مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

جنگ، جدوجهد ۽ آدرش

پاڪستان جي قبائلي علائقن کي آزاد علائقا ڪري ليکيو ويندو آهي جتي ملڪي قانون جي بجائي قبائل جوپنهنجو روايتي قانون، پختون والي، هلندو آهي. انهن علائقن متعلق اهو تاثر عام آهي ته هتي غير قانوني هٿيارن، منشيات ۽ ٻين شين جو ڪاروبار عام جام ٿيندو آهي ۽ گھڻا ڏوهاري ملڪي قانون کان ڀڄي هتي اچي پناه وٺندا آهن جيڪا ڳالھہ پنهنجي ليکي هڪ حقيقت پڻ آهي ۽ مون پاڻ انهن مان گھڻين ڳالھين جو مشاهدو به ڪيو آهي. اهڙي ريت اهو سمجھيو ويندو آهي ته هتان جي ماڻهن جي زندگي آسان ۽ آزاد آهي ۽ مٿن رياست پاران ڪي خاص بندشون ناهن. پر حقيقت ۾ ائين ناهي. اهي علائقا گھڻي ڀاڱي افغانستان جي سرحد سان گڏ آهن. انگريز پاران انهن کي افغانستان کان ڌار ڪرڻ ۽ هڪ بفر قائم ڪرڻ جو مقصد ئي پنهنجي هندوستان جي سلطنت کي روس ۽ اتر کان ايندڙ ٻين حملي آورن کان محفوظ ڪرڻ هو. ٻي ڳالھه ته جيئن انهن علائقن ۾ ٻاهرين مداخلت خلاف هڪ لاڳيتي مزاحمت موجود هئي ان ڪري هتي فوج جي مستقل موجودگي ۽ ان جو ضابطو رياست جي اشد ضرورت هئي. اهڙي ريت اهي علائقا ڄڻ ته هڪ مستقل جنگ ۽ مزاحمت جي ڪيفيت ۾ رهندا آيا آهن. انگريز جي وڃڻ کانپوء ان جي وارث رياست پاڪستان ۾ به انهن علائقن جي ساڳي حيثيت رهي آهي ۽ ان ۾ ڪا تبديلي نه اچي سگھي آهي.
اهي ماڻهو انتظامي ۽ سياسي لحاظ کان باقي ملڪ کان ڌار رهيا آهن. ووٽ ڏيڻ جو اختيار به ملڪن جي هڪ مراعات يافتا طبقي وٽ رهيو آهي ۽ عام ماڻهو کي رڳو هاڻي اهو حق ملي سگھيو آهي. اهڙي ريت سماجي لحاظ کان به انهن علائقن جي ماڻهن کي ڌار ۽ اوپرو ڪري ليکيو ويندو آهي. اهڙا ماڻهو جن جي هٿ ۾ بندوق هجي ۽ جن کي گولي هلائڻ، ماڻهن کي اغواء ڪرڻ ۽ انهن کي مارڻ کانسواء ٻيو ڪم نه هجي. جڏهين ته حقيقت ۾ ائين ناهي. سندن ويجھي وڃڻ سان اها خبر پئي ٿي ته اهي به اسان جهڙا ئي انسان آهن. ساڻن هر معاملي ۾ هڪ امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو آهي. زندگي جون عام سهولتون جيڪي ملڪ جي ٻين ماڻهن لاء هڪ معمول جي ڳالھہ آهن انهن ماڻهن لاء مراعات مثل آهن. افغان جنگ ۽ دهشت گردي خلاف جنگ ۾ اهو سوال وري وري سامهون آيوآهي ته انهن علائقن ۾ دهشت گردي جو وڏو ڪارڻ انهن علائقن جي عام ماڻهن جون محروميون آهن جن هتي سڄي روايتي ڍانچي کي تهس نهس ڪري مقامي ۽ ٻاهرين ويڙهاڪن کي قدم ڄمائڻ جو موقعو ڏنو آهي. ان ڪري ان کي منهن ڏيڻ لاء انهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ضروري آهي. ان سلسلي ۾ مختلف ملڪن ۽ عالمي ادارن سان گڏجي مختلف رٿائون جوڙيون ويون آهن پر هن وقت سڄي علائقي ۾ عدم استحڪام جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ ان تي عملدرآمد هڪ ڏکي ڳالھه آهي.
