ريٽا شهاڻي جا ناول ۽ هند جو سنڌي ادب
جيتوڻيڪ اها سندن لاء وڏي ڪاميابي هئي پر خاص طور تي ادب ۽ ٻولي جي معاملي ۾ اڃا گھڻا چئلنج اڳتي اچڻا هئا. قومي ٻولين ۾ شامل ڪرڻ کانپوء نهرو پاران سنڌين کي اها صلاح ڏني ويئي ته ڀارت جي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ لاء ديوناگري رسم الخط کي اختيار ڪيو وڃي. سنڌ مان ويل ان وقت جي سنڌين جي تعليم ۽ تربيت جيئن ته عربي لپي ۾ ٿي هئي ان ڪري انهن لاء ان ڳالھہ کي قبول ڪرڻ ڏکيو هو ۽ انهن ان ڳالھه جي سخت مخالفت ڪئي. نيٺ فيصلو اهو ٿيو ته في الحال ٻيئي رسم الخط ساڳي وقت استعمال ٿيندا. بهرحال گھڻي اهميت ۽ زور ديوناگري لپي کي ئي ڏنو ويو جنهن جا معاشي ۽ سماجي ڪارڻ هئا ۽ اسڪولن وغيره ۾ به ٻارن کي پڙهائڻ لاء ان لپي کي ئي ترجيح ڏني ويئي. اها ڳالھہ سنڌ ۽ هند جي سنڌي اديبن ۽ ليکڪن ۾ رابطي ۽ تعلق ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻجي سگھي ٿي.
مون کي ڏاڍي حيرت ٿي جڏهين مون ڏٺو ته مون کي مطالعي لاء ريٽا شهاڻي جا جيڪي ٽي ناول ڏنا ويا آهن اهي ان ڳالھه جي باوجود ته هند ۾ سنڌي لکن جي تعداد ۾ آهن ۽ منجھن تعليم جو تناسب به گھڻو آهي پنج سو کان وڌيڪ تعداد ۾ ڇپجي نه سگھيا آهن. ان جو هڪ ڪارڻ ته يقينن لپي جو مسئلو آهي. گھڻا مائٽ ته پنهنجن ٻارن کي ان ڪري سنڌي ئي نه ٿا پڙهائين ته ان جو عملي زندگي ۾ ڪو فائدو ناهي ۽ جيڪڏهين ڪي پڙهائين ٿا ته لپي جي فرق ڪري عربي رسم الخط ۾ لکيل ڪتاب سندن لاء ڏينهون ڏينهن وڌيڪ اوپرا ٿيندا ٿا وڃن. ڀارت جا اڙدو ليکڪ ٻڌائين ٿا ته سندن ڪتابن جي اصلوڪي رسم الخط ۾ کپت نه هئڻ برابر هوندي آهي، جڏهين ته ديوناگري رسم الخط ۾ ڇپجڻ کانپوءِ انهن جي سرڪيوليشن آسمان سان ڳالھيون ڪندي آهي. شايد هند جي سنڌي ليکڪن کي به اڳتي هلي ماڻهن تائين پهچ لاءِ اهو ساڳيو طريقو اختيار ڪرڻو پئي.
سنڌ سان سرگرم رابطي نه هئڻ جو هڪ اثر ٻنهي پاسي ڇپجندڙ ڪتابن جي گھٽ سرڪيوليشن جي صورت ۾ ته ڏسي سگھجي ٿو پر ٻولي، احساسن ۽ خيالن ۾ جيڪي تبديليون آيون آهن ان ٻنهي پاسي جي ادب ۽ اديبن ۾ وڌيڪ ويڇا پيدا ڪري ڇڏيا آهن. هند جي اديبن نه رڳو سنسڪرت ۽ هندي جي لفظن کي پنهنجي ٻولي ۾ سمويو آهي پر ڀارت جي مختلف مقامي ٻولين بنگالي، گجراتي، مراٺي ۽ اڙدو وغيره جو اثر پڻ قبول ڪيو آهي. ساڳي ريت سنڌ جي اديبن عربي، فارسي ۽ اڙدو کانسواء پاڪستان جي ٻين ٻولين جي گھڻن لفظن کي پاڻ ۾ سمويو آهي. جيتوڻيڪ اها هڪ مثبت ڳالھہ آهي ۽ ٻولي جي شاهوڪار هئڻ جو ثبوت پڻ آهي پر مسئلو اهو آهي ته گھٽ رابطي هئڻ ڪري ۽ هڪٻئي جي ڪتابن جي عام جام نه ملڻ ۽ رڳوسوکڙي طور ملڻ ڪري اها اوپرائپ ڏينهون ڏينهن وڌنڌي ٿي وڃي.
