حشو ڪيولراماڻي: ڪجھ سوال
حشو جو تعلق ڀريا ضلعي نوابشاه جي هڪ سکئي خاندان سان هو. سندس پي کيس آئي سي ايس افسر ٿيڻ لاء لندن موڪليو هو. پر هو اتي به آزادي پسندن سان لاڳاپي ۾ رهيو ۽ پنهنجي پي جي خواهش پوري ڪرڻ کانسواء سنڌ اچي هندوستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو. هو سنڌ جي گھڻن ڏاهن ماڻهن جي ويجھو رهيو ۽ انهن مان گھڻن جي تربيت به ڪيائين. علامه آئي آئي قاضي سندس دوست هو. ابراهيم جوئي جي هو ويجھو رهيو جڏهين ته سوڀي، اياز ۽ ايستائين ته جي ايم سيد جي تربيت ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اياز پاڻ چئي ٿو ته هو جيڪي ڪجھ به آهي اهو حشو جي ڪري آهي ۽ جي ايم سيد به ان ڳالھہ جو اقرار ڪري ٿو ته حشو جي ڪري ئي هو قوم پرست نظرئي کي صحيح نموني سمجھي سگھيو. حشو سيد جي ڪتاب نئين سنڌ لاء جدوجهد جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. اهو سيد جو انگريزي ۾ پهريون ڪتاب هو. ان کانسواء دهلي وڃڻ کانپوءِ هن اتان مختلف سنڌي ڪهاڻين جو ڳٽڪو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ڇپايو هو. ڀارت وڃڻ کانپوء هو هندوستان اسٽينڊرڊ ۾ پاڪستان اڪسريڊ جي عنوان سان ڪالم لکندو هو جنهن متعلق سندس گھڻن پاڪستان جي دوستن جو چوڻ هو ته هو پنهنجي ڪالم ۾ اهڙيون ڳالھہيون لکي ٿو جن جي اسان کي به خبر نه هوندي آهي. پر ڪنهن جو ماتحت ٿي نوڪري ڪرڻ حشو جي طبيعت ۾ نه هو. حشو لاء چيو وڃي ٿو ته ڪرشنا مينن، جيڪو ان وقت نهرو جي ڪابينا ۾ پرڏيهي وزير هو، سندس دوست هو. ساڳي وقت نهرو خاندان سان به سندس ويجھا ناتا هئا. ڪرشنا مينن جي چوڻ تي نهرو حشو کي پاڪستان ۾ سفير ٿيڻ لاء چيو پر هن ان ڪري ان کان معذرت ڪئي ته هن ڪنهن به سرڪار جي ماتحت رهي ڪم ڪرڻ نه ٿي چاهيو. حشو سنڌي کي ڀارت جي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ هو ته بجائي ٽوڙ ڦوڙ ۽ هل هنگامي جي اهو ڪم مٺ محبت سان ڪرڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ هن هڪ انوکو ۽ منفرد طريقو اختيار ڪيو. ان وقت جڏهين ٻولي جي بل تي پارليامان ۾ بحث ۽ ووٽنگ ٿيڻي هئي هن پنهنجي پٽ گل کي ڪراچي حلوي جون ٽڪيون ڏيئي ٻاهر بيهاري ڇڏيو ۽ جيئن ميمبر ايندا ويا تيئن کين حلوي جي ٽڪي ڏيئي اهو چوندو ويو ته سنڌ جي سوکڙي سان منهن مٺو ڪيو ۽ اميد ته اوهان سنڌي ٻولي جي حق ۾ ووٽ ڏيندا. ِ
اهو واقعي هڪ الميو آهي ته ايڏي وڏي ۽ ذهين ماڻهو متعلق جنهن جا سنڌ جا وڏا نالي وارا اديب ۽ ليکڪ دوست ۽ شاگرد هجن، رڳو مٿاڇري معلومات آهي. ان سلسلي ۾ سوڀو جو هڪ مختصر ليک آهي جڏهين ته اياز لاڳيتو حشو جو مختلف جاين تي ذڪر ڪندو رهيو ۽ اهو چوندو رهيو ته هو حشو تي هڪ ڪتاب لکڻ چاهي ٿو پر هو آخر تائين ائين نه ڪري سگھيو. ان سلسلي ۾ مدد علي سنڌي ڪوشش ڪري مختلف ذريعن کان معلومات گڏ ڪري ڪتاب حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت جي عنوان سان آندو آهي جيڪو هڪ ساراه جوڳو ڪم آهي.
