احمدي نجاد جو ايران
آزادي موهاني ان نتيجي تي پهچي ٿي ته ان مقصد لاء باسج جي تنظيم کي استعمال ڪيو ويو هو. باسج جي اها تنظيم شروع ۾ ايران عراق جنگ جي دوران بارودي سرنگھن کي صاف ڪرڻ لاء ڀرتي ڪيل ننڍي عمر جي ڇوڪرن تي مشتمل هئي. ان ڪم ۾ انهن ٻارن جو مرڻ اٽڪل يقيني ڳالھہ هئي. ليکڪا جو چوڻ آهي ته انهن ٻارن جي هٿن ۾ پلاسٽڪ جون چاٻيون ڏنيون وينديون هيون. مطلب ته مرڻ جي صورت ۾ اهي سڌو جنت ۾ ويندا. جنگ ختم ٿيڻ کانپوء ان تنظيم کي سول گارڊ جي صورت ڏني ويئي جنهن جو ڪم گھڻي ڀاڱي برائي کي روڪڻ ۽ چڱائي جي ترويج ڪرڻ ۽ خلاف ورزي ڪندڙن ۽ حڪومت جي هدايتن تي عمل نه ڪندڙن کي سزائون ڏيڻ هو. اهي مختلف علائقن ۽ مسجدن وغيره ۾ مقرر هوندا آهن. ليکڪا کي پاڻ ايران ۾ رهڻ دوران ان جو نهايت خراب تجربو ٿيو هو. هڪ ڀيري اسڪارف مان مٿي جا ڪجھ وار ٻاهر هئڻ ڪري کيس مسجد مان ٻاهر ڦٽو ڪيو ويو هو. ٻئي ڀيري هڪ مرد دوست سان گڏ هئڻ جي ڏوه ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو ۽ ڪجھ وقت جيل ۾ گذارڻو پيو هو. ساڳي ريت هڪ ڀيري بغداد مان تهران ايندي ٽئڪسي جي پوئين سيٽ تي سمهي رهڻ جي ڪري کيس سرزنش ڪئي ويئي. اهي گھڻو ڪري ڏکڻ تهران، جتي گھٽ آمدني وارن ماڻهن جي گھڻائي آهي، ۾ وڌيڪ سرگرم آهن جڏهين ته اتر تهران، جيڪو خوشحال ماڻهن جو علائقو آهي، ۾ سندن گھڻو عمل دخل ناهي پر اهي به پنهنجي لباس ۽ طور طريقن جي حوالي سان کانئن بچيل ناهن. نه رڳو ان تنظيم کي احمدي نجاد کي ووٽ ڏيڻ لاء متحرڪ ڪيو ويو پر انهن کي ٻين عام ماڻهن کي به ان ڳالھہ لاء تيار ڪرڻ لاء چيو ويو.
شروع ۾ ائين ئي لڳو ٿي ته نئين صدر جو گھڻو دارومدار اسٽيبلشمنٽ ۽ قم جي انتها پسند عالمن تي هوندو. پر هن هڪ ته عالمي سطح تي نيوڪليئر مسئلي تي هڪ سخت گير ۽ ڌار موقف ڏنو ۽ ان ڳالھہ کي ورجايو ته ٻين ملڪن جيان ايران کي ٻه اهو حق آهي ته نيوڪليائي صلاحيت حاصل ڪري ۽ ان کي پرامن مقصدن لاء استعمال ڪري. ٻي ڳالھہ ته هو ڳوٺاڻن ۽ غريب ماڻهن تائين پهتو ۽ انهن کي سهولتون ڏنيون. اهڙي ريت عام ماڻهن ۾ سندس مقبوليت ۽ هڪ خودمختيار صدر جي لحاظ کان سندس حيثيت مضبوط ٿي.
