اورنگزيب ۽ مغل سلطنت جو زوال
تازو اورنگزيب جي حوالي سان ليکڪا AUDREY TRUSCHKE جو ڇپيل هڪ نئون ڪتاب ‘AURANGZEB- THE MAN AND THE MYTH’ ان سڄي ڳالھه کي هڪ نئين طريقي سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش آهي. سندس چوڻ آهي ته اورنگزيب کي جديد دور جي جمهرريت، انساني حقن ۽ مذهبي رواداري وغيره جي معيارن تي پرکڻ بجائي اهو ضروري آهي ته کيس پنهنجي دور جي معيارن ۽ مغل روايتن وغيره جي حوالي سان پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اورنگزيب تي پنهنجن ڀائرن کي قتل ڪرڻ ۽ پنهنجي پي کي قيد ڪرڻ جو الزام آهي. ڏٺو وڃي ته اها وچ ايشيا جي حڪمرانن جي هڪ روايت هئي ته خاندان ۾ جيڪي به مڙد هوندا اهي تخت جي وراثت واري ڊوڙ ۾ شامل هوندا جڏهين ته اڪبر ان کي رڳو پٽن تائين محدود ڪيو پر اهو به رڳو وڏي پٽ لاء نه پر سڀني پٽن لاء هو. ان حوالي سان جيستائين وراثت جي ڍوڙ ۾ شامل ڀائرن کي قتل ڪرڻ جو سوال آهي ته اها روايت مغلن ۾ شروع کان رهندي اچي. شاهجان پنهنجن ڀائرن خسرو ۽ شهريار کي قتل ڪرايو جڏهين ته اهي ساڳيون ڳالھہيون جهانگير ۽ همايون لاء به ڪيون وڃن ٿيون. چيو وڃي ٿو ته جڏهين دارا شڪوه کي قتل ڪرڻ کان اڳ اورنگزيب جي سامهون آندو ويو ته هن کانئس پڇيو ته فرض ڪر ته اسان ٻنهي جو ڪردار بدليل هجي ها ته تون مون سان ڪهڙو ورتاء ڪرين ها ته دارا، جنهن کي پنهنجو انجام سجھيو پئي، کيس جواب ڏنو هو ته آئون تنهنجا چار ٽڪر ڪري دهلي جي چئني دروازن تي ٽنگي ڇڏيان ها. جڏهين ته دارا کي قتل ڪرڻ کان پوء سندس مڙه کي همايون جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. جيستائين پنهنجي پي شاهجان کي قيد ڪرڻ جو سوال هو ته ان ڳالھہ کي روايتن جي ابتڙ ۽ غير مذهبي ڪري ليکيو ويو.ان ڳالھه جي مخالفت ڪرڻ تي هن پنهنجي وڏي قاضي کي پنهنجي عهدي تان هٽائي حج تي موڪلي ڇڏيو ته ترڪي جي حڪمران ۽ شريف مڪي پاران اوستائين جيستائين شاهجان حيات هو اورنگزيب کي هڪ غاصب حڪمران سمجھي ان جي حڪومت کي تسليم نه ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته اهو ڏوه ۽ گناه جو احساس مرڻ گھڙي تائين اورنگزيب سان رهيو.
پنهنجي شروعاتي زندگي ۾ اورنگزيب موسيقي جو شوقين رهيو هو. پنهنجي جواني ۾ هو ناچڻي ۽ ڳائڻي هيرا ڀائي جي عشق ۾ وٺجي ويو هو ۽ ان لاء پنهنجو سڀڪجھ ڇڏڻ لاء تيار ٿي ويو هو پر هيرا ڀائي سال جي اندر گذاري ويئي. پوء هن اهي شوق ختم ڪري ڇڏيا. مذهب سان سندس واسطو اوستائين هو جيستائين اهو سندس حڪمراني ۽ دنياوي معاملن ۾ رڪاوٽ نه ٿي بڻيو. اهڙا گھڻا مثال آهن جتي هن پنهنجي سياست ۽ حڪمراني کي اوليت ڏيندي مذهبي احڪامن کي هڪ پاسي رکي ڇڏيو. بخارا جي هڪ مسلم، جيڪو 1680 جي ڏهاڪي جي آخر ڌاري مغلن جي نوڪري ۾ آيو هو، بادشاه کي درخواست ڏني ته دربار ۾ موجود ايراني جيئن ته سني نه پر شيعه هئا ان ڪري انهن کي ترقيون نه ڏنيون وڃن. ان تي بادشاه کيس جواب ڏنو ته دنياوي معاملن جو مذهب سان ڪهڙو واسطو آهي؟ ۽ انتظامي معاملن کي تفرقي بازي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته اوهان لاء اوهان جو دين آهي ۽ منهنجي لاء منهنجو.
