مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

جنسي حراس ۽ مزاحمت

عورتن سان زندگي جي هر شعبي ۾ امتيازي ورتاء ڪرڻ هڪ عام ڳالھہ آهي. مردن کان گھٽ پگھار۽ کين رڳو تعليم ۽ صحت وغيره جهڙن شعبن تائين محدود ڪرڻ جو عمل گھڻن ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. اهم ڳالھه اها آهي ته عورت کي رڳو سندس پي، ڀائر، مڙس ۽ پٽ ئي پنهنجي ملڪيت نه ٿا سمجھن پر جتي هو ڪم ڪري ٿي اتي به سندس باس کان وٺي ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ مٿس پنهنجو حق سمجھن ٿا. عورتن جي گھڻائي پنهنجين مجبورين جي ڪري ان سڀڪجھ کي خاموشي سان برداشت ڪري ٿي ۽ ٻڙڪ ٻاهر نٿي ڪڍي. پر ڪي سڀني رڪاوٽن جي باوجود ان ناانصافي خلاف اٿي کڙي ٿين ٿيون.
جنسي طور حراس ڪرڻ جو معاملو ڪنهن هڪ ملڪ ۽ ڪنهن خاص سماج تائين محدود ناهي. اهو به ضروري ناهي ته ان جو واسطو ماڻهن جي ڪنهن خاص طبقي ۽ انهن جي تعليم وغيره سان هجي. ايستائين ته اهو معاملو اقتدار جي ايوانن ۽ وائٽ هائوس تائين وڃي پهچي ٿو.
ان سلسلي ۾ اهم ڳالھہ اها آهي ته مڙد کي نه رڳو هڪ اهم حيثيت حاصل آهي ۽ عورت پوء ڀلي اها رشتي ناتي ۾ ان سان لاڳاپيل نه به هجي ان جي ملڪيت سمجھي وڃي ٿي. عورت سان ڪنهن به زيادتي کي هڪ معمول جي ڳالھہ سمجھيو وڃي ٿو ۽ نه رڳو ان کي ثابت ڪرڻ عورت جو ڪم هوندو آهي پر جيڪڏهين اها ثابت ٿي به وڃي ٿو ته گھڻو ڪري ان جو ڏوهي ان عورت کي ئي قرار ڏنو ويندو آهي.
ڊاڪٽر فوزيه سعيد پاڪستان جي هڪ ناليواري سماجي ڪارڪن، عورتن جي حقن لاء وڙهندڙ ۽ ليکڪا آهي. پشاور سان واسطو رکندڙ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ تعليم ورتل فوزيه سعيد جڏهين پاڻ سان ٿيل اهڙي وارتا جو داستان ٻڌائي ٿي ته واقعي حيرت ٿئي ٿي ۽ ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. خاص طور جڏهين اهو سڀڪجھ گڏيل قومن جي ترقياتي اداري UNDP ۾ اسلام آباد ۾ نوڪري دوران ساڻس ٿئي ٿو. عام طور ٿيندو ائين آهي ته لڄ ۽ ڳالھہ ظاهر ٿيڻ جي ڊپ جي ڪري گھڻيون عورتون چاهيندي به اهو سڀڪجھ ظاهر نه ڪنديون آهن جنهن جو فائدو ان خاص مرد کي ئي ملندو آهي. ان اداري ۾ به مختلف ملڪن جون سورنهن کن اهڙيون عورتون موجود هيون جن سان اها سڄي وارتا ٿي چڪي هئي پر مجبورين جي ڪري اهي خاموش هيون. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر فوزيه سعيد جهڙين عورتن جي همت گھڻين اهڙين عورتن کي حوصلو ڏنو.
سندس ڪتاب Working with Sharks ان حوالي سان هڪ دستاويز آهي جنهن ۾ هڪ بين الاقوامي اداري جي خاص طور عورتن سان ٿيندڙ ورتاء کي وائکو ڪيو ويو آهي. ان اداري ۾ سندس ڪم ڪرڻ جو هڪ مقصد ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ انهن کي مختلف سهولتون پهچائڻ هو جيڪا ساڳي وقت ان اداري جي به ايجنڊا آهي. اها ڳالھہ ته مٿس اداري ۾ شامل ٿيڻ سان ئي واضح ٿي وڃي ٿي ته ان اداري جي بيهڪ به ڪنهن رضاڪارانه ڪم کان وڌيڪ ڪامورا شاهي واري طريقه ڪار تي ٻڌل هئي. ان ڪري نوڪري ۾ رهڻ ۽ فائدن حاصل ڪرڻ لاء صاحب سان ٺهي هلڻ ۽ ان کي راضي رکڻ ضروري هو.