جڏهين ماڻهو هڪٻئي کي سمجھي نه سگھندو آهي ته پوء اهي هڪٻئي کي ماورائي ۽ مقدس شڪل ڏيئي ڇڏيندا آهن. ورهاڱي کانپوء جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي ڪري سرحد جي ٻنهي پاسي اديبن هڪٻئي جو آڌر ڀاء ته ڪيو آهي ۽ انهن کي عزت به ڏني آهي پر هڪ مهمان جي حيثيت ۾ ۽ انهن جي لکڻين کي پڻ ڪنهن تنقيد کانسواء قبول ڪيو ويو آهي. ان روئي جي ڪري اڳ ئي موجود خال اڃا وڌيڪ وسيع ٿي وڃي ٿو. ان ڪري هڪٻئي جي ويجھو اچڻ ۽ هڪٻئي کي سمجھڻ لاء هڪٻئي جي تنقيدي جائزي وٺڻ جي اشد ضرورت آهي.
ننڍي کنڊ جو ورهاڱو تاريخ جو هڪ وڏو واقعو هو جنهن جا اثر ننڍي کنڊ جي سڀني ٻولين جي ادب تي پيا ۽ انهن ۾ مختلف طريقن سان ان جو اظهار پڻ ٿيو.هند ويل سنڌي اديب به ان اثر کان آجو نه هو ۽ ان مختلف طريقن سان ان جو اظهار به ڪيو جنهن ۾ سنڌ موٽڻ جي خواهش خاص طور تي حاوي هئي. وقت سان گڏوگڏ حقيقتن ان خواهش کي گھڻو ٿڌو ڪري ڇڏيو۽ هاڻ اها ڄڻ رڳو هڪ اڪيڊمڪ ڳالھہ وڃي رهي آهي.
جيئن پاڪستان آيل مهاجرن کي پنهنجي ڀلائي ۽ تحفظ جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي جماعتن ۾ نظر آيو ٿي ساڳي ريت هتان ويل سنڌين جي گھڻائي کي پنهنجي ڀلائي شيو سينا ۽ ٻين هندو انتها پسند جماعتن ۾ نظر آئي ٿي. هن وقت تائين جيڪي مختلف استيڊيز سامهون آيون آهن انهن مان اها خبر پئي ٿي ته مذهبي لحاظ کان ڀارت جو سنڌي وڌيڪ انتهائن ڏانهن هليو ويو آهي ۽ منجھس سهپ ۽ مذهبي رواداري واريون اهي خاصيتون جيڪي هو سنڌ مان کڻي ويو هو تقريبن نه هئڻ برابر وڃي رهيون آهن. ٻي ڳالھہ ته کيس پنهنجي عدم تحفظ جو علاج ان ڳالھہ ۾ نظر آيو آهي ته مقامي ماڻهن کان پري رهي رڳو پنهنجي ڪميونٽي جي فائدي لاء ڪوششون ڪيون وڃن جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته اهي نه رڳو مقامي ماحول ۾ پوري ريت جذب نه ٿي سگھيا آهن پر ڀارت جي گھڻن پرڳڻن ۾ مقامي ماڻهن پاران کين چڱي نظر سان نه ٿو ڏٺو وڃي.
ان سڀڪجھ جو نتيجو اهو نڪٽو آهي ته شروعات ۾ هند جي سنڌي اديبن ۾ جيڪا نظرياتي ڇڪتاڻ موجود هوندي هئي اها تقريبن ختم ٿي چڪي آهي ۽ اهي گھڻي ڀاڱي سياست کان لاتعلق ٿي چڪا آهن.
ان سڄي پس منظر ۾ ريٽا شهاڻي جي ٽن ناولن گونگي گگن سان گفتگو، ست سر ست ڏينهن ۽ ڇهي مهي کي ڏسي سگھجي ٿو.
