نجيب محفوظ جا ناول
سادات جيتوڻيڪ 1973 جي اسرائيل سان جنگ بظاهر کٽي ويو هو ۽ اسرائيل کان 1967 جي جنگ ۾ وڃايل گھڻا علائقا به مصر کي واپس ملي ويا هئا پر سندس اسرائيل ۽ آمريڪا سان دوستي ۽ ناصر جي عوام جي فائدي وارين معاشي پاليسين ۾ تبديلي ماڻهن ۾ سندس لاء هڪ مخالفت کي جنم ڏنو هو. هي ناول هن صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. چار ماڻهن جو هڪ خاندان آهي جيڪي ٽن نسلن جي نمائندگي ڪن ٿا، هڪ ڏاڏو، سندس پٽ ۽ ننهن ۽ پوٽو. هو سوچي ٿو ته اڳ زندگي ڪيتري سهل ۽ آسان هونڌي هئي جڏهين ته ملڪ ۾ آيل تبديلين کانپوء مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي. کيس پينشن به ملي ٿي ۽ خاندان جا باقي ٽي فرد به نوڪري ڪن ٿا پر پوء به گذارو ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. ڪرپشن ۽ بدعنواني هڪ معمول آهي ۽ ان کانسواء گذارو ڪرڻ ڏکيو آهي.
ناول جو مرڪزي ڪردار نوجوان پوٽو آهي جيڪو ان عمارت جي هڪ ٻئي فليٽ ۾ رهندڙ هڪ چوڪري سان محبت ڪري ٿو. ٻيئي ساڳي دفتر ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ سندن مائٽ سندن اصرار تي سندن مڱڻو به ڪري ڇڏين ٿا. پر هڪ ڊگھي عرصي گذرڻ کانپوء به اهي پاڻ کي ان لائق نه ٿا سمجھن ته پنهنجي لاء ڪو ڌار گھر ۽ ٻيو سامان وغيره وٺي شادي ڪري سگھن. ويجھڙائي ۾ اهڙو ڪو امڪان نظر به نه ٿو اچي. ڇوڪري جي عمر وڌڻ جي ڪري مائٽن جو مٿس ان رشتي کي ختم ڪرڻ ۽ ٻئي هنڌ شادي ڪرڻ لاء دٻاء وڌنڌو ٿو وڃي. سندن افسر ڇوڪري ۾ دلچسپي رکي ٿو ۽ ان رشتي جي ختم ٿيڻ سان هو ان کي شادي لاء چئي ٿو جنهن جي لاء هو پاڻ ۽ سندس مائٽ راضي ٿي وڃن ٿا. ٻئي پاسي ان افسر جي بيوه پر شاهوڪار ڀيڻ ان ڇوڪري ۾ دلچسپي وٺي ٿي ۽ ان کي پنهنجي ويجھو آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي.
شادي ٿيڻ کانپوء اهو ظاهر ٿئي ٿو ته افسر جا ان ۾ پنهنجا مفاد هجن ٿا ۽ هو ان ڇوڪري کي پنهنجن واپاري ۽ مالي فائدن لاء مالدار ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن کي سندس موجودگي ۽ غيرموجودگي ۾ خوش ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا ڳالھہ ان ڇوڪري کي قبول نه ٿي هجي ۽ هو پنهنجي هني مون ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ان کان طلاق وٺي پنهنجي مائٽن جي گھر اچي وڃي ٿي. ٻئي پاسي هو ڇوڪرو بيوه ڀيڻ جي ويجھو ٿيڻ لڳي ٿو پر نئين صورتحال کيس پنهنجي محبوبا جي ويجھو آڻي ٿي ۽ اهي وري پراڻن ناتن کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
ان دوران هڪ قومي ڏينهن جي موقعي تي ملڪ جو صدر فوج جي سلامي وٺڻ لاء اچي ٿو. اها سڄي ڪاروائي ملڪ جي ٻين ماڻهن سان گڏ ڇوڪرو به ريڊيو تي ٻڌي رهيو هجي ٿو. ٿوري وقت کانپوء ٽرانسميشن ۾ گڙبڙ پيدا ٿئي ٿي، قومي نغما ۽ تلاوت شروع ٿي وڃي ٿي. صدر متعلق متۡضاد خبرون اچڻ شروع ٿين ٿيون. ڪڏهين چيو وڃي ٿو ته هو معمولي زخمي ٿيو آهي ڪڏهين ڪجھ وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. هڪ هوٽل ۾ اهي سڀ خبرون ٻڌنڌي هو اتان اٿي ٻاهر گھر وڃڻ لاء نڪري ٿو جتي اوچتو هو پاڻ کي ان بيوه ڀيڻ جي گھر سامهون ڏسي ٿو جتي ان افسر جي گاڏي بيٺي هجي ٿي. هو گھر اندر وڃي ٿو ۽ افسر سان سندس جھيڙو ٿئي ٿو جنهن ۾ اهو افسر فوت ٿي وڃي ٿو. ڀيڻ کيس چئي ٿي ته هو کيس قتل جي الزام کان اهو چئي بچائي سگھي ٿي ته کيس اڳ ئي دل جي بيماري هئي ۽ هو ان ڪارڻ مئو آهي. پر هو ان ڳالھہ کي نه ٿو مڃي ۽ پاڻ کي قانون حوالي ڪري ٿو جتي کيس جيل جي سزا اچي ٿي. ان تي ڏاڏي کي ڏک ته ٿئي ٿو پر سوچي ٿو ته ممڪن آهي جيل ۾ هو نوان هنر ۽ نيون ڳالھيون سکي جيڪي پوء اڳتي هلي کيس ڪم اچن.
