مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڊانڊرس قيدي جي ڊائري: ڪجھ ويچار

ڊانڊرس قيدي جي ڊائري شبير شر جي جيل ڊائري آهي. شبير کي ڪميونسٽ پارٽي جي ٻين ڪارڪنن ۽ اڳواڻن، جن ۾ جمال نقوي، ڪمال وارثي ۽ نذير عباسي وغيره شامل هئا، سان گڏ جولائي 1980 ۾ ناظم آباد ڪراچي مان سرخ پرچم ڇاپڻ ۽ ورهائڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. ساڳي ريت سهيل سانگي ۽ بدر ابڙو کي به انهن ئي ڏينهن ۾ ٻين هنڌن تان گرفتار ڪيو ويو هو جڏهين ته ڄام ساقي اڳ ۾ ئي جيل ۾ هو. ڪجھ عرصو ٽارچر ڪئمپن ۾ اذيتن سهڻ کانپوء شبير ۽ ڪمال وارثي کي لانڍي جيل منتقل ڪيو ويو ۽ پوء جمال نقوي، سهيل سانگي ۽ ڄام ساقي به اتي اڄي ساڻن ساڳي بيرڪ ۾ گڏ رهيا. ٽارچر ڪئمپ مان ان جيل منتقل ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ نذير عباسي جي ٽارچرڪئمپ ۾ شهادت هئي جنهن حڪمرانن تي ٻين قيدين تي نرمي ڪرڻ لاء دٻاء وڌائي ڇڏيو هو.
اهو پاڪستان ۾ ضياءالحق جي سخت مارشل لاء وارو دور هو. ذوالفقار علي ڀٽو کي تازو ئي ڦاهي ڏني ويئي هئي. سياسي ڪارڪنن لاء زندگي سخت هئي. ڦٽڪا، ڦاهيون ۽ جيل هڪ عام ڳالھه هئي. افغانستان جي ثور انقلاب هڪ پاسي ته پاڪستان جي ڪميونسٽن کي هڪ اتساه ڏنو هو ۽ انهن سمجھيو ٿي ته بس ڄاڻ هتي به انقلاب آيو پر ساڳي وقت سندن لاء زندگي اڃا وڌيڪ سخت ڪري ڇڏي هئي. انقلاب جي رومانس گھڻن نوجوانن کي ڪميونسٽ سياست ڏانهن ڌڪي ڇڏيو هو. ان وقت شبير جي عمر ايڪويھه ٻاويھه سال مس هئي ۽ هن سرڪاري نوڪري ڇڏي نالي ماتر ماهوار الائونس تي پارٽي جو ڪل وقتي ڪارڪن ٿيڻ قبول ڪيو هو. زندگي جون حقيقتون رومانس کي ڌنڌلو ڪري ڇڏينديون آهن ۽ اها ڳالھہ شبير تي گرفتار ٿيڻ کان اڳ ئي واضح ٿي ويئي هئي جڏهين هو سرخ پرچم جي ڪم ۾ مصروف هجي ٿو ۽ وٽس بک هئڻ جي باوجود ماني کائڻ لاء پئسا نه ٿا هجن.ِ هو سوچي ٿو ته کيس ڪهڙي کٽي کنئين هئي جو هو چڱي ڀلي سرڪاري نوڪري ڇڏي اچي هن ڪم ۾ پيو هو.
شبير ڊائري ۾ مختلف جاين تي اهو ذڪر ڪري ٿو ته هو پارٽي جو باقاعدي رڪن نه هو ۽ نه ئي کيس پارٽي جي اندروني معاملن متعلق ڪا گھڻي ڄاڻ هئي. هو جڏهين پنهنجي پڇا ڳاڇا ڪرڻ وارن کي اهو ٻڌائي ٿو ته هو حيران ٿيڻ کان وڌيڪ مٿس اعتبار ڪرڻ لاء تيار نه ٿا هجن ته ايترو اهم ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو ڪيئن ائين ٿي سگھي ٿو. لڳي ائين ٿو ته سندس ان تعلق جو ذريعو نذير عباسي هو جنهن جو هو مختلف جاين تي ذڪر ڪري ٿو. اها عجيب ڳالھه آهي ته جنهن جاء ۾ هو رهيل هجي ٿو ان متعلق کين اهو اندازو هجي ٿو ته ان تي ڪنهن به وقت ڇاپو لڳي سگھي ٿو ۽ اهي گرفتار ٿي سگھن ٿا. اهي هڪ لحاظ کان ڄڻ ان جي انتظار ۾ هجن ٿا ۽ در تي ٿيل هر کڙڪو کين ڇرڪائي ڇڏي ٿو. پوء به ان جاء ۾ نه رڳو پارٽي جي اهم ماڻهن جو اچڻ وڃڻ رهي ٿو پر اتي حساس قسم جو لٽريچر ۽ سامان پڻ پيل هجي ٿو.ِ شبير اتان نڪرڻ متعلق سوچي به ٿو پر کيس وري نذير عباسي جو اهو چوڻ ياد اچي ٿو ته ائين ڪرڻ پارٽي سان غداري ٿيندي. ان جاء متعلق فيصلو پروفيسر جمال نقوي جو ڪيل هجي ٿو جنهن کي گھڻن کي ڀوڳڻو پئي ٿو.
