مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

رابرٽ فسڪ، افغانستان ۽ سوويت فوجون

افغانستان ۾ روسي فوجن جي اچڻ وقت رابرٽ فسڪ اتي ويو هو. هو ڪن افغان ذريعن جي حوالي سان اهو ٻڌائي ٿو ته سوويت يونين کي فوج موڪلڻ جي دعوت حفيظ الله امين پاڻ ڏني هئي ۽ پوء غلط فهمي جي بنياد تي هو پنهنجن ئي محافظن جي هٿان مارجي ويو هو.
ثورانقلاب خلاف مزاحمت جيتوڻيڪ اڳ به موجود هئي پر سوويت فوجن جي اچڻ ۽ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي مجاهدين جي مختلف گروپن جي حمايت ۽ انهن کي هٿيارن وغيره جي فراهمي جي ڪري ان ۾ تيزي اچي ويئي هئي ۽ سڄو ملڪ ان ۾ وڪوڙجي ويو هو. ساڳي وقت اها ڳالھہ به هئي ته افغان عوام جنهن اڳ برطانيا جي مداخلت جي مزاحمت ڪئي هئي ان سوويت مداخلت کي به پسند نه ٿي ڪيو. مختلف علائقن ۾ خاص طور هڪ پرڏيهي لاء سفر ڪرڻ ۽ ڪابل کان ٻاهر نڪرڻ هڪ وڏي جوکم جو ڪم هو. کيس مختلف علائقن ۾ سفر ڪرڻ ۾ اها ڏکيائي ٿيندي هئي ته رنگ ۽ لباس وغيره جي ڪري ماڻهو کيس روسي سمجھندا هئا ۽ کيس پنهنجي حفاظت خاطر گھڻن ماڻهن آڏو اهو واضح ڪرڻو پوندو هو ته هو روسي نه پر سندس واسطو برطانيا ۽ آئر لينڊ سان آهي.
جيتوڻيڪ حڪومت صحافين جي سرگرمين کي محدود ڪرڻ پئي چاهيو ۽ انهن کي ڪابل مان ٻاهر وڃڻ جي ڪا سهولت موجود نه هئي بلڪ هڪ لحاظ کان ڄڻ ته مٿن پابندي هئي. ان ڪري گھڻا صحافي ڪابل ۾ ويهي ٻڌل سڌل ڳالھہين تي رپورٽون لکي پنهنجين اخبارن ۽ نشرياتي ادارن وغيره کي موڪليندا هئا. پر فسڪ کان ائين نه ٿيندو هو. هڪ ڀيري هن سوچيو ته ڏسجي ته ملڪ جي اتر ۾ سوويت سرحد لڳ افغانستان ۾ ڇا صورتحال آهي. هو ڪنهن کي اطلاع ڪرڻ کانسواء بس جي اڏي تي پهچي ٿو ۽ اتان اتر ڏانهن ويندڙ بس ۾ سوار ٿئي ٿو. مسافر کيس عجيب نظرن سان ڏسن ٿا. هو کيس روسي سمجھن ٿا. کيس ڊپ ورائي وڃي ٿو ته ڪير کيس جاني نقصان نه پهچائي. هو پنهنجي ڀر واري مسافر کي ٻڌائي ٿو ته هو روسي نه پر انگريز آهي. پر هو پنهنجي منزل تي نه ٿو پهچي سگھي. ڪنهن سندس ڪابل مان نڪرڻ جو اطلاع اڳ ۾ واسطيدار عملدارن کي ڏيئي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هڪ ٻن چوڪين تان بس گذري وڃي ٿي پر هڪ چوڪي تي بس کي روڪي کيس ان مان لاٿو وڃي ٿو ۽ اڳتي وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو. بس ٻين مسافرن سان رواني ٿي وڃي ٿي ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته هو ڪابل موٽي وڃي.
عام بس ۾ وڃڻ سندس لاء جوکم جو ڪم هو. ڪوبه مسافر روسي سمجھي کيس نقصان پهچائي سگھيو ٿي. ان ڪري کيس ڪابل ويندڙ هڪ فوجي قافلي سان گڏ روانو ڪيو وڄي ٿو. کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته خاص طور فوجين لاء اهو هڪ خطرناڪ رستو آهي ۽ چوڌاري جيڪي جبل آهن اتي جديد هٿيارن سان مجاهدين موجود آھن، جيڪي ڪنهن به وقت حملو ڪري سگھن ٿا. ٿورو اڳتي هلي کيس ان ڳالھہ جو ثبوت ملي وڃي ٿو. قافلي تي حملو ٿئي ٿو پر اها خبر نه ٿي پئي ته حملو ڪندڙ ڪٿي ۽ ڪهڙي پاسي لڪل آهن. ڪيپٽن کيس ڪلاشنڪوف ڏيئي ٿو ته جيئن ضرورت پوڻ تي هو ان کي استعمال ڪري سگھي. پر سندس لاء ڪلاشنڪوف هٿ ۾ کڻڻ جو اهو پهريون موقعو هجي ٿو ۽ کيس سمجھ ۾ نه ٿو اچي ته ان کي استعمال ڪيئن ڪبو. ڪجھ دير تائين اهو مقابلو هلي ٿو ۽ ان ۾ قافلي وارن کي جاني نقصان پڻ کڻڻو پئي ٿو. اڳتي به هڪ ٻن جاين تي اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي بهرحال کيس ڪو جاني نقصان نه ٿو پهچي ۽ هو اچي ڪابل پهچي ٿو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر لوڪل بس ذريعي اتر ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو.