انهن ۾ پهريون ناول خاص طور تي توجھ ڇڪائيندڙ آهي. اهو ناول جيتوڻيڪ 2001 ۾ ڇپيو آهي پر ان ۾ زوري زنا واري جنهن مسئلي کي کنيو ويو آهي اهو اڄ جي ڀارت جو ڄڻ ته هڪ اهم مسئلو ٿي سامهون آيو آهي. اهو ان سماج جو تضاد آهي ته هڪ پاسي ڀارت سائنس ۽ صنعت جي ميدان ۾ هڪ اهم ظاقت طور اڀري رهيو آهي ته ٻئي پاسي ڇوڪرين کي ڄمندي يا ايستائين ته حمل جي دوران ئي جنس جي خبر پوندي ئي انهن کي قتل ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. ان سان هڪ ته آبادي ۾ ڇوڪرين جو تناسب گھٽجي رهيو آهي جڏهين ته ٻئي پاسي حيواني جبلت ۽ عورتن خلاف تشدد ۾ واڌارو اچي رهيوآهي. ليکڪا ان مسئلي کي نهايت خوبصورتي سان نباهيو آهي. اهو ساڳيو مسئلو جيڪڏهين سنڌ ۾ هجي ها ته هتي ان ظلم جي شڪار ڇوڪري کي ڪهاڙين ۽ بندوقن مان ڪڍڻ کانسواء ٻي ڪا واٽ نه هجي ها. ڇوڪري کي نه رڳو سندس گھر وارن پاران قبول ڪرڻ پر ان جي نفسياتي ۽ جسماني بحالي ۾ مدد ڪرڻ هڪ مثبت لاڙو آهي.
ست سر ست ڏينهن هڪ انگريز خاتون جي هڪ سنڌي نوجوان سان شادي کانپوء ڀارت جي هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهڻ ۽ اتي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ آهي. ان ناول ۾ جيتوڻيڪ ليکڪا وديشين ۽ امير ماڻهن جي حوالي سان مقامي ماڻهن ۾ موجود نفرت کي ڇهيو آهي جيڪا خاص طور تي مهاراشٽر پرڳڻي ۾، جتي اها خاتون رهيل آهي، گھڻي شدت سان موجود آهي. پر هڪ ته هو تفصيل ۾ وڃڻ کان ڪيٻائي ٿي ۽ ٻي ڳالھه ته هو ان سڄي معاملي کي ذاتي جھيڙي جو رنگ ڏيئي ان کي هڪ منفي انداز ۾ پيش ڪري ٿي. ناول مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته مقامي ماڻهن جو زميندارن ڏانهن، جن کي سندن سنڌ ۾ زمين هئڻ ڪري هتي ڪليم ۾ زمين ملي آهي، ڪو منفي رويو ناهي.
ناول ڇهي مهي سيتا نالي هڪ ڇوڪري جي احساساتي ڪهاڻي آهي جنهن کي ڏکين حالتن مان سهارو ڏيئي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي.
انهن ٽنهي ناولن ۾ ڪجھ گڏيل ڳالھہين کي هن ريت بيان ڪري سگھجي ٿو.
1) اهي مختلف سماجي موضوعن سان لاڳاپيل آهن؛
2 ) ماحول ۽ ڪردار وچولي طبقي سان واسطو رکن ٿا؛
3 ) ڪردارن جو تعداد گھٽ ۽ دائرو محدود آهي؛
4) هندي ۽ سنسڪرت لفظن جو استعمال گھڻو ڪيل آهي. خاص طور تي ناول ڇهي مهي ۾ اهڙو استعمال گھڻين جاين تي سلسلي کي ٽوڙي ڇڏي ٿو ۽ خاص طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي ان کي سمجھڻ لاء پنهنجي سمجھ کان گھڻو ڪم وٺڻو پئي ٿو؛
5) هڪ ڳالھہ جيڪا خاص طور تي مون کي وڻندڙ لڳي اها اهڙي ٻولي جو استعمال آهي جيڪا خاص طور تي اسان ڪراچي جا سنڌي استعمال ڪندا آهيون جنهن ۾ گجراتي، ميمڻي، ڪڇي ۽ اڙدو جا لفظ شامل هوندا آهن؛
6) ٽنهي ناولن ۾ ٽريجڊي آخر ۾ خوشگوار انجام تي ختم ٿئي ٿي. خاص طور تي ست سر ست ڏينهن ۾ اهو ڄڻ هڪ هندي فلم جو منظر لڳي ٿو.
بهرحال جيئن موتي پرڪاش ايم يو ملڪاڻي جي حوالي سان چئي ٿو ته ريٽا شهاڻي کي جيڪڏهين زياده نويس چئجي ته وڌاء نه ٿيندو جنهن ادب جي مختلف صنفن تي ٽيه کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن. ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سندس شخصيت ۽ فن جو مختلف حوالن سان جائزو ورتو وڃي ۽ ان تي ڪم ڪيو وڃي.