ليلا جا ڏهه منٽ ۽ اٺٽيھه سيڪنڊ
پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء جڏهين اها سلطنت وکرجي ويئي ۽ مختلف يورپي طاقتن اهو مال غنيمت پاڻ ۾ ورهائي کنيو ۽ پاڻ ترڪي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو ته ڪمال اتاترڪ خلافت عثمانيه کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ترڪي کي هڪ جديد سيڪيولر رياست ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. اتاترڪ کي آزادي جو ابو ڪري ته ليکيو وڃي ٿو. پر سندس ان اعلان سان پراڻو نظام جنهن جون پاڙون نهايت پختيون هيون ختم نه ٿي سگھيو ۽ هڪ لحاظ کان نئين ۽ پراڻي وچ ۾ ٽڪراء ۽ تضاد وڌيڪ تيز ٿي ويو.
اهو تضاد تخليقڪارن لاء اتساه جو باعث ۽ اهڙي ريت سندن تخليقن جو موضوع رهيو آهي. ايلف شفق انهن ڪجھ ليکڪن مان آهي جن لاڳيتو ترڪي جي تاريخ، ان جي سماج ۽ حال جي تضادن کي پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو آهي. اها هڪ خاص ڳالھہ آهي ته هن حوالي سان ڏتڙيل ۽ سماج پاران رد ڪيل ماڻهو ۽ ترڪي جون نسلي ۽ مذهبي ٿورايون سندس توجھ جو مرڪز رهيون آهن ۽ انهن جي ڏک ۽ درد کي هن پنهنجو ڏک ۽ درد سمجھي پيش ڪيو آهي. ساڳي وقت اها ڳالھہ پڻ واضح هوندي آهي ته سندس اهي ڪردار تبديلي جا نمائندا هوندا آهن ۽ هو هميشه تبديلي جي پاسي هوندي آهي. سندس تازو ناول 10 Minutes 38 Seconds in This Strange World ان سلسلي جي هڪ ٻي ڪوشش آهي.
هن ناول جو مرڪزي ڪردار ترڪي جي هڪ ننڍي شهر وان جي هڪ ڇوڪري ليلا آهي. هارون جي ٻن زالن جو نو سالن تائين اڪيلو ٻار ۽ پوء جيڪو پٽ ترڪان ڄمي ٿو اهو پڻ نارمل نه ٿو هجي ۽ ڪجھ سالن کان پوء گذاري وڃي ٿو ۽ هو اڳ جيان اڪيلي رهجي وڃي ٿي. کيس پنهنجي ٻن مائرن ۽ پي جو پيار ملي ٿو.ساڳي وقت کيس پڙهڻ ۽ ٻي دنيا جي خبر چار رکڻ جو پڻ شوق هجي ٿو. اوله جي ملڪن جي اداڪارائن، موسيقي ۽ گيتن سان کيس خاص چاه هجي ٿو. هو خبرون پنهنجي اصلي ماء، جنهن کي هو آنٽي چئي ٿي ۽ جيڪا اڻ پڙهيل هجي ٿي، کي به پڙهي ٻڌائي ٿي.
سندس چاچو ان وقت کان جڏهين سندس عمر ڇه سال ۽ چاچي جي ٽيتاليه سال هجي ٿي مٿس خاص توجھ ڏيڻ شروع ڪري ٿو. هو کيس وقت بوقت هراسان ڪندو رهي ٿو ۽ جڏهين هو پندرنهن سورنهن سالن جي هجي ٿي ته کيس مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪري ساڻس زنا ڪري ٿو جنهن مان کيس پيٽ ٿئي ٿو. ان دوران اسڪول ۾ سندس دوستي اڪيلي ماء جي پٽ سنان سان ٿئي ٿي جيڪو اڳتي هلي سندس پنج بهترين دوستن مان هڪ هجي ٿو. ساڳي وقت سندس ڀاء ترڪان جي موت سندس پي جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي ٿي. سندس مرشد ان جو ڪارڻ سندس پنهنجي مذهب تي عمل نه ڪرڻ کي قرار ڏئي ٿو ۽ نتيجي ۾ هو گوشه نشيني اختيار ڪري عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو ۽ گھر وارن کي ان واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪري ٿو. پر ليلا سندس انهن پابندين کي قبولڻ لاء تيار نه ٿي هجي ۽ اوله جي اداڪارئن ۽ ڳائڻين جيان پنهنجو هارسنگھار ڪري ٿي. ساڳي ريت ليلا پنهنجي ماء کي اهو به ٻڌائي ٿي ته هو پيٽ سان آهي ۽ ان جو ڪارڻ چاچا آهي. سندس پي پنهنجي ڀاء کان ان جي پڇا ڪري ٿو پر هو ان کان انڪار ڪري ٿو ۽ ان جو ڏوه ليلا جي دوست سنان تي هڻي ٿو. پر ليلا ان کي نه ٿي مڃي ۽ پنهنجي ڳالھہ تي اصرار ڪندي رهي ٿي. هو سمجھي ٿي ته سندس پي کڻي ظاهري طور سندس ڳالھہ کي نه مڃيندو هجي پر هو پنهنجي اندر ۾ ان ڳالھہ کي مڃي ٿو ته ان جو ذميوار سندس ڀاء آهي نه ته ٻي صورت ۾ هو سنان جي ماء وٽ پهچي وڃي ها. حمل ٻن مهينن کان پوء ڪري پئي ٿو ۽ اهو فيصلو ڪيو وڃي ٿو ته ليلا جي شادي سندس هڪ ننڍي سوٽ سان ڪئي ويندي. ليلا ان ڳالھہ کي نه ٿي مڃي ۽ گھر مان فرار ٿي سنان کان ڪجھ پئسا وٺي بس ۾ سوار ٿي پنهنجي خوابن جي شهر استنبول رواني ٿي وڃي ٿي.