شبير پنهنجي ان اسيري جواٽڪل ساڍا ست سالن جو عرصو ٽارچر ڪئمپن ۽ سنڌ جي چار جيلن ۾ گذاريو. اهو ملڪي ۽ عالمي سطح تي وڏي سياسي هلچل وارو دور هو. 1983 ۽ 1986 واريون ايم آرڊي جون تحريڪون، شاه نواز ڀٽو جو قتل، بينظيرڀٽو جو جلاوطني ختم ڪري وطن موٽڻ، افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي ۽ ببرڪ ڪارمل جي جاء تي نجيب الله جو اقتدار ۾ اچڻ ۽ سوويت يونين جو بحران اهم واقعا آهن. جيل ۾ شبير هڪ ڊگھو عرصو پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جمال نقوي، ڄام ساقي، ڪمال وارثي ۽ سهيل سانگي سان رهيو جڏهين ته سياسي تحريڪن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻين سياسي جماعتن جا ڪارڪن پڻ وقت بوقت سندس وارڊ ۾ رهيا.
جمال نقوي نذير عباسي سان گڏ ئي گرفتار ٿيو هو ۽ ٻنهي کي هڪ جاء تي ئي مختلف کولين ۾ رکيو ويو هو. شبير ۽ ڪجھ ٻين دوستن اهو گمان ڪيو ٿي ته نذير جي شهادت ۾ پروفيسر جو هٿ هو ۽ ان ڪري هو اڪثر موقعن تي ان حوالي سان ساڻس تلخ به ٿي ويندو هو. ڄام جيئن ته ان حوالي سان کيس ٿڌو رهڻ جي تلقين ڪندو هو ان مان هن اهو سمجھيو ته ڄام ۽ پروفيسر هڪ آهن. منهنجي خيال ۾ پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ شڪ شبهن جي جنم وٺڻ ۽ اڳتي هلي پارٽي جي ٽٽڻ جو اهم ڪارڻ نذير جي شهادت هئي. اها ڳالھه به ڌيان طلب آهي ته گھڻو عرصو ڄام سان هڪ بيرڪ ۾ رهڻ جي باوجود سندس شخصيت کيس متاثر ڪرڻ ۽ اتساه ڏيڻ ته پري جي ڳالھه هٿئين ڄام جو جيڪو هڪ انقلابي ۽ ڪميونسٽ جو تصور هو ان کي ئي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ آهي ته ڄام وٽ سب رنگ ڊائجسٽ جي سڀني شمارن کانسواء ٻيو ڪو ڪتاب ۽ رسالو نه هو. هو ڪارڪنن جي ڪا نظرياتي تربيت وغيره ڪرڻ جي بجائي پنهنجو سڄو وقت تاش کيڏڻ ۽ گندن لطيفن ٻڌائڻ ۾ گذاريندو هو.
