مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڌرتي جي ڌوڙ: فرانس ۽ فاشزم

ڌرتي جي ڌوڙ Scum of the Earth آرٿر ڪوئسلر جي ٻين مهاڀاري جنگ وقت فرانس جي قيد ۾ رهڻ ۽ اتان ڀڄي مختلف ملڪن مان ٿيندو انگلينڊ پهچڻ جو احوال ۽ ڊائري آهي.
ڪوئسلر جو واسطو هنگري سان آهي پر هو انگريزي ٻولي جي ليکڪ ۽ صحافي طور سڃاتو وڃي ٿو. سندس طبيعت ۾ هڪ بيچيني ۽ انفراديت هئي. سندس تعلق هڪ يهودي خاندان سان هو. ڪجھ عرصو صيهونين سان فلسطين ۾ گذاريائين پر انهن مان مطمئن نه هوندي پيرس اچي ويو. 1931 ۾ جرمن ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. ست سالن کانپوءِ اسٽالن جي پارٽي ۽ فوج ۾ پنهنجن مخالفن خلاف ڪاروائي جي ڪري مايوس ٿي پارٽي ڇڏي ڏنائين. سندس چوڻ هو ته يورپ جي ڪميونسٽن وٽ به اسٽيج جي جادوگر جيان کيسي ۾ مختلف ڪبوتر پيل آهن. جڏهين به سوويت پاليسي ۾ ڪا تبديلي اچي ٿي ته اهي ان ڳالھه کان قطع نظر ته اها اڳ اختيار ڪيل موقف جي بلڪل ابتڙ آهي فورن کيسي مان ٻيو ڪبوتر ڪڍن ٿا ۽ ان تبديلي جي حق ۾ نوان دليل گھڙين ٿا. اسٽالن ۽ هٽلر جي ٺاه سندس مايوسي ۾ اڃا واڌارو ڪيو. سوويت يونين جنهن کي فاشزم خلاف هڪ اهم ڪردار ادا ڪرڻو هو ان جو هٽلر جي فاشزم سان گڏجي وڃڻ فاشسٽ مخالف قوتن لاء هڪ وڏو صدمو هو.
هي جيتوڻيڪ سال جا ڇھه مهينا فرانس ۽ ڇھه مهينا انگلينڊ ۾ گذاريندو هو پر هو ساڳي وقت اسپين ۾ جرنل فرانڪو خلاف وڙهندڙ انٽرنيشنل بريگيڊ جو پڻ حصو هو. اتي کيس گرفتار ڪري موت جي سزا ڏني ويئي هئي ۽ هو اتان ڪنهن ريت فرار ٿي ويو هو. ٻين مهاڀاري جنگ جي شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ هو ڏکڻ فرانس ۾ هو. اتان جڏهين هو پيرس پهچي ٿو ته سندس مالڪ مڪان کيس ٻڌائي ٿي ته پوليس سندس پڇا ڪرڻ آئي هئي ۽ بهتر آهي ته هو فوري طور هتان هليو وڃي. هو سوچي ٿو ته هاڻي جڏهين هو ڪميونسٽ پارٽي ڇڏي چڪو هو ۽ ڪنهن حڪومت مخالف سياسي سرگرمي ۾ به ملوث نه هو ته پوء پوليس سندس پويان ڇو هئي. هو اهو فيصلو ڪري ٿو ته بجائي ڀڄڻ ۽ لڪڻ جي پاڻ پوليس سان رابطي ۾ اچجي. پوليس پاران کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس خلاف ڪجھ به ناهي ۽ هو بي فڪر ٿي وڃي. بهرحال هو ان ڳالھه لاء تيار هجي ٿو ته کيس اوچتو گرفتار ڪيو ويندو. ان دوران سندس ذهن ۾ اها ڳالھہ اچي ٿي ته جيئن ته وٽس انگلينڊ جو مستقل ويزا آهي ان ڪري هو اوڏانهن هليو وڃي. پر کيس سفارتخاني پاران ٻڌايو وڃي ٿو ته موجوده هنگامي صورتحال ۾ حڪومت پاران اهڙا سڀ ويزا رد ڪيا ويا آهن ۽ سندس ڪيس کي انگلينڊ موڪليو ويندو جنهن جي لاء کيس ڪافي انتظار ڪرڻو پوندو.
ان دوران فرينچ پوليس اهڙن پرڏيهين کي گرفتار ڪرڻ شروع ڪري ٿي جيڪي مختلف سياسي ۽ ٻين ڪارڻن جي ڪري اتي رهيل هئا. انهن ۾ اٽڪل ٽيويھه ملڪن جا سوين ماڻهو شامل هجن ٿا. هڪ ڏينهن صبوح سوير سندس در تي به پوليس پهچي وڃي ٿي ۽ پڇا ڳاڇا جي بهاني کيس پوليس اسٽيشن آندو وڃي ٿو.ِ اتان هڪ وڏي اسٽيڊيم ۾ آندو وڃي ٿو جتي ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد موجود هجي ٿو. گھڻي وقت تائين انهن سڀني کي اتي ويهارڻ کانپوء ڪجھ ماڻهن کي اتان گاڏين ۾ روانو ڪيو وڃي ٿو. کيس ٻه راتون اهڙي تهخاني ۾ گذارڻيون پون ٿيون جيڪو ڪوئلن رکڻ جي جاء هجي ٿو ۽ هو سڄو ڪوئلي جي رک سان ڀرجي وڃي ٿو. ان کانپوء کيس هڪ ڏورانهين هنڌ ورنيٽ موڪليو وڃي ٿو جتي انهن قيدين کي رکڻ لاء مختلف ڪئمپ ٺاهيا ويا هئا. اسپين ۾ جنرل فرانڪو خلاف ڪومنٽرن جي مدد سان جيڪا انٽرنيشنل بريگيڊ ٺاهي ويئي هئي انهن مان گھڻا ڪومنٽرن ۽ سوويت يونين جي پٺڀرائي ختم ٿيڻ جي ڪري رلي ويا هئا ۽ گھڻن کي جرمني ۽ ٻين مختلف ملڪن ۾ قيد ڪيو ويو هو. اها ساڳي صورتحال فرانس ۾ به هئي. ورنيٽ ۾ به هڪ اهڙو ڪئمپ هو جتي انٽرنيشنل بريگيڊ جا رضاڪار نهايت ئي خراب حالتن ۾ رهي رهيا هئا. انهن مان گھڻن جي ذهني حالت به خراب هئي.