حشو کي جڏهين جيل مان برنس گارڊن ڪراچي ۾ سندس فليٽ تي آندو ويو هو ته اتي ان وقت اياز پنهنجي زال سان گڏ رهيل هو. حشو ان وقت رڳو هڪ گلدستو اياز جي زال کان ورتو ءَ کيس چيائين ته آئون ڀارت پيو وڃان، اياز کي چئجان ته هي فليٽ ۽ هن ۾ جيڪي ڪجھ آهي اهو هاڻي کيس آيو. اياز کان پوء جڏهين حشو جي ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري متعلق پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو سندس سکر وڃڻ کانپوء اهو فليٽ سندس دوست مونس وٽ هو ۽ هن اهي سڀ ڪتاب وڪڻي ڇڏيا. اها ڳالھہ واضح ناهي ته ان فليٽ جو ڇا ٿيو. جيڪڏهين ان کي وڪرو ڪيو ويو ته ڇا اهي ۽ ڪتابن جي وڪري مان آيل پئسا حشو، جيڪو ڀارت ۾ سخت مالي بحران جو شڪار هو، کي موڪيا ويا يا نه.
شايد ڪجھ گھر جي مسئلن جي ڪري حشو ذهني طور نارمل نه رهيو هو. هن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ دهلي کان بمبئي اچي ويو هو. هتي نه وٽس رهڻ جو ڪو مستقل ٺڪاڻو هو ۽ نه گذاري لاء ڪي مالي ذريعا هئا. هو فٽ پاٿن، ريلوي پليٽ فارمن ۽ شمشام گھاٽن تي رات گذاريندو هو ۽ سڄو ڏينهن بمبئي جي سڙڪن تي هلندو رهندو هو. دوستن کان پنج ڏه روپيا وٺي يا بکن تي گذارو ڪندو هو. گھڻا کانئس لنوائيندا هئا ۽ کيس پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. سندس زندگي جي آخري رات جڏهين هو ڪنهن دوست سان ملي نڪتو هو بمبئي ۾ سخت مينهن پئجي رهيو هو. ان کانپوء هو ڪنهن کي نظرنه آيو ۽ نه ئي سندس ڪنهن سان ملاقات ٿي. سندس متعلق مختلف انومان ظاهر ڪيا وڃن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته هو مينهن ۾ ڪنهن برساتي نالي وغيره ۾ لڙي ويو جڏهين ته ڪن جو خيال آهي ته جيئن ته ان وقت وٽس ڪجھ پئسا هئا ان ڪري ممڪن آهي ته شمشان گھاٽ جي سنڀال ڪندڙ ان لالچ ۾ کيس ماري لاش کي ساڙي ڇڏيو هجي. ان سلسلي ۾ جوڳي ڪوشش نه ڪئي ويئي. هند ۽ سنڌ جا اديب رڳو ان ڳالھہ ۾ دلچسپي وٺن ها ته سنڌ جي هن قابل ۽ ذهين پٽ جي جيڪڏهين لاش نه به ملي ها ته به گھٽ ۾ گھٽ سندس مرڻ جي ڪارڻ جي خبر پئجي وڃي ها ته گھڻن کي اطمينان ۽ سڪون ملي ها. پر ائين نه ٿي سگھيو.
ڏٺو وڃي ته هند جي سنڌين جي ايتري مالي ۽ سياسي پهچ هئي ته اهي حشو جي سرڪاري يا خانگي لحاظ کان جوڳي مدد ڪري سگھيا ٿي. سندس علاج، ڪنهن ٺڪاڻي جو بندوبست ۽ مالي مدد سندن پهچ کان ٻاهر نه هئي. پر ائين نه ٿي سگھيو ۽ اهو شخص بي يار و مددگار ۽ لاوارث ٿي خاص طور تي سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن ۽ خاص طور انهن ماڻهن لاء جيڪي حشو جي دوستي ۽ ساڻس قربت جون دعوائون ڪن ٿا گھڻا سوال ڇڏي ويو جن جا جواب شايد نه ملي سگھن.