عام تاثر اهو هو ته ان تبديلي سان آزاد خيال ۽ سيڪيولر ماڻهن لاء زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي ويندي ۽ خاتمي جي دور ۾ جيڪي رعائيتون وغيره مليون هيون اهي ختم ٿي وينديون. پر اهو ڏٺو ويو آهي ته جڏهين مقتدر ادارن جي پنهنجي يا انهن جي پسند جي ماڻهن جي حڪومت هوندي آهي ته اهي اهڙا فيصلا به وٺي سگھندا آهن جيڪي ٻين لاء وٺڻ ڏکيا هوندا آهن. ٻيا هڪ ته اهڙن فيصلن وٺڻ کان ڪيٻائيندا آهن ۽ جيڪڏهين وٺندا به آهن ته کين مقتدر حلقن جي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. ليکڪا ان حوالي سان هڪ فلم پروڊيوسر سان ملاقات ڪري سندس خيال معلوم ڪيا. ان فلم پرڊيوسر جو چوڻ هو ته اسان کي ڪم ڪرڻ جي وڌيڪ آزادي هن حڪومت ۾ آهي. ڇاڪاڻ ته ان جي فيصلن جي ڪير مخالفت نه ٿو ڪري جڏهين ته خاتمي جي دور ۾ اهي ائين آزادي سان ڪم نه ڪري سگھندا هئا. ساڳي وقت ليکڪا ڪلاسيڪي موسيقي جي هڪ وڏي نالي رضا خان لطفي سان ملاقات ڪئي جيڪو تازو جلاوطني مان موٽيو هو. امام خميني، جيڪو پاڻ شاعري ۽ موسيقي جو شوقين هو، شروع ۾ موسيقي کي حرام قرار ڏنو هو. گھڻن موسيقارن جا موسيقي جا سامان ضبط ڪيا ويا هئا جڏهين ته گھڻن کي ملڪ ڇڏي وڃڻو پيو هو. پنهنجي زندگي جي پڇاڙي ڏينهن ۾ امام خميني هڪ ٻيو فتوا جاري ڪري موسيقي جي ڪجھ اسمن کي حرام ۽ ڪجھ کي حلال قرار ڏنو هو. ڪلاسيڪي موسيقي ان حلال قرار ڏنل اسمن ۾ شامل هئي. هاڻي حڪومت پاران ڪلاسيڪي موسيقي جي ڪنسرٽ وغيره منعقد ڪرڻ جي اجازت هئي. جڏهين ليکڪا ملڪ ڇڏي انگلينڊ وڃي رهي هئي ته ان ڏينهن استاد لطفي جو ڪنسرٽ شروع ٿيو هو ۽ هو ان ۾ ويئي هئي. چيو ويو ٿي ته اهو ڪنسرٽ جتي منعقد ٿي رهيو هو اها جاء ايران جي رهبر امام خامنئي، جيڪو پاڻ موسيقي جو شوقين آهي، جي رهائش جي ويجھو هئي. ماڻهن مذاق ٿي ڪيو ته هو ضرور استاد لطفي جي سرن مان مزو وٺي رهيو هوندو.
هڪ اسلامي ملڪ جي حيثيت ۾ ايران ۾ شراب جي وڪڻڻ ۽ واهپي تي پابندي آهي ۽ ان جي لاء باقاعدي سزا مقرر آهي. پر جيئن پاڪستان ۾ آهي ته پابندي جي باوجود ان جو وڪرو ۽ استعمال جاري آهي. ليکڪا ٻڌائي ٿي ته شراب وڪڻڻ وارن جا ٽيليفون نمبر واپريندڙن وٽ هوندا آهن. اهڙي هڪ همراه جو مثال ڏيندي هو لکي ٿي ته هن جڏهين اهو ڌنڌو ڇڏيو ٿي ته هن رڳو پنهنجو ٽيليفون نمبر هزارين ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو هو. ان کانسواء ان پابندي گھرن ۾ شراب ٺاهڻ جي حوصلي افزائي ڪئي آهي. ان مقصد لاء بازار مان خاص قسم جا ڳاڙها انگور ملن ٿا. اهو تجربو ليکڪا پاڻ به ڪيو هو۽ بازار مان انگور وٺي گھر ۾ انهن مان شراب ڪشيد ڪيو هو. جيتوڻيڪ سڀني کي اها ڄاڻ آهي پر حڪومت پاران انهن انگورن جي وڪري وغيره تي ڪا پابندي وغيره ناهي.
ان دور ۾ حڪومت جي پرڏيهي ۽ اندروني پاليسين جي ڪري ايران جي ماڻهن کي گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.