خاص طور تي ڄام ساقي ڪيس دوران پارٽي اڳواڻن جو ساڻس ۽ ڪمال وارثي سان ورتاء سندس لاء هڪ وڏو صدمو هو. هڪ ته ان ڪيس ۾ ٻين سڀني جوابدارن جا وڪيل هئا پر شبير جو ڪو وڪيل نه هو. ٻي ڳالھه ته جڏهين ڪيس هلندي اهي امڪان پيدا ٿي ويا هئا ته فوجي عدالت شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏيئي سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيندي ته اتي سندن وڪيل يوسف لغاري اهو موقف اختيار ڪيو ته جيئن ته شبير ۽ ڪمال سائيڪلو اسٽائيل مشين ۽ سرخ پرچم وغيره سان سڳ سوڌو گرفتار ٿيا هئا ان ڪري انهن کي سزا ڏني وڃي ۽ ڪيس جي باقي جوابدارن کي آزاد ڪيو وڃي. اها ڳالھہ شبير لاء حيران ڪندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ هجي ٿي ۽ هو ڪورٽ ۾ ان جي خلاف احتجاج ڪري ٿو. ساڳي ريتِ ٻاهر اچي هو وڪيل کي چئي ٿو ته تو اهو ڇا ڪيو ته هو کيس اهو ئي جواب ڏئي ٿو ته کيس اهڙي موقف اختيار ڪرڻ لاء ڄام ۽ ٻين اڳواڻن پاران هدايتون ڏنيون ويون هيون. جڏهين ان سلسلي ۾ ڄام سان ڳالھہائي ٿو ته هو کيس جواب ڏئي ٿو ته اهڙي ريت پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي ٻاهر وڃي بهتر نموني سان پارٽي جو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو. اها صورتحال پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جي حوالي سان سندس لاء انتهائي مايوس ڪن هجي ٿي. جن لاء مياس اهي ڪانڌي به نه ٿيا. ڪورٽ جو فيصلو به اهڙو ئي اچي ٿو جيڪو هڪ ڪرنل، جيڪو عدالت جو حصو به نه ٿو هجي، کيس زباني جيل ۾ ٻڌائي وڃي ٿو. ان فيصلي موجب باقي سڀني کي آزاد ڪري شبير ۽ ڪمال کي ست ست سال قيد جي سزا ڏني وڃي ٿي. انتهائي ڪاوڙ ۾ هو ڊائري ۾ مختلف جاين تي اهو اظهار ڪري ٿو ته ڄام ساقي ڪيس مان ڄام ساقي نڪري ويو باقي ڪيس رهجي ويو. هڪ جاء تي هو انهن سڀني آزاد ٿيلن کي سرڪاري ايجنٽ قرار ڏئي ٿو جن کي ضياءالحق جي سخت دور ۾ آزاد ڪري ٻاهر سرگرم ٿيڻ جي اجازت ڏني ويئي هئي. هو لکي ٿو ته انهن اڳواڻن ٻاهر وڃي پارٽي لاء اهو ڪم ڪيو ته پارٽي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي. هو ٻنهي ڌڙن جي اڳواڻن مان مطمئن نه ٿو هجي. هو جتي ڄام ۽ جمال نقوي تي تنقيد ڪري ٿو اتي مير ٿيبو ۽ مختيار باچا به ان جو نشانو بڻجن ٿا. جيئن ته انهن جي امداد ڪندڙ سوويت يونين پاڻ ان وقت بحران ۾ هو ان ڪري هو سمجھي ٿو ته انهن ٻنهي ڌڙن مان به ڪو باقي نه رهندو. هو پنهنجي سزا پوري ڪري جيل مان نڪري ٿو ۽ پاڻ کي ڪنهن به ڌڙي سان لاڳاپيل نه ٿو سمجھي. پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن لاء وٽس بس تلخ يادون ئي هجن ٿيون.
ڪتاب ۾ ڪجھ غلطيون آهن جن کي ليکڪ ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. رڳو هڪ مثال هتي ڏيندس ته هڪ جاء تي ليکڪ اهو لکيو آهي ته 1935 ۾ آئي ايم ايف، عالمي بينڪ ۽ ٻين مختلف ادارن ۽ ملڪن جي گڏجاڻي ٿي هئي جنهن ۾ سوشلزم ۽ آزادي جي تحريڪن کي منهن ڏيڻ لاء حڪمت عملي تيار ڪئي ويئي هئي. ان سلسلي ۾ اها ڳالھہ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته بريٽن ووڊ نظام تحت انهن ادارن جو قيام ئي ٻين مهاڀاري جنگ جي خاتمي کان پوء ٿيو هو.
ان ڊائري مان حالتن جي ڪري گھڻو عرصو غائب آهي ۽ ترتيب به متاثر ٿي آهي ۽ ليکڪ پاران ان جي وضاحت به ڏني ويئي آهي. ان جي باوجود چارسو صفحن کان وڌيڪ جي اها ڊائري سنڌ جي سياسي تاريخ جي هڪ اهم ڪيس جي قيدي جو موقف آهي جنهن جي پنهنجي ليکي اهميت آهي.