اهو دور گذريل صدي جي سٺ جي ڏهاڪي جي آخر ۽ ستر جي ڏهاڪي جو دور هو. ملڪ ۾ فوج جو راڄ، هڪ افراتفري ۽ ساڄي ۽ کاٻي ڌر وچ ۾ گھرو ويڙه واري صورتحال هئي. يونيورسٽيون جنگ جو ميدان بڻيل هيون. فوج جي سرپرستي ۾ ٺاهيل ڀورن بگھڙن جهڙين شاونسٽ تنظيمن جو نشانو کاٻي ڌر جا ڪارڪن، ڪرد قوم پرست ۽ آرمينائي نسل جا ماڻهو هجن ٿا. ان سڄي پسمنظر ۾ ليلا هڪ اهڙي شهر ۾ پهچي ٿي جتي سندس ڪير واقف ناهي. ساڻس پهرين واردات اها ٿئي ٿي ته بس اسٽاپ تي واش روم ۾ هٿ منهن ڌوئندي سندس پرس چورائجي وڃي ٿو جنهن ۾ سندس ڪجھ رقم به هجي ٿي. ان کانپوء ساڻس اهو ڪجھ ٿئي ٿو جيڪي ڪجھ اهڙن وڏن شهرن ۾ جوان، سهڻين ۽ اڪيلين ڇوڪرين سان ٿيندو آهي. هو هڪ دلال جي هٿ لڳي وڃي ٿي جيڪو همدردي ڪري کيس هڪ عورت وٽ وٺي وڃي ٿو. کيس قيد ڪري رکيو وڃي ٿو ۽ شراب پيئاري ڌنڌو ڪرايو وڃي ٿو. هو گھڻن ڄڻن وٽ وڪرو ٿيندي اچي مٺي ماء ۽ ڪوڙي ماء نالي نائڪه جي چڪلي ۾ پهچي ٿي. وٽس مختلف نمونن جا گراهڪ اچن ٿا. هڪ ڀيري هڪ گراهڪ سندس چهري تي تيزاب اڇلڻ چاهي ٿو پر سندس بروقت ڪمري مان نڪري وڃڻ جي ڪري هو تيزاب جي بوتل سندس پويان اڇلائي ٿو جنهن جي ڪري سندس پٺ سڙي وڃي ٿي ۽ علاج کانپوء به ان تي نشان رهجي وڃي ٿو.
ان دوران جولائي 1968 ۾ خبر اچي ٿي ته آمريڪا جو ڇهون بحري بيڙو ترڪي جي دوري تي اچي رهيو آهي. بازار حسن ۾ ڄڻ ان خبر سان زندگي جي هڪ نئين لهر ڊوڙي وڃي ٿي. آمريڪي سپاهين جي آڌر ڀاء لاء صفائي سثرائي ۽ رنگ روغن جو ڪم شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ بازار کي مقامي گراهڪن لاء بند ڪيو وڃي ٿو. کاٻي ڌر جي شاگردن وغيره پاران ان بحري ٻيڙي جي اچڻ جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جي خلاف مظاهرا ڪيا وڃن ٿا. ڪجھ آمريڪي فوجي بازار ۾ گھمندي ۽ خريداري ڪندي انهن مظاهرين ۾ ڦاسي پون ٿا ۽ پنهنجي جان بچائي ڀڄن ٿا. ان صورتحال کي ڏسندي بحري ٻيڙي پاران استنبول ۾ وڌيڪ ترسڻ جي بجائي فوري واپسي جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو جيڪا ڳالھه بازار حسن جي مالڪن ۽ نائڪائن کي گھڻي پسند نه ٿي اچي ۽ هو سوچين ٿا ته نيٺ انهن کاٻي ڌر وارن کي ڪهڙو ضرور پيو آهي جيڪي آمريڪين خلاف ائين مظاهرا پيا ڪن ۽ سندن ڌنڌي کي خراب پيا ڪن. هو پوء مقامي ماڻهن لاء پنهنجا دوڪان کولي ڇڏين ٿا.