اورنگزيب کان اڳ مغل انتظاميا ۾ هندن جو تناسب ٻاويھه سيڪڙو هو جيڪو سندس اقتدار جي پهرئين ڏهاڪي ۾ گھٽجي ايڪويه سيڪڙو ٿي ويو پر پوء وارن سالن ۾ اهو وڌي ايڪٽيھه سيڪڙو ٿي ويوهو. جيستائين مندرن کي ڊاهڻ جو سوال آهي ته سڄي هندوستان ۾ ان وقت به هزارين مندر هئا جڏهين ته اورنگزيب جي ڊاٿل مندرن جو تعداد مشڪل سان ڪجھ ڊرجنن ۾ آهي. بنارس ۽ ماٿورا ۾ مندرن کي ڊاهڻ جو ڪارڻ بنيادي طور سياسي هو. ڇاڪاڻ ته اورنگزيب کي اهو شڪ هو ته هتي سندس حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء سازشون ٿيون هيون. ساڳي ريت سندس اهڙن ڪجھ حڪمن تي عمل به نه ٿيندو هو ۽ جنهن جي کيس ڄاڻ به نه پوندي هئي جيئن سومناٿ جي سلسلي ۾ ٿيو. ان مندر کي اورنگزيب پاران ڊاهڻ جو حڪم ڏنو ويو هو پر ان کي نه ڊاٿو ويو ۽ اهو پنهنجي جاء تي موجود رهيو. جيستائين هولي جي ڏڻ تي جشن ملهائڻ تي پابندي وجھڻ جو سوال هو ته هن ساڳي وقت عيد ۽ محرم وغيره جي جلوسن تي به پابنديون مڙهيون هيون. مذهبي کان وڌيڪ ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته انهن موقعن تي مختلف هٿيار بند گروه شهرن ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا هئا جنهن جي ڪري گھڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيندو هو..
ڏکڻ هندوستان کي فتح ڪرڻ ۽ پنهنجي سلطنت جو حصو ٺاهڻ هميشه کان معلن جو خواب رهيو هو جنهن کي اورنگزيب اچي پورو ڪيو. هن پنهنجي حڪمراني جي ڪجھ سالن کانپوء ئي دهلي کي ڇڏي ڏکڻ کي ئي پنهنجو مرڪز ٺاهيو ۽ پنهنجي حڪمراني جو باقي عرصو هتي ئي جنگن ۽ مخلتف علائقن کي فتح ڪندي گذاريو. سندس ان قدم دهلي کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيو. ان جي شان ۽ شوڪت ختم ٿي ويئي ۽ آبادي گھٽجي ويئي. هتي اورنگزيب جي سياست جي مذهب کان مٿانهين هئڻ جو ثبوت ان ڳالھہ مان به ملي ٿو ته گولڪنڊه ۽ بيجا پور ڏکڻ جون ٻه اهم مسلم رياستون هيون پر اورنگزيب انهن کي ڪابه رعايت ڏيڻ لاء تيار نه هو ۽ ڊگھن محاصرن ۽ جنگين کان پوء نيٺ انهن کي آڻ مڃڻ تي مجبور ڪيائين.