جنگ زده ماحول ۾ رهندڙ ماڻهن جي زندگي معمول موجب ۽ نارمل ناهي هوندي. جيڪڏهين اهو سو ٻه سو سالن تي ڦهليل هڪ ڊگھو عرصو هجي ۽ ڪيترين نسلن رڳو هٿيارن، ويڙه، دشمن، سزائن، ڌارين سپاهين، شڪ ۽ نارمل زندگي جي ڳولا ۾ پنهنجي زندگي گذاري هجي، ٻاهرين دنيا سان سندن لاڳاپو نه رڳو ڪٽيل هجي پر اتي سندن تصور هڪ ويڙهاڪ، دهشت گرد، وحشي ۽ سماج دشمن جو هجي ته ان زندگي جو ٻاهر ويٺل ماڻهو رڳو تصورئي ڪري سگھي ٿو. ڏٺو وڃي ته دنيا جي سڀني عام ماڻهن جي ڏک سک ۽ خوشي ۽ غم جا جذبا ۽ احساس ساڳيا هوندا آهن پر منجھن سڌي رابطي نه هئڻ ۽ مخصوص مفادن پاران سندن هڪ خاص تصوير پيش ڪرڻ ڪري ماڻهن ۾ نه رڳو ويڇا پيدا ٿي پوندا آهن پر اهي ڄڻ اڻ ڏٺي هڪٻئي جا دشمن ٿي پوندا آهن. اها ساڳي صورتحال قبائلي علائقن جي ماڻهن سان به آهي. اڳ انتظاميا جي اجازت سان ٻاهرئين ماڻهو جو انهن علائقن ۾ وڃڻ ۽ اتان جي ماڻهن سان ملڻ ڪنهن حد تائين ممڪن هو پر هن وقت جيڪا صورتحال آهي ان ۾ ان ڳالھہ جو امڪان نهايت گھٽ ۽ اٽڪل نه هئڻ برابر آهي. اٽڪل ٽن ڏهاڪن کان افغانستان جي جيڪا صورتحال آهي ان هتان جي ماڻهن جي زندگي کي منتشر ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت اهي ڄڻ ٻن بلائن جي وات ۾ آهن. هڪ پاسي طالبان ۽ ٻيا مذهبي انتها پسند آهن جيڪي هڪ پاسي افغانستان ۾ پرڏيهي فوجن سان وڙهي رهيا آهن ۽ قبائلي علائقن کي پنهنجي پناهگاه طور استعمال ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي پاسي پاڪستان ۾ دهشت گرد ڪاروايون ڪري هتان جي عوام خلاف جنگ ۾ رڌل آهن. فوج پاران مختلف وقتن تي انهن خلاف آپريشن ٿيندا رهيا آهن. پر انهن ڪارواين ۽ آپريشنن جو وڏو نقصان پڻ هتان جي عام ماڻهن کي ئي کڻڻو پوندو آهي جن جو انهن ڪارواين سان پري جو به واسطو ناهي هوندو. اتر وزيرستان ۾ موجوده آپريشن ۽ ان جي نتيجي ۾ اٽڪل اٺ لک کن ماڻهن جي لڏ پلاڻ ۽ در بدر ٿيڻ ان سلسلي ۾ ڪو پهريون واقعو ناهي. سوات کي سيٽلڊ ايريا هئڻ ڪري کڻي ان ۾ شامل نه به ڪجي پوء به ان کان اڳ ڏکڻ وزيرستان ۽ ٻين قبائلي علائقن ۾ ساڳي نموني جي صورتحال پيش اچي چڪي آهي ۽ ماڻهن کي وڏي پئماني تي پنهنجن گھرن کي ڇڏڻو ۽ لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي آهي. انهن حالتن ۾ سماجي المئي جي ڄاڻ ان وقت ئي پئجي سگھي ٿي جڏهين اهو ڏسجي ته اتان جا ماڻهو ڪيئن زندگي گذاري رهيا آهن، سندن مسئلن جي نوعيت ڇا آهي ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن.
جنگ ڄڻ سندن زندگي جي مختلف پاسن کي لڪائي ڇڏيو آهي ۽ ان تي حاوي ٿي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ ادب جو هڪ اهم ڪردار آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ٻاهرين حقيقتن سان گڏوگڏ ماڻهن جي احساسن، جذبن ، خوشين ۽ ڏکن جي پڻ عڪاسي ڪري ٿو. پر ان سلسلي ۾ انهن علائقن جي زندگي ڏانهن گھٽ ئي ڌيان ڏنو ويو آهي. هتي اهڙا موضوع آهن جيڪي ملڪ جي ٻين حصن جي موضوعن کان مختلف آهن ۽ اهڙي ريت ليکڪ کي سندس لکڻين لاء هڪ وڏو ميدان مهيا ڪري ڏين ٿا.