ڪابل ۾ لندن خبرن موڪلڻ جي سهولت محدود هجي ٿي ۽ رپورٽن جي پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ٿو وڃي. فسڪ ان جو حل اهو ڪڍيو ته هن ڪابل مان جيڪا بس روز پشاور ويندي هئي ان جي ڪنڊيڪٽر سان رابطو ڪيو جيڪو روز سندس رپورٽون پشاور ۾ اخبار جي دفتر پهچائيندو هو جتان اهي لندن موڪليون وينديون هيون. ان ڪنڊيڪٽر سان سندس دوستي ٿي ويئي هئي.
حڪومت پاران خاص طور پرڏيهي صحافين تي پابنديون وڌي ويون هيون ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو هو ته انهن جي ويزا جي مدت کي نه وڌايو ويندو. ان ڪري فسڪ بجائي واپس وڃڻ جي اهو فيصلو ڪيو ته پشاور وڃي اتي ويزا وغيره لاء ڪوشش ڪجي. ڪابل کان پشاور تائين سڄو علائقو ڄڻ ته جنگ جو ميدان هجي ٿو. کين ڏاڍي احتياط سان سفر ڪرڻو پئي ٿو ۽ پاڪستان جي سرحد تائين اڪثر سوويت فوجي قافلن پويان هلڻو پئي ٿو جيڪو پڻ هڪ جوکم جو ڪم هجي ٿو. پشاور مان ڪم اڪلائي هو جلال آباد ۾ اچي رهي ٿو. هتي روز کيس مجاهدين جي حملن ۽ سوويت فوجن جي ڪاروائي ۽ جهازن جي بمباري جا اطلاع ملن ٿا ۽ هو انهن جاين تي وڃي ماڻهن سان ملي ٿو ۽ متاٿر جاين کي ڏسي ٿو. مجاهدين پاران اسڪولن کي باهيون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اسڪول اچڻ کان منع ڪئي وڃي ٿي. هڪ ڳوٺ ۾ هو وڃي ٿو جتي اسڪول جي هڪ استاد کي ان ڪري ڦاهي ڏني ويئي هئي جو سندن چوڻ هو ته هو ڪميونسٽ هو ۽ ٻارن کي ڪميونزم جي تعليم ڏيئي رهيو هو. اهو لاش ڪيترن ڏينهن تائين وڻ تي ٽنگيل ئي رهيو هو. ساڳي ريت هو هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو جتي سوويت جهازن بمباري ڪئي هئي ۽ بم گھرن جي اندر تائين ويا هئا. پر ساڻس مسئلو اهو هو ته هو جتي ويو ٿي، اتان کيس ترت نڪرڻ لاء چيو ٿي ويو ته جيئن کيس روسي هئڻ جي شڪ ۾ ماڻهو ماري نه ڇڏين. هڪ ٻه ڀيرا خاص طور غزني جي تاريخي شهر مان ته کيس واقعي پنهنجي جان بچائي نڪرڻو پيو.
هڪ ڀيري کيس جلال آباد کان ڪابل وڃڻو هو. سندس دوست جي بس روز پشاورکان موٽندي هئي. هن ان جو انتظا ڪيو پر ان کان اڳ هڪ ٻي بس اچي ويئي. ان بس جا درين جا شيشا وغيره بند هئا ۽ ان ۾ گھڻو ڪري يونيورسٽي جا شاگرد هئا جيڪي موڪلن کانپوء پشاور کان ڪابل موٽي رهيا هئا. انهن مان گھڻا سرڪاري ڪامورن جا پٽ هئا. بس اڳتي هلي ته مجاهدين گاڏين کي روڪي ڇڏيو هو. اهي بس مان شاگردن کي لاهي هڪ پاسي ڪندا ٿي ويا. ايتري ۾ پويان سندس دوست جي بس به اچي پهتي، هن کيس ان بس مان لاهي پنهنجي بس ۾ ويهاريو. ان بس کي مجاهدين پاران روڪيو نه ويو. هو جڏهين ڪنڊيڪٽر کان ان جو ڪارڻ پڇي ٿو ته هو کيس ٻڌائي ٿو ته هي بس جيئن ته پاڪستان جي آهي ان ڪري اهي ان کي نه روڪيندا آهن. اهڙي ريت هو اچي ڪابل پهچي ٿو ۽ اهڙي ريت هو افغانستان ۾ پنهنجو ڪم ڪري ٿو.