ليکڪ جو چوڻ آهي ته انهن ڪئمپن جي حالت انتهائي خراب هئي. گھڻن ماڻهن کي هڪ تنگ جاء ۾ رهايو ويو هو جتي پير ڊگھيرڻ جي جاء به نه هوندي هئي. کاڌو نهايت خراب هوندو هو. انهن کان سخت زوري پورهيو ورتو ويندو هو۽ ان جو ڪو اجورو به نه هو. هتان جي صورتحال هٽلر جي نازي ڪئمپن کان به وڌيڪ خراب هئي. سندس چوڻ آهي ته جن نازين کي قيد رکيو ويو هو انهن کي بهتر سهولتون مهيا ڪيون وينديون هيون. ان ڪارڻ ساڻن قيد هڪ اڌ جرمن قيدي اهڙو به هو جنهن بهتر سهولتن لاء پاڻ کي هٽلر جو حامي ڪري پيش ڪيو هو.
هڪ ڊگھو عرصو ڪئمپ ۾ گذارڻ کانپوءِ کيس پنهنجي انگلينڊ جي ڪجھ واقفڪارن ۽ دوستن جي مدد سان ڪئمپ مان ته آزادي ملي ٿي پر پيرس پهچڻ کانپوء ڪامورن پاران کيس قانوني طور تي فرانس ۾ رهڻ لاء گھربل ڪاغذ ڏيڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون وڃن ٿيون. پوليس لاڳيتو کيس تنگ ڪندي رهي ٿي. ان دوران جرمن فوج پيرس جي وڌيڪ ويجھو ٿيندي ٿي وڃي. کيس اها پڪ هجي ٿي ته فرانس جا حڪمران هڪ ته جلد ئي جرمن فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪندا ۽ ٻيو ته هٽلر ۽ فاشزم جي جن مخالفن فرانس ۾ پناه ورتي هئي انهن کي گسٽاپو جي حوالي ڪيو ويندو.سندس ذهن ۾ هڪ خيال اچي ٿو ته هو ڇو نه پنهنجي سڃاڻپ تبديل ڪري. ان خيال سان هو فوجي ڀرتي جي مرڪز ۾ وڃي پاڻ کي سوئس شهري ڄاڻائي هڪ فرضي نالو ٻڌائي ٿو ۽ پنج سالن لاء فرانس جي پرڏيهي رضاڪارن جي دستي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
فرانس هٿيار ڦٽا ڪري ٿو ۽ جرمن فوج فرانس جي هڪ وڏي حصي تي قبضو ڪري وٺي ٿي. فرانس جا حڪمران ماڻهن کي اهو ئي چون ٿا ملڪ کي اها جيڪا هزيمت کڻڻي پئي هئي ان جو مک ڪارڻ عام ماڻهو جي سهل پسندي، ڪاهلي ۽ عياشي آهي جڏهين ته اسان جنگ بندي رڳو قوم جي بهترين مفاد ۾ ڪئي آهي. ان جي ابتڙ انگلينڊ گھڻي نقصان کڻڻ جي باوجود جرمني سان جنگ جاري رکي ٿو. ليکڪ ان جو تجزيو ڪندي چئي ٿو ته فرانس جي زراعت ان جي معيشت جو بنياد هئي ۽ انهن سمجھيو ٿي ته ماڻهن کي ان مان ماني ۽ شراب ملي ٿو ان ڪري جديد ٽيڪنالوجي، هٿيارن ۽ ڪارخانن وغيره تي توجھ ڏيڻ جي ضرورت ناهي جڏهين ته سندس ٻن پاڙيسرين جرمني ۽ انگلينڊ پنهنجن وسيلن کي نون هٿيارن ٺاهڻ، جديد ٽيڪنالوجي ۽ ڪارخانن وغيره جي لڳائڻ ۾ استعمال ڪيو. نتيجو اهو نڪتو ته سندس روايتي هٿيار جرمني جي جديد فوجي مشين جو مقابلو نه ڪري سگھيا ۽ کيس هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا.
جرمني پاران فرانس جي فوج کي اها رعايت ڏني ويئي هئي ته اهي قبضي ٿيل علائقن ۾ پنهنجا هٿيار ڇڏي انهن علائقن ۾ وڃي سگھيا پئي جيڪي اڃا فرانس جي قبضي ۾ هئا. ليکڪ انهن فوجي دستن سان گڏ انهن علائقن ڏانهن هليو وڃي ٿو. هڪ ڊگھو عرصو مختلف ڪئمپن ۾ رهڻ کانپوء مختلف طريقن سان گھڻن ملڪن مان ٿيندو هو انگلينڊ پهچي ٿو.
آرٿر ڪوئسلر لاء چيو وڃي ٿو ته سندس گھڻين عورتن سان تعلق هو پر انهن ڏانهن سندس هڪ ڪٺورتا وارو رويو هوندو هو. آخر ۾ هن بيماري مان تنگ ٿي پنهنجي محبوبه سان گڏ آپگھات ڪري ڇڏيو.