دي شيڊو آف دي ڪريسنٽ مون فاطمه ڀٽوجو پهريون ناول آهي. ان ناول جو مرڪز اتر وزيرستان جو شهر ميرعلي ۽ اتان جا ماڻهو آهن. اهڙو شهرجتي جي جبلن ۾ ٻيو ڪو گاه نه ٿو ٿئي ۽ مذهب خودرو جھنگلي گلن وانگر شهر۾ گھڙي آيو آهيِ. اهڙو شهر جتي هر ڪنهن کي احتياط سان پنهنجي مسجد جي چونڊ ڪرڻي پئي ٿي ۽ گھر جا سڀ ڀاتي هڪ مسجد ۾ گڏ نماز ادا ڪرڻ جو جوکم نه ٿا کڻي سگھن. ناول جو مرڪز عنايت محسود جو گھر آهي جتي هو پنهنجي زال زينب ۽ ٽن پٽن امان ارم، سڪندر ۽ حيات سان گڏ رهي ٿو. سڄو ناول ان تاثر تي ٻڌل آهي ته مير علي جا رياست سان ناتا نارمل ناهن ۽ اهي پنهنجي ليکي هڪ آزاد زندگي گذارڻ چاهين ٿا جنهن جي لاء اهي نسلن کان جدوجهد ڪري ۽ قربانيون ڏيئي رهيا آهن. رياستي ادارن پاران ان کي سندن افغانستان سان گڏجڻ جي خواهش ڪري ورتو وڃي ٿو پر ڪردارن پاران مير علي جي آزادي تي زور ڏيڻ کانسواء اهڙو ڪو اظهار نه ٿو ڪيو وڃي. عنايت محسود ۽ سندس دوست گزن آفريدي ان سڄي جدوجهد جو حصو رهن ٿا ۽ پنهنجي جواني جبلن تي وڙهندي گذارين ٿا. گزن آفريدي اوچتو هڪ ڏينهن پنهنجي موٽر سائيڪل تي غائب ٿي وڃي ٿو ۽ پوء موٽي نه ٿو. عنايت پنهنجي وڏي پٽ امان ارم، جيڪو هونئن ساڻس گھمڻ ڦرڻ ۽ سير سپاٽن وغيره جهڙين سرگرمين ۾ گڏ رهي ٿو، جي بجائي پنهنجي ننڍي پٽ حيات کي پنهنجي جدوجهد جو وارث سمجھي ٿو ۽ ان کي پنهنجي جدوجهد ۽ پنهنجي ماضي جو رازدان بڻائي ٿو. ٻئي پاسي گزن آفريدي جي غائب ٿيڻ کانپوء سندس ڌي سمارا سندس ورثي ۽ آدرشن کي سنڀالي ٿي ۽ ان جي امين بڻجي ٿي.
ان دوران مير علي جي زندگي ۽ ماحول ۾ گھڻيون تبديليون واقع ٿين ٿيون. خاص طور وزيرستان ۾ آپريشن جي ڪري مختلف علائقن جا ماڻهو لڏي اچي شهر جي پسگردائي ۾ جبلن تي رهن ٿا. جيئن ته انهن ماڻهن وٽ وڃائڻ لاء ڪجھ نه ٿو هجي ان ڪري انهن کي انهن ماڻهن سان شامل ٿيڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي ٿئي جيڪي جبلن ۾ رهن ٿا ۽ هڪ خاص مذهبي ايجنڊا تحت رياست خلاف وڙهي رهيا آهن. انهن ماڻهن جو مير علي جي زندگي ۽ ان جي طور طريقن تي اثر پوڻ هڪ لازمي عنصر ٿي پئي ٿو.
