زنجير نيٺ ته ٽٽڻي آھي
ان ڪتاب ۾ بابل جي ذاتي ۽ خاندان جي زندگي به آهي ۽ ساڳي وقت سياسي ۽ سماجي زندگي جا عڪس پڻ آهن. ذاتي زندگي جي حوالي سان هن گھڻين ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي ۽ لاڳيتو پنهنجي جياپي جي جدوجهد ۾ رڌل رهيو آهي. جيتوڻيڪ سندس پي جيئرو هو پر ان جي لاپرواهي ۽ لاابالي زندگي جي طريقي جي ڪري پنهنجي ماء، ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي سنڀالڻ جو سڄو بار مٿس رهيو ۽ هن ان کي پوري ذميواري ۽ سمجھ سان پورو ڪيو. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي خاندان سميت بکون به ڪاٽيون ۽ هر قسم جو پورهيو ڪيو پر ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍي. آهستي آهستي پنهنجي محنت ۽ ذهانت سان هن هڪ پاسي پنهنجي مالي حالت کي مستحڪم ڪيو ۽ ٻئي پاسي پنهنجي پڙهائي کي جاري رکيو. ان سان گڏوگڏ هڪ باشعور ماڻهو جي حيثيت ۾ هو سوشلسٽ ليٽريچر جو مطالعو پڻ جاري رکي ٿو. ساڳي وقت هو پنهنجي ڪميونٽي ۽ ان جي مذهبي ۽ سماجي سرگرمين سان پڻ لاڳاپيل رهي ٿو.
هو هڪ ئي وقت عملي ۽ آدرشي انسان آهي. پنهنجن هارين ۽ ٻين پورهيتن سان گڏجي زمين به کيڙي ٿو، ڀنگ به پيئي ٿو، راڳ به ٻڌي ٿو ۽ عيد جي نماز جي امامت به ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ هو نوجوانن جيان پاڻ وندرائڻ جهڙا عشق به ڪري ٿو پر هڪ خاص حد کان اڳتي نه ٿو وڌي ۽ نه ئي ان کي ڪنهن آسري ۾ رکي ٿو. سندس شخصيت جو هڪ مثبت لاڙو اهو آهي ته پنهنجي پي ۽ ٻين مائٽن جي زيادتين جي باوجود هو انهن سان هميشه چڱو ورتاء ڪري ٿو ۽ هر وقت خاص طور ڏکئي وقت ۾ سندن ڪم اچي ٿو.
سياسي لحاظ کان سندس عوامي تحريڪ سان تعلق رهيو آهي ۽ هڪ لحاظ کان هو ڄڻ ته ان جي باني ڪارڪنن مان آهي. کاٻي ڌر جي سياسي جماعتن سميت مختلف سياسي جماعتن ۾ اهڙا ڪارڪن هوندا آهن جن جو پارٽي تنظيم ۽ نظرئي کان وڌيڪ ان جي اڳواڻن سان هڪ جذباتي ۽ عقيدت جو ناتو هوندو آهي ۽ اهي هزار اختلافن جي باوجود به انهن خلاف ڳالھائڻ پسند نه ڪندا آهن.ِ سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ پيرپرستي وغيره جي اثرن جي ڪري اهي لاڙا اڃا گھڻا حاوي آهن. بابل به اهڙن ئي ڪارڪنن مان آهي. هن جيتوڻيڪ پاڻ پارٽي کان ڌار ٿيڻ ۽ ان جي اڳواڻ سان اختلافن جو ذڪر نه ڪيو آهي پر ايازلطيف پليجو ڪتاب جي لکيل مهاڳ ۾ ٻڌايو آهي ته ”ڪجھ وقت کانپوء غلام حيدر بابل، مولابخش کوسو ۽ محمد علي ٽالپر جا پليجي صاحب سان اختلاف ٿي پيا ۽ کين پارٽي کان ڌار ڪيو ويو.“ هن شايد ان ڪري ان ڳالھه جي اپٽار نه ڪئي آهي ته سندس پارٽي کان وڌيڪ رسول بخش پليجو ۽ ان کان به وڌيڪ فاضل راهو سان عقيدت جي حد تائين تعلق رهيو آهي ۽ هو اڃا به ان طريقي سان سندن ذڪر ڪري ٿو. بهرحال تاريخ جي درستگي لاء اهو ضروري آهي ته ليکڪ پنهنجي آتم ڪٿا جي ان اهم پاسي جو ذڪر ضرور ڪري ها ۽ اها اميد ڪري سگھجي ٿي ته هو آتم ڪٿا جي ٻئي ڀاڱي ۾ ان کي ضرور بحث هيٺ آڻيندو.
ڪتاب جو انداز بي ساختگي ۽ خودرويت وارو آهي. واقعن جي ڪا ترتيب ڪونهي. ليکڪ جي ذهن ۾ جيئن ڳالھيون آيون آهن تيئن انهن کي لکيو ويو آهي. هڪ ڳالھہ کانپوء فوري طور ٻي مختلف ڳالھہ ڏانهن وڃڻ جي ڪري پڙهندڙ کي ڏکيائي ته ٿئي ٿي پر اهو ليکڪ جو پنهنجو طريقو آهي. ٻي ڳالھہ جنهن ڪتاب جي ڪوالٽي کي متاثر ڪيو آهي ۽ پڙهڻ ۾ رنڊڪ بڻجي ٿي اها آهي ڪمزور پروف ريڊنگ ۽ جملن جي بيهڪ. بابل کي هڪ دوستاڻي صلاح اها آهي ته ٻئي ڇاپي جي صورت ۾ ڪتاب جي هڪ تفصيلي ايڊيٽنگ ڪرائي جنهن سان يقينن ڪتاب جو معيار اڃا وڌي ويندو. بابل ڪتاب ۾ مختلف جاين تي پنهنجي ڄمڻ جي تاريخ 14 فيبروري يعني ويلنٽائن ڊي ڄاڻائي آهي پر ڪتاب جي ڪور تي اها تاريخ 16 جنوري 1950 لکيل آهي جنهن ۾ درستگي جي ضرورت آهي.
پنهنجي مواد جي لحاظ کان هڪ پڙهڻ لائق ۽ دلچسپ ڪتاب آهي. جيڪڏهين ڪجھ تيڪنيڪي ۽ ٻين گھٽتائين ڏانهن توجھ ڏنو وڃي ته ان جي اهميت ۾ اڃا واڌارو ٿي سگھي ٿو.