انهن مظاهرن دوران هڪ نوجوان شاگرد پوليس جي لاٺي چارج ۽ ڳوڙها گيس کان بچندي ڪوڙي ماء جي ڪوٺي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. هن نوجوان جو نالو ڊي علي هجي ٿو. هو جرمني ۾ ڪم ڪندڙ هڪ مهمان مزدور جو پٽ هجي ٿو ۽ جرمني ۾ ڪجھ عرصو تعليم به حاصل ڪري ٿو پر سندس پي خاص طور پنهنجين ڌيئن کي اتان جي ثقافتي ۽ سماجي اثرن کان بچائڻ لاء کيس به انهن سان گڏ انهن جي سار سنڀال لاء ترڪي واپس موڪلي ڇڏي ٿو. هو يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ کاٻي ڌر جي شاگردن جي گروهن سان لاڳاپجي وڃي ٿو. ڪوڙي ماء کيس ٻاهر ڪڍڻ چاهي ٿي پر اهو الائي ڇو ليلا کي وڻي وڃي ٿو ۽ اها کيس پنهنجي ڪمري ۾ وٺي وڃي ٿي. اتي هو ساڻس جنسي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ رڳو ويهي ساڻس ڳالھہيون ڪري ٿو. اهو ڄڻ سندس معمول بڻجي وڃي ٿو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليلا سان ڳالھہيون ڪندو رهي ٿو جنهن جي کيس هڪ وڏي قيمت نائڪا کي ادا ڪرڻي پيئي ٿي. ليلا کيس اهو چئي به ٿي ۽ کيس اچڻ کان روڪڻ جي ڪوشش به ڪري ٿي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي ٿئي. هن نوجوان ۾ گھڻيون صلاحيتون هجن ٿيون. هو هڪ آرٽسٽ به هجي ٿو ۽ ليلا جون مختلف طريقن سان تصويرون ٺاهي ٿو. نيٺ هو وياج تي هڪ وڏي رقم جو بندوبست ڪري اها نائڪه کي ڏيئي ليلا کي شادي ڪري پاڻ سان وٺي وڃي ٿو. اهي ٻيئي هڪ ڌار فليٽ ۾ رهن ٿا. ليلا جي لاء ڄڻ ته اها هڪ نئين زندگي هجي ٿي ۽ هو سمجھي ٿي ته هاڻي ماضي موٽي نه ايندو. پر ائين نه ٿو ٿئي.
هو جيتوڻيڪ کيس پنهنجن انقلابي دوستن وغيره سان نه ٿو ملائي، پر 1 مئي 1977 جي پورهيتن جي ڏينهن جي جلوس ۾ هو کيس پاڻ سان وٺي ٿو وڃي. اتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ هزارين پورهيت، شاگرد ۽ ٻيا عام ماڻهو هجن ٿا. ساڳيا نعرا، ساڳيون گھرون پر هر ڪنهن وٽ پنهنجين جماعتن جا ڌار ڌار جھنڊا. هو ٻيئي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هلن ٿا ته جيئن ان هجوم ۾ هڪٻئي کان وڇڙي نه وڃن. اڳتي وڃن ٿا ته جلوس تي فائرنگ شروع ٿي وڃي ٿي. افراتفري ۾ جڏهين هجوم ڀرپاسي وارين گھٽين ۽ سڙڪن ڏانهن ڀڄي ٿو ته انٽرڪانٽينينٽل هوٽل جي ڪمرن جي درين ۾ ويٺل نشاني باز جلوس تي سڌي فائرنگ شروع ڪن ٿا. ليلا ۽ ڊي علي ڌار ٿي وڃن ٿا. ٻئي ڏينهن ان جاء تان ٻه هزار کان وڌيڪ گولين جا خول ملن ٿا ۽ هڪ سو ٽيه کان وڌيڪ ماڻهن جي ڦٽجڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو. ليلا ڊي علي جي ڳولها شروع ڪري ٿي ۽ هڪ اسپتال مان کيس خبر پيئي ٿي ته هو ان افراتفري ۾ هجوم جي پيرن ۾ لتاڙجي مارجي ويو هو.