رياست پاران ماڻهن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻ لاء طاقت سان گڏوگڏ لوڀ، لالچ ۽ ٻيا مختلف طريقا استعمال ڪيا ويندا آهن. اهو سڀڪجھ ميرعلي ۾ به ڪيو وڃي ٿو ۽ اتي ماڻهن جي مزاحمت ۽ جدوجهد کي طاقت وسيلي ضابطي ۾ رکڻ سان گڏوگڏ ٻيا مختلف طريقا به استعمال ڪيا وڃن ٿا ته جيئن اها جدوجهد جيڪا ايستائين نسل در نسل منتقل ٿيندي آئي آهي ان کي ايندڙ نسل تائين منتقل ٿيڻ کان روڪي سگھجي يا ان کي مڏو ڪري بي اثر بڻائي ڇڏجي. رياست پاران ان عمل کي اڳتي وڌائڻ لاء هتان جي نوجوانن جي وڏي تعداد کي سرڪاري نوڪرين ۽ خاص طور تي فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. عنايت جو گھر ۽ ان جا پٽ ڄڻ انهن تبديلين جو هڪ نمونو آهن. امان ارم مير علي جي زندگي ۽ ان جي پابندين، اڌ رات جو گھرن تي ڇاپن، شهر ۾ جاء جاء تي چڪاسي ۽ جاسوسن جي نوس نوس مان بيزارآهي ۽ ڪنهن به ريت هتان نڪرڻ جي طريقن متعلق سوچي ٿو. سندس لاء ميرعلي لاء جدوجهد هڪ ثانوي شي آهي. هو ڪوشش ڪري آمريڪا ۾ ڪم ڪرڻ ۽ پڙهڻ لاء ويزا حاصل ڪري ٿو پرمٿس شرط اهو ٿولاڳو ڪيو وڃي ته هو ميرعلي جي ڪمانڊر، جيڪو کيس ويزا ڏيارڻ جي عمل ۾ شامل ٿو هجي، کي علائقي جي صورتحال کان آگاه ڪندو رهندو. آمريڪا پهچي هو نهايت پابندي ۽ فرمانبرداري سان اهو ڪم ڪري ٿو ۽ فون تي کيس پنهنجي گھر ۽ پنهنجي محبوبا سمارا کان جيڪا معلومات ملي ٿي اها ان مهل ئي ڪمانڊر تائين پهچائي ٿو. ڇاڪاڻ ته کيس اها ڄاڻ ٿي هجي ته ان سلسلي ۾ غفلت ڪندڙن کي نه رڳو سندن سڻڀين نوڪرين تان محروم ٿيڻو پيو آهي پر ميرعلي موٽڻ تي سندن حياتي ايڏي ڏکي ٿي ويئي آهي جو نيٺ کين آپگھات ۾ ئي پناه ڳولڻي پئي آهي. هو ان سلسلي ۾ پاڻ کي هر حد تائين وڃڻ لاء تيار سمجھي ٿو. ايستائين ته جڏهين سندس محبوبا سمارا، جنهن کي هو روز آمريڪا مان فون ڪري ننڍ مان جاڳائيندو هو ۽ جنهن کي هو چئي ويو هو ته آمريڪا سندس لاء وڃي رهيو هو، جڏهين کيس پنهنجي اغواء، ٽارچر ۽ بيعزتي متعلق ٻقائي ٿي ته هو نه رڳو فون بند ڪري ڇڏي ٿو پر آئنده سندس فون جو جواب ڏيڻ به گوارا نه ٿو ڪري. ان جي ڀيٽ ۾ حيات پنهنجي پي ۽ کانئس اڳ جي نسلن جي يادگيرين جو وارث آهي. هو ميرعلي لاء ٿيندڙ جدوجهد جو هڪ حصو آهي. هو ئي هجي ٿو جيڪو سمارا کي سهارو ڏيئي کيس وري نه رڳو تحريڪ سان جوڙي پر ان جو اهم حصو بڻائي ٿو ۽ ايستائين ته کيس پاڻ به سمارا جي ماتحت ڪم ڪرڻ ۾ ڪو عار محسوس نه ٿو ٿئي. پر ڪي ڳالھيون اهڙيون ٿين ٿيون جيڪي کيس اڻ تڻ ۾ وجھي تحريڪ کان پري ٿيڻ لاء سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون. اسپتال تي ويڙهاڪن جي حملي ۾ سندس ڀائيٽو زالان مري وڃي ٿو جنهن جي ڪري سندس ڀاڄائي مينا نفسياتي