هن سماج ۾ نوڪري ڪندڙ عورت لاءِ عام طور اهو سمجھيو ويندو آهي ته سندس ڪردار خراب آهي ۽ کيس پنهنجن مقصدن لاء استعمال ڪري سگھجي ٿو. پنهنجي ان سوچ جي تحت سندس باس طارق خان پاران پيشرفت ڪئي وڃي ٿي پر کيس ڪاميابي نه ٿي ٿئي. هو ماٺ ڪري نه ٿو ويهي ۽ نوان طريقا استعمال ڪري ٿو.ِ روزبروز سندس رويو وڌيڪ جارحاڻو ٿيندو وڃي ٿو. گھر تي فون ڪرڻ، فحش قسم جا اشارا ڪرڻ ۽ آفيس جي معاملن ۾ تنگ ڪرڻ هڪ معمول بڻجي وڃي ٿو. هو نه رڳو اهو سڀڪجھ سهي ٿي پر ان جي مزاحمت ڪري ٿي ۽ پنهنجي نوڪري به ڪندي رهي ٿي. اهو سڀڪجھ رڳو ساڻس نه پر اداري ۾ ڪم ڪندڙ ٻين عورتن سان به ساڳيو ورتاء ٿئي ٿو. فحش اشارا ۽ تبصرا ڪرڻ ۽ گھرن تي فون ڪرڻ وغيره ان ۾ شامل هجن ٿا. هو سمجھي ٿي ته اهو هڪ بين الاقوامي ادارو آهي ان وٽ عورتن کي حراس ڪرڻ جي تدارڪ جي حوالي سان ضرور ڪو طريقه ڪار هوندو. کيس جڏهين ملڪ ۾ اهو سڀڪجھ نه ٿو ملي سگھي ته هو اداري جي هيڊ ڪوارٽر ۾ طارق خان جي وڏن افسرن سان رابطي ۾ اچي ٿي. پهرين ته کيس اهو جواب ملي ٿو ته اداري جي قاعدن قانونن ۾ اهڙو ڪو طريقه ڪار موجود ناهي. پر جڏهين هو کوجنا ڪري ٿي ۽ سڄي ريڪارڊ جو جائزو وٺي ٿي ته کيس خبر پئي ٿي ته گھڻو اڳ جو ٺهيل اداري جو اهڙو قانون موجود آهي پر گھڻن آفيسرن کي ان جي ڄاڻ نه هئي.
ساڳي وقت هو اهو پڻ محسوس ڪري ٿي ته ٻين ملڪن ۽ هيڊڪوارٽر ۾ ويٺل آفيسرن کي سندس باس طارق خان خوش ڪندو رهندو آهي ۽ ان جا انهن سان سٺا ناتا آهن. ان ڪري اهي آفيسر به طارق خان کي ناراض ڪرڻ نه پيا چاهين. هڪ آفيسر ته کيس ايستائين چئي ٿو ته توهان پاڪستان جي عورتن سان گھرن، دفترن ۽ بازارن ۾ اهڙو سلوڪ ٿيڻ ته هڪ عام ڳالھه آهي ان ڪري جيڪڏهين توسان ائين ٿيو آهي ته ان ۾ ڪهڙي خاص ڳالھه آهي.
پر هو ماٺ ڪري نه ويٺي. اداري جون يارنهن عورتون ان معاملي ۾ ساڻس گڏ بيهڻ لاء تيار هجن ٿيون. اهو معاملو 2001 ۾ هڪ قومي مسئلي جي طور سامهون آيو. انهن عورتن پارليامان جي مختلف ميمبرن ۽ ٻين اهم ماڻهن سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن ان مسئلي جي قومي سطح تي تدارڪ لاء ڪي جوڳا قدم کڻي سگھجن. سالن جي جدوجهد کانپوء پارليامان 2010 ۾ عورتن جي جنسي طور حراس ڪرڻ جي خلاف قانون منظور ڪيو ۽ وزيراعطم پاران 22 دسمبر، جنهن تاريخ تي 1997 ۾ پهرين اها شڪايت داخل ڪئي ويئي هئي، کي قومي سطح تي نوڪري پيشه عورتن جي ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو.
عورتن جي جدوجهد جي حوالي سان اها هڪ وڏي ڪاميابي هئي جيڪا تڏهين ئي ممڪن ٿي سگھي جڏهين هن محسوس ڪيو ته هو اها ويڙه اڪيلي سر نه ٿي وڙهي سگھي. اهو هڪ اجتماعي مسئلو آهي ۽ هو ٻين سان گڏجي ان جي حل لاء ڪوششون ڪري سگھي ٿي.
ظاهر ڳالھه آهي ته اهو انت نه هو. پاڪستان جي سماج ۾ عورتن جا مسئلا نهايت گنڀير ۽ منجھيل آهن ۽ انهن جي حل لاء نه رڳو لاڳيتي جدوجهد پر ساڳي وقت ان کي سماج جي ٻين طبقن سان گڏي هلائڻ جي به ضرورت آهي.