء امو جي پڦي ٿاڻي وڃي سندس خلاف ٽنهي ٻارن جي اغواء جو ڪيس داخل ڪري ٿي جيڪي رات کان گھر مان غائب هجن ٿا. گھٽ ذات وارن نوجوانن لاء ڪميونسٽ پارٽي ۽ نڪسل باڙي خاص ڇڪ جو باعث هجن ٿا جنهن جي وسيلي هو پنهنجي لاء سماج ۾ هڪ مقام حاصل ڪري سگھن ٿا. ۽ اها ساڳي ڳالھه ويلوٿا سان به هجي ٿي. هو پارٽي جو رڪن بڻجي ٿو ۽ ڪارڊ هولڊر هجي ٿو. ان علائقي ۾ ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ پلائي پاڻ اسمبلي جي رڪن ٿيڻ لاء پارٽي جي ٽڪيٽ لاء مختلف حيلا هلائي ٿو. جڏهين ايس ايچ او کيس چئي ٿو ته ويلوٿا خلاف اها شڪايت آئي آهي ۽ هو جيڪڏهين ان خلاف ڪو قدم کڻي ٿو ته پارٽي کي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هن سمجھيو ٿي ته پارٽي جيڪڏهين ان خلاف احتجاج ڪيو ته سندس لاء مسئلا ٿي سگھن ٿا. پر پلائي کيس صاف طور اهو چئي ٿو ته ويلوٿا جو پارٽي سان ڪو واسطو ناهي ۽ اها ان معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي. ويلوٿا امو جي گھران موٽندي ڪامريڊ پلائي جي گھر وڃي ٿو ۽ کيس سڄي صورتحال کان واقف ڪندي چئي ٿو ته پارٽي ان سلسلي ۾ سندس ڪهڙي مدد ڪري سگھي ٿي. پر ڪامريڊ کيس صاف طور چئي ٿو ته جيئن ته اهو سندس ذاتي معاملو آهي ان ڪري پارٽي سندس ڪاٻه مدد نه ٿي ڪري سگھي. اهڙي ريت جيتوڻيڪ اها پڪ ٿئي ٿي ته ٻار هڪ حادثي جو شڪار ٿيا آهن ۽ چاڪو جي ڌي جو موت به ان جو نتيجو آهي، ٻار به ان ڳالھہ جي گواهي ڏين ٿا ته کين اغواء نه ڪيو ويو هو پر اهي هڪ حادثي جو شڪار ٿيا هئا. پر پوليس ان کي مقابلو ڄاڻائي ويلوٿا تي تشدد ڪري ٿي جنهن ۾ سندس موت ٿئي ٿو. ايس ايچ او امو جي پڦي بي بي ڪوچاما، جنهن ايف آئي آر درج ڪرائي هئي، کي اهو سڀڪجھ ٻڌائي ٿو ۽ کيس چئي ٿو سندس خلاف ڪوڙي ايف آئي آر لکرائڻ جي ڪري ڪيس داخل ڪري سگھجي ٿو جنهن جا سٺا نتيجا نه نڪرندا. نتيجي ۾ هو ٻارن کي سندن ماء جي نالي ۾ بليڪ ميل ڪري سندن بيان تبديل ڪرائي ٿي ۽ اهڙي ريت ويلوٿا جو قتل کين ڦٻي وڃي ٿو.
امو ۽ سندس پٽ ايسٿا کي بي بي ڪوچاما سازشون ڪري گھر مان وڃڻ تي مجبور ڪري ٿي ته جيئن ڪنهن به موقعي تي سندس ڪوڙ ۽ ڏوه ظاهر نه ٿي پئي. اهيِ ٻيئي ڌار ڌار منزلن ڏانهن هليا وڃن ٿا. امو جو تڪليفن واري زندگي گذاريندي ننڍي ڄمار ۾ انتقال ٿي وڃي ٿو جڏهين ته ايسٿا اٽڪل پندرنهن سالن کانپوء گھر موٽي اچي ٿو. ڪميونسٽ اڳواڻ پلائي جنهن ويلوٿا کي پارٽي جو رڪن ئي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو اهو سندس موت مان سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاء چاڪو جي اچار جي ڪارخاني، جتي ويلوٿا ملازم هجي ٿو، پنهنجن پارٽي جي ڪارڪنن سان سندس حق ۾ مظاهرو ڪري ٿو پر ان وچ ۾ چاڪو ڪينيڊا وڃي چڪو هجي ٿو ۽ ڪارخانو بند ٿي وڃي ٿو ۽ ڪامريڊ کي ڪجھ حاصل نه ٿو ٿئي.
ناول ساڳي وقت انساني رشتن جي بي ثباتي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته پيار به سماجي اصولن ۽ قانونن جي تابع هوندو آهي. انهن جي خلاف ورزي ڪندڙ سزا جو مستحق هوندو آهي. ساڳي ريت اهو به ته وڏن نظرين جي هام هڻندڙ به پنهنجي اندر ۾ انهن ڳالھين جي پوئواري ڪندي نظر ايندا آهن جن جي خلاف اهي بظاهر جدوجهد جي دعوا ڪندا آهن.