مريض ٿي پئي ٿي ۽ کيس هر مارجي ويل شخص ۾ پنهنجو پٽ نظر اچي ٿو. ساڳي ريت اسڪول بس تي حملي ۾ ڪيئي ٻار مارجي وڃن ٿا. هو جڏهين پنهنجي تنظيم ۾ اهي سوال اٿاري ٿو ته کيس جواب ملي ٿو ته اها جنگ آهي ۽ ان ۾ سڀڪجھ جائز آهي. پر هو ان جواب سان مطمئن نه ٿو ٿئي ۽ سندس ذهن ۾ اڻ تڻ ۽ بيچيني رهي ٿي. ساڳي وقت جڏهين سندس ڀاء امان ارم آمريڪا مان موٽي ٿو ته سندس مقصد اهو ئي هجي ٿو ته پنهنجي خاندان ۽ خاص طور پنهنجن ڀائرن ۾ ميرعلي جي ماحول کان ٻاهر نڪرڻ لاء هڪ اتساه پيدا ڪجي. حيات اهو سوچڻ شروع ٿو ڪري ته جنهن ماضي لاء هو وڙهي رهيو آهي اها سندس پنهنجي چونڊ ناهي پراها مٿس مڙهي ويئي آهي ۽ کيس اهو موقعو نه ڏنو ويو ته هو پنهنجي مستقبل جي چونڊ ڪري سگھي ها. هو پنهنجي تنظيم جي ڪارواين متعلق اڻ تڻ جو شڪار آهي.هڪ وڏي ڪاروائي، جنهن ۾ صوبي جي وڏي وزير کي نشانو بنائڻو آهي، جي رٿابندي وقت هو سمارا، جيڪا ان جي اڳواڻي ڪري رهي آهي، کي مختلف وقتن تي اهو چئي ان کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان سان سڀڪجھ بدلجي ويندو. سندس مراد ان ڪاروائي ۾ شامل ماڻهن جي خاندانن سان هجي ٿي جن کي پوء ان ڪاروائي جي نتيجن کي ڀوڳڻو پوندو، تارچر سهڻو پوندو ۽ پنهنجن گهرن کي ڇڏڻو پوندو. پر هو سمارا، جنهن وٽ هڪ ڀيرو ٽارچر ۽ بيعزتي جي عمل مان گذرڻ کان پوء هاڻي وڃائڻ لاء ڪجھ به نه ٿو هجي ۽ جنهن جي لاء ست ڪلاڪ ٽارچر ڪئمپ ۾ گذارڻ کانپوء اتي وڌيڪ وقت گذارڻ به هاڻي ڪو مسئلو نه هو، کي ڪنهن به ريت قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي. ڪاروائي جي عين وقت تي جڏهين آپگھاتي بمبار، ناصر، ٽي وي ڪئميرا مين جي ويس ۾ وڏي وزير جي انتهائي حفاظتي حصار ۾ داخل ٿي وڃي ٿو ۽ کيس رڳو سمارا جي فون جو انتظار هجي ٿوته حيات پنهنجي ڀاء امان ارم سان گڏجي سمارا کي دوکي سان ڪرنل جي حوالي ڪري پاڻ غائب ٿي وڃي ٿو.
امان ارم ۽ حيات انهن تبديلين جا نمائندا آهن جيڪي رياست جي حڪمت عملي ۽ نين ايجادن جي ڪري واقع ٿي رهيون آهن. نئين نسل جا آدرش بدلجي ويا آهن ۽ اهي ناهن رهيا جيڪي سندن ابن ڏاڏن جا هئا ۽ اهي سون تي سيڻ مٽائڻ لاء تيار آهن. سمارا ڄڻ پراڻي نسل جي آخري باقيات ۽ انهن جي آدرش جي امين آهي. اها هڪ اهڙو آدرش آهي جنهن کي اهي ٻيئي ڀائر، جن جي لاء عملي زندگي ۽ سندن انفرادي مستقبل ئي سڀڪجھ آهي، گڏجي ختم ڪري ڇڏين ٿا.
آدرشن جو ختم ٿيڻ هونئن ئي اڄوڪي دور جو اهڙو الميو آهي جيڪو اٽڪل سڀني علائقن ۽ ملڪن جي ماڻهن سان لاڳاپيل آهي جنهن ماڻهن جي اجتماعي جدوجهد کي پسمنظر ۾ وجھي انفرادي ۽ ذاتي مقصدن کي اتم بڻائي ڇڏيو آهي. ناول ان ترئجدي تي ئي پورو ٿئي ٿو ۽ پڙهندڙ کي سوڄڻ لاء گھڻو ڪجھ ڏئي وڃي ٿو.