ناول هڪ خاص دور ۾ عام ماڻهن جي اڻ تڻ، انهن جي مسئلن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري ٿو. ناول نگار اهڙي ريت ڄڻ ته ڪنهن خاص سياسي ڌر سان لاڳاپيل نه هئڻ جي باوجود به پنهنجن ماڻهن سان لاڳاپيل آهي.
***
مصرجو نوبل انعام يافته ناول نگار نجيب محفوظ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. عمر جو ڳچ حصو سرڪاري نوڪري ۾ گذارڻ جي باوجود سندس ڪم ڄڻ رڳو لکڻ پڙهڻ ئي رهيو. سندس جڳ مشهور CAIRO TRIOLOGY کانسواء ٻيا ڪيئي شاهڪار ناول مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿي پڙهندڙن جي توجھ جو مرڪز رهيا آهن. اهي ناول گھڻي ڀاڱي مصر ۽ خاص طور تي قاهره جي زندگي سان واسطو رکن ٿا. تازو سندس ناول Midac Alley يا ميداڪ گھٽي پڙهڻ جو موقعو مليو. هو ڇهن سالن جي عمر ۾ ئي پنهنجي خاندان سان قاهره جي پراڻي علائقي مان يورپي علائقي ۾ منتقل ٿي ويو ھو ۽ اتي ئي برطانوي اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪئي هئي. پر هي ناول قاهره جي پراڻي علائقي جي هڪ پاڙي، ان جي ماڻهن ۽ ان جي رنگا رنگ زندگي متعلق آهي.
ٻين مهاڀاري جنگ جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول ان دور جي مسئلن کي ظاهر ڪري ٿو جڏهين ماڻهو بمباري کان بچاء لاء بچاه گھرن يا شيلٽرن ۾ پناه وٺندا هئا. انهن ۾ ٻار، ٻڍا، جوان عورتون ۽ مڙد سڀيئي شامل هوندا هئا ۽ روايتي اخلاقيات ڄڻ ته پسمنظر ۾ هلي ويئي هئي. هن ناول ۾ ڪو هڪ شخص هيرو ۽ هيروئن يا ولين ڪونهي پر مختلف ڪردار آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي انداز سان زندگي گذارين ٿا ۽ سندن پنهنجون خواهشون آهن. مثال طور حميده لاء عباس جي محبت جو ان کان وڌيڪ ڪو ڪارج ناهي ته هو پنهنجي زندگي کي بهتر بڻائي. جيتوڻيڪ عباس ان کي هڪ بهتر زندگي ڏيڻ لاء برطانوي فوج جي نوڪري اختيار ڪري ٿو پرِ جڏهين حميده ۽ سندس ماء کي ڪمپني جي سيٺ، جيڪو پنهنجي زال مان مطمئن ناهي ۽ کيس ان جو پورائو حميده جي جواني ۽ سونهن ۾ نظر اچي ٿو، جي صورت ۾ هڪ بهتر آپشن ملي ٿو ته اهي عباس کي ڇڏڻ لاء تيار ٿي وڃن ٿيون ان جي باوجود ته هو عمر ۾ کانئس گھڻو وڏو آهي. جڏهين اهو معاملو نه ٿو ٺهي ته هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاء ڌنڌو ڪرڻ لاء به تيار ٿي وڃي ٿي. ساڳي وقت سندس ماء جنهن ان کي رڳو پاليو آهي اها به ان لاڙي جي شڪار آهي. اهڙي ريت ان ئي پاڙي جي هڪ گھر ۾ رهندڙ زيٽا جو ڪردار آهي جيڪو ماڻهن کي سندن مرضي موجب معذور بڻائي ٿو ته جيئن اهي پنڻ جهڙا ٿي سگھن. ساڳي ريت ڊاڪٽر بوشي آهي جيڪو نقلي ڏندن جو ڪم ڪري ٿو ۽ زيٽا سان گڏ هڪ مڙدي جا سونا ڏند چورائڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو. عباس جنهن تي سچي محبت جو ڀوت سوار آهي ۽ پراڻين قدرن جو علمبردار آهي اهو آخر ۾ حميده جي عاشقن هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ زندگي جيئن جو تيئن هلندي رهي ٿي.