اورنگزيب اٽڪل اوڻونجاه سال هندوستان تي حڪومت ڪئي جيڪو کانئس اڳ آيل ڪنهن به مغل باسشاه کان وڌيڪ عرصو آهي. اڄ جو اٽڪل سڄو انڊو پاڪ سندس سلطنت جو حصو هو.پر ان سڄي عرصي ۾ کيس سڪون ۽ آرام جو هڪ لمحو به نصيب نه ٿيو. اهو سڄو وقت هن خاص طور ڏکڻ ۾ جنگين ۽ مرهٽن ۽ ٻين مختلف گروهن سان وڙهندي گذاريو. پنهنجي آخري عمر ۾ کيس ان ڳالھه جو احساس هو ۽ مختلف ماڻهن ڏانهن لکيل خطن ۾ هو ان ڳالھہ جو اظهار ڪندو هو ته هن پنهنجي سڄي زندگي ضائع ڪئي هئي ۽ پنهنجي مالڪ ڏانهن هو هڪ اجنبي جي صورت ۾ نيٺ ڪهڙو منهن کڻي ويندو.
1707 عيسوي ۾ اورنگزيب جي وفات کان پوء مغل سلطنت وکرجڻ شروع ٿي ويئي. هڪ پاسي معمول موجب تخت لاء شهزادن ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويئي ۽ ٻئي پاسي مرهٽن ۽ ٻين مختلف سردارن پنهنجي خودمختياري جو اعلان ڪري ڇڏيو. شهزادن مان ڪنهن ۾ به ايتري اهليت نه هئي ته هو ان عظيم سلطنت جي بار کي کڻي سگھي. اورنگزيب جي وفات کانپوء تيرنهن سالن ۾ پنج بادشاه تخت تي ويٺا جڏهين ته کانئس اڳ جي چار بادشاهن ڏيڍ سو سال حڪومت ڪئي هئي. ان جو هڪ ڪارڻ ته اهو هو ته سلطنت جي گھڻي ڦهلاء، لاڳيتي جنگين ۽ بادشاه جي وڏي عمر جي ڪري ڪامورا ۽ سردار وڌيڪ مضبوط ٿي ويا هئا ۽ خزانو خالي ٿي ويو هو. ٻي اهم ڳالھہ اها هئي ته اورنگزيب پنهنجن پٽن جي نه آئندي جي بادشاهن طور تربيت ڪئي هئي ۽ نه ئي انهن کي جوڳي اهميت ڏني هئي. بلڪ پٽن جي بجائي هو پوٽن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. ائين به ٿيندو هو ته سندس حڪم تي يا ان کانسواء ئي فوجي سردار شهزادن کي گرفتار ڪندا هئا ۽ انهن کي بيعزت ڪندا هئا.
ايران جي نادر شاه جي ان سڄي صورتحال مان فائدو حاصل ڪرڻ ، ڪيترن ڏينهن تائين دهلي جي ڦرمار ڪرڻ ۽ محمد شاه کي هڪ يرغمالي طور رکڻ وغيره باقي ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. اورنگزيب جي وفات جي پنجاه سالن جي اندر مغل سلطنت جو جاه و جلال ختم ٿي ويو ۽ 1750 کان پوء ايسٽ انڊيا ڪمپني اڳ ۾ ئي ڪمزور ٿيل مغلن کي سندن بادشاهت جي باقي رهيل سهيل نشانين جهڙوڪ زمينن جي ملڪيت، فوج ۽ ڍل گڏ ڪرڻ جي اهليت کان به آهستي آهستي محروم ڪرڻ شروع ڪيو. نوبت ايستائين اچي پهتي ته اڪبرشاه ٻيون ڄڻ ته هڪ جيئرو عجائب گھر بڻجي ويو جيڪو پرڏيهي ملاقاتين کان ملڻ جا پئسا وٺندو هو ته جيئن سندس گذر بسر ٿي سگھي. نيٺ 1857 جي جنگ آزادي کان پوء انگريزن ان سڄي معاملي کي ختم ڪري آخري نالي ماتر بادشاه بهادر شاه ظفر کي برما جلاوطن ڪري ڇڏيو.
جيتوڻيڪ اورنگزيب مرڻ کان پوء پنهنجي لاء ڪنهن وڏي مقبري ۽ جاه و جلال کي پسند نه ڪيو ۽ هڪ صوفي جي مزار ۾ معمولي قبر ۾ دفن ٿيو پر ان ڳالھہ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس پاليسين جي ڪري عظيم مغل سلطنت ٿوري ئي وقت ۾ وکرجي ويئي ۽ ان جا بادشاه ڄڻ محتاج ۽ فقير بڻجي ويا.