وٽس ڪجھ به نه ٿو هجي. هڪ ته سندس لاء ڊي علي جي ورتل قرضن کي لاهڻو هو ۽ ٻيو روزمره جو خرچ هو. هو وري پنهنجي ساڳئي ڌنڌي تي اچي وڃي ٿي. هڪ ڏينهن نائڪه کيس فون ڪري ٿي ته هڪ سيٺ کي پنهنجي پٽ لاء جنهن جي هو شادي ڪرائڻ چاهي ٿو پر جيڪو عورت جي ويجھو نه ٿو وڃي هڪ وئشيا جي ضرورت آهي جيڪا کيس ان واٽ تي وٺي اچي. کيس ان ڪم لاء وڏي رقم ملي ويندي. هو کيس مقرر وقت تي هڪ خاص لباس ۾ انٽرڪانٽينينٽل هوٽل ۾ پهچڻ لاء چئي ٿي. هو اتي پهچي ٿي پر ان نوجوان کي گھڻو پريشان ڪرڻ کانسواء ساڻس مختصر ملاقات ڪري هوٽل مان نڪري اچي ٿي. واٽ تي هڪ مرسڊيز ڪار ۾ ٻه شخص کيس پاڻ سان گڏ هلڻ جي آڇ ڪن ٿا. هو ڪار ۾ ويهي ٿي ۽ واٽ تي اهي ان کي قتل ڪري لاش ڪچري جي دٻي ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا. دراصل اهو سيٺ جو ماڻهو هجي ٿو جنهن کي سيٺ پنهنجي پٽ لاء ويشيائن جو بندوبست ڪرڻ جو ڪم ڏنو هو ۽ جنهن پنهنجي سوٽ سان گڏجي اها رٿا ٺاهي هئي. ان کان اڳ هو ٽي وئشيائن کي قتل ڪن ٿا ۽ اهو سندن چوٿون قتل هجي ٿو.
ماڻهو جڏهين مري وڃي ٿو ۽ سندس دل بيهي رهي ٿي ته سندس ذهن ڪجھ وقت تائين ڪم ڪندو رهي ٿو. اهي ليلا جي ذهن جا اهي ڏه منٽ ۽ اٺٽيه سيڪنڊ هجن ٿا جنهن ۾ هو پنهنجي سڄي زندگي کي ياد ڪري ٿي ۽ اها سڄي ڪهاڻي سندس آڏو اچي وڃي ٿي. سندس خاندان وارا سندس لاش وٺڻ کان انڪار ڪن ٿا ۽ اهڙي ريت کيس استنبول جي ڪليوس جي علائقي ۾ لاوارثن جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي ٿو جتي سندس قبر تي ڪو نالو ۽ ٻي ڪا نشاني نه ٿي هجي بس رڳو هڪ نمبر هجي ٿو.
ان موقعي تي ليلا جا پنج دوست، جن ۾ عرب، آفريڪي ۽ ترڪ شامل هجن ٿا جن کي اسپتال وارا لاش ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿا، اهو فيصلو ڪن ٿا ته سندن هوندي ليلا لاوارث ڪيئن ٿي ٿي سگھي. کيس عزت واري ۽ مناسب تدفين ڏيڻ ضروري آهي. ان مقصد لاء هو اڌ رات جو قبرستان وڃي سندس لاش ڪڍن ٿا ۽ ان کي ٻئي قبرستان ۾ سندس مڙس جي ڀر ۾ دفن ڪرڻ چاهين ٿا. پر ان سڄي وقت پوليس سندن پويان هجي ٿي. انهن مان هڪ کي ياد اچي ٿو ته ليلا پنهنجي لاش کي سمنڊ ۾ لوڙهڻ جي ڳالھہ به ڪئي هئي. اهي سمنڊ تي پهچن ٿا جت پوليس به گڏ ئي پهچي وڃي ٿي پر اهي ڪنهن ريت لاش کي سمنڊ جي حوالي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا.
ليکڪا ٻڌائي ٿي ته اهو ناول حقيقت ۽ سندس تصور تي ٻڌل آهي. اهو برابر آهي ته ناول جا ڪردار تصوراتي آهن پر ساڳي وقت ڪليوس ۾ لاوارثن جو قبرستان موجود آهي ۽ اتي اڃا به مختلف قسم جي لاوارثن سان گڏ ايجين سمنڊ ذريعي جيڪي مختلف ملڪن جا ماڻهو ترڪي اچڻ جي ڪوشش ۾ ٻڏي مري وڃن ٿا انهن کي به اتي دفن ڪيو وڃي ٿو. ساڳي ريت پهرين مئي جي جلوس تي هوٽل انٽر ڪانٽينينٽل مان جيڪا فائرنگ ٿي هئي اها به حقيقت آهي ۽ اها هوٽل هاڻي مرمرا جي نالي سان موجود آهي.
هڪ لحاظ کان اهو ناول هڪ عورت تي مرڪوز هوندي به ڄڻ پوري سماج جي هڪ تصوير پيش ڪري ٿو.