مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

طاھر بن جلون جو ناول رخصت

رخصت مراڪش جي فرانسيسي ۾ لکندڙ ليکڪ طاهر جلون جو ناول آهي جنهن کي عمر ميمڻ انگريزي مان اڙدو ۾ ترجمو ڪيو آهي. هي ناول مراڪش جي شهر طنجه جي ماڻهن جي زندگي جي حوالي سان آهي. ان شهر ۽ اسپين ۾ اٺن ڏهن ڪلوميٽر جو سامونڊي فاصلو حائل آهي. هتي ماڻهن جي زندگي اهڙي ئي آهي جهڙي عام طور تي ٽين دنيا جي ملڪن جي ماڻھن جي هوندي آهي. انهن وٽ نه ته روزگار آهي، نه عزت آهي ۽ نه ئي سياسي آزادي ۽ ٻيون شهري سهولتون آهن. نوجوان نشي ۽ ڏوهن ۾ ورتل ۽ ملڪ مان ڪنهن به صورت ۾ نڪرڻ لاء آتا هوندا آهن. طنجه نه رڳو مراڪش پر آفريقا جي مختلف ملڪن جي ماڻهن لاء ڄڻ اسپين، يورپ ۽ اهڙي ريت نئين زندگي جو دروازو آهي. جيئن هن وقت اهو اڪثر ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ اچي ٿو ته ليبيا، مراڪش ۽ الجزائر جي ملڪن مان سمنڊ جي رستي يورپ جي مختلف ملڪن ڏانهن ويندڙ ماڻهن جون ٻيڙيون اونڌيون ٿي وڃن ٿيون ۽ گھڻا سمنڊ ۾ ٻڏي مري وڃن ٿا جڏهين ته گھڻن کي جيڪي ٻئي ڪناري تي پهچن ٿا انهن ملڪن جا محافظ وري پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻي ڇڏين ٿا. ساڳي صورتحال طنجه ۾ به آهي. نشي جو ڪاروبار ڪندڙ ۽ انساني اسمگلر گھڻن ماڻهن کي يورپ ۾ بهتر زندگي جا ڏٽا ڏيئي کانئن وڏيون رقمون وٺي کين ٻيڙين ۾ ٻئي ڪناري پهچائڻ جا واعدا ڪن ٿا. پر انهن مان ڪي ٿورا ئي پنهنجي منزل تائين پهچي سگھن ٿا. اتي کين جنهن صورتحال کي منهن ڏيڻو پئي ٿو ۽ جيڪا زندگي گذارڻي پئي ٿي اها هڪ ڌار ڪهاڻي آهي. ساڳي وقت مذهبي انتها پسند تنظيمون پڻ نوجوانن جي برين واشنگ ڪري کين پنهنجن مقصدن لاء ڀرتي ڪرڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
هن ناول ۾ گھڻا ڪردار آهن. مک ڪردارن ۾ هڪ نوجوان عازل، سندس ڀيڻ ڪنزه ۽ سندن ماء آهي. عازل پڙهيل ڳڙهيل پر بيروزگار آهي. سندس هڪ سوٽ انساني اسمگلرن ذريعي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي ڪري پنهنجي زندگي وڃائي چڪو هو. انهن اسمگلرن سان سندس جھيڙو رهي ٿو. هڪ ڀيري اهڙي ئي هڪ جھيڙي ۾ ميگيل نالي اسپين جو هڪ همراه کيس انهن کان ڇڏائي پاڻ سان وٺي وڃي ٿو. ميگيل هم جنس پرست هجي ٿو ۽ کيس عازل ۾ ان لاء گھڻي ڇڪ محسوس ٿئي ٿي. هو عازل کي قانوني طور ڪاغذ وغيره ٺهرائي اسپين وٺي وڃي ٿو ۽ ساڳي وقت سندس خاندان جي مدد ڪرڻ لاء سندس ڀيڻ سان شادي به ڪري ٿو ۽ ان مقصد لاء مسلمان به ٿئي ٿو. جڏهين ته عازل جي لاء ميگيل سان گڏ رهڻ رڳو هڪ مجبوري هجي ٿي ۽ هو ميگيل جي ناراضگي ۽ منع ڪرڻ جي باوجود عورتن سان پنهنجن ناتن کي جاري رکي ٿو. ميگيل پاران هر سهولت ملڻ جي باوجود هو ڄڻ کانئس نفرت ڪري ٿو ۽ چورين ۽ ٻئي هر طريقي سان کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ميگيل نيٺ تنگ اچي کيس گھر مان ڪڍي ڇڏي ٿو. هو مراڪش جي انهن ماڻهن سان گڏجي وڃي ٿو جيڪي اسپين ۾ غيرقانوني طور رهي منشيات وغيره جو ڌنڌو ڪن ٿا. سندس جنسي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي. ساڳي وقت مذهبي تنظيمن جا ماڻهو به ساڻس لاڳاپي ۾ اچن ٿا. پوليس جي هڪ ڇاپي ۾ رهائش جي ڪاغذن نامڪمل هئڻ ڪري هو گرفتار ٿئي ٿو. پوليس کي هو پنهنجي آزادي لاء مذهبي تنظيمن لاء جاسوسي ڪرڻ ۽ مخبر ٿيڻ جي آڇ ڪري ٿو. ان ڪم جي نتيجي ۾ هو اخوان جي ڪارڪنن هٿان هڪ ڏينهن قتل ٿي وڃي ٿو.
ناول ڄڻ پاڪستان ۽ ٻئي ڪنهن اهڙي ملڪ جي ماڻهن جي ڪهاڻي آهي جيڪي پنهنجي ملڪ جي معاشي ۽ سماجي حالتن مان مطمئن نه ٿيندي ٻين خوشحال ملڪن ڏانهن وڃڻ لاء ڪوششون وٺن ٿا ۽ نتيجي ۾ انساني اسمگلرن جي هٿان ڦرجن به ٿا، تڪليفون به سهن ٿا ۽ گھڻا پنهنجي جان تان به هٿ کڻن ٿا. اهو واقعي هڪ الميو آهي جڏهين پنهنجي ڌرتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن لاء تنگ ٿي وڃي ۽ انهن کي لوڌي ڄڻ ته خلا ۾ اڇلائي ڇڏي جتي اهي ڀٽڪندا رهن ٿا.