هي اوجاڳو اڃا ڪيترو ڊگھو ٿيندو؟
هن ڪتاب ۾ ليکڪ جو اٽڪل تيرنهن چوڏنهن سالن جو پورهيوآهي. مختلف اخبارن ۾ شائع ٿيل اٺهترچونڊ مضمونن ۽ ڪالمن کي شامل ڪيو ويو آهي. اهم موضوع جيتوڻيڪ سنڌ ئي آهي پر دنيا به مجموعي طور تي لاڳيتو تبديل ٿي رهي آهي. نئين صدي جا اهي شروعاتي سال نه رڳو سنڌ پر پوري دنيا لاء اهم واقعا کڻي آيا آهن. جيڪي اميدون گذريل صدي جي آخري سالن ۾ مايوسين ۾ بدلجي ويون انهن هڪ ڀيرو ٻيهراهو پيغام ڏيڻ شروع ڪيو ته اڃا سڀڪجھ ختم ناهي ٿيو. خاص طور تي عرب بهار اسانجي پاسي جي ملڪن ۽ ماڻهن کي هڪ نئون اتساه ڏنو. گلوبلائزيشن مخالف تحريڪ اهو ٻڌايو ته سرمايادار دنيا جي اڳواڻ ملڪن ۾ به سڀڪجھ ٺيڪ ناهي ۽ اتان جو پورهيت ۽ عام ماڻهو به انهن ملڪن ۾ جيڪي ڪجھ ٿي رهيو آهي ان مان مطمئن ناهي. انهن تبديلين هڪ ته اهو ٻڌايو ته دنيا موضوعي ۽ معروضي ٻنهي طريقن سان تبديل ٿي چڪي آهي. ٽيڪنالاجي ۽ خاص طور تي سوشل ميڊيا ماڻهن کي منظم ڪرڻ وارن پراڻن طريقن، وڏن اڳواڻن جي تقريرن، جلسن ۽ جلوسن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ساڳي وقت جيئن گلوبلائزيشن مخالف تحريڪ جي هڪ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ان تحريڪ مان نظريو پڻ غائب ٿي ويو آهي. تاريخ ۾ هيستائين جيڪي به تحريڪون اٿيون آهن ۽ انقلاب آيا آهن اهي ان کان قطع نظر ته ڪيترو ڪامياب يا ناڪام ٿيا آهن سماج کي متاثر ۽ ان کي تبديل ڪرڻ ۾ هڪ ڪردار ضرور ادا ڪيو آهي. نه رڳو انهن تحريڪن جي اثرن ۽ انهن جي نتيجن وغيره تي بحث هڪ ڊگھي عرصي تائين ٿيندو رهندو پر دنيا انهن جي اثرن کي پڻ محسوس ڪندي.
جيتوڻيڪ سنڌ جا ڪي مخصوص مسئلا آهن پر دنيا سياسي، سماجي ۽ معاشي لحاظ ان حد تائين هڪٻئي سان ڳنڊجي چڪي آهي جو ان جي هڪ گلوبل وليج ته پري جي ڳالھہ آهي پر هڪ گلوبل فيميلي هئڻ ۾ به ڪو شڪ نه رهيو آهي. اهڙي ريت سنڌ به هڪ ڌار ٻيٽ نه پر ان سڄي ماحول جو حصو آهي ۽ ان کي اهڙي ريت ئي ڏسڻ گھرجي. ليکڪ انهن تحريڪن جي حوالي سان بحث ڪيو آهي ۽ جيئن مضمون عرب اسپرنگ، سنڌ سمر ۾ انهن کي سنڌ جي صورتحال سان ڳنڍڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي. ليکڪ ليبيا ۽ مصر جي صورتحال سان بحث ڪئي آهي ۽ان سلسلي ۾ پنهنجونڪته نظر ڏنو آهي. بهرحال انهن ملڪن ۾ اڃا تائين به ڪا ڳالھه حتمي ناهي ۽ صورتحال لاڳيتو تبديل ٿي رهي آهي. جيئن تازو ليبيا ۾ ٿيندڙ واقعن مان ظاهر آهي ۽ مصر ۾ لاڳيتو هڪ بيچيني واري ڪيفيت آهي. تيونس، شام ۽ يمن متعلق تفصيلي بحث جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي جيڪا ڳالھہ ان موضوع کي گھڻي حد تائين مڪمل ڪري ڇڏي ها. ايران جي گرين موومينٽ ڇو ناڪام ويئي، هيوگو شاويز ۽ نيلسن منديلا کي خراج عقيدت، هڪ انقلابي جو موت، وينزويلا ڪارو ويس اوڍيو۽ جڏهين هڪ ڇوڪري کي منديلا جي آزادي جي خوشي ۾ سندس والد ڪيڪ وٺي ڏنو، راج گھاٽ تي اوباما، ڪردن جون بندوقون ۽ اوباما کي فلسطيني ٻارن جي ڳڻتي، افضل گورو جي ڦاهي هندوستاني جمهوريت تي آيل سواليه نشان عالمي معاملن متعلق مختلف مضمون آهن جيڪي ليکڪ جي کاٻي ڌر جي سياسي پسمنظر جي نشاندهي ڪن ٿا. پر ننڍي کنڊ جي نئين وار اينڊ پيس جو مهاڳ ليکڪ ۽ ڪتاب جي مزاج کان ڪي قدر هٽيل مضمون لڳي ٿو. پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ڇڪتاڻ ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن لاء هڪ لاڳيتو مسئلو آهي. جيڪڏهين جنگ ناهي به ته به اهي هڪ جنگ واري صورتحال ۾ ئي رهن ٿا. ڊيموڪلس واري تلوار ڪڏهين دهلي ۾ پارليامينٽ تي حملي جي صورت ۾ ۽ ڪڏهين ممبئي حملن جي صورت ۾ سندن مٿان لٽڪيل ئي رهي ٿي. اهو ذڪر ڪيل مضمون ڪارگل جي جنگ جي حوالي سان لکيل آهي. ڪارگل هڪ اهڙو واقعو هو جنهن کي پاڪستان جي حڪمرانن ته شروع ۾ مڃڻ کان ئي انڪار ڪيو ٿي ته ان ۾ ڪنهن لحاظ کان پاڪستان جي رياست شامل آهي ۽ انهن ان کي مجاهدين جي ڪاروائي قرار ڏنو ٿي. اهو ته بلڪل آخر ۾ جڏهين هندوستان فوجي ڪاروائي شروع ڪئي ۽ عالمي دٻاء وڌي ويو ته پوء پاڪستان پاران ان سڄي ڪاروائي کي اون ڪيو ويو. ٻي ڳالھہ ته اها جنگ پاڪستان جي سرزمين تي نه پئي وڙهي ويئي. ان ڪري پاڪستان جي حڪمرانن وٽ اهڙو ڪو اخلاقي جواز نه هو جنهن جي بنياد تي ان کي هڪ قومي جنگ ڪري پيش ڪري سگھجي ها ۽ اهڙي ريت ملڪ جي ليکڪن ۽ فنڪارن کي تحرڪ ۾ آڻي سگھجي ها جيئن اڳ ڪيو ويو هو. جڏهين ته ڀارت لاء اها بلڪل مختلف صورتحال هئي. ان ان کي پنهنجي سرزمين تي حملو ڪري پيش ڪيو ۽ ان بنياد تي نه رڳو ملڪ ۾ پرعالمي سطح تي معاملي کي اٿاريو. مادر وطن جي دفاع لاءِ جيڪڏهين فنڪارپاسو وٺن ٿا ۽ پنڪج اداس ۽ جاويد اختر جيڪڏهين پنهنجن سپاهين کي خراج پيش ڪن ٿا ته اها ڪا اهڙي حيرت جهڙي ڳالھه ناهي ۽ اهو سڀڪجھ نه رڳو ٻنهي ملڪن جي حوالي سان پر تاريخ ۾ به ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھہ ناهي جڏهين فنڪارن ۽ ليکڪن باقاعدي مادر وطن جي دفاع لاء هٿيار کڻي به ويڙه ڪئي آهي.
جيڪڏهين ائين چئجي ته وڌاء نه ٿيندو ته ليکڪ ٻين مختلف موضوعن کي رڳو پڙهندڙ جي ذائقي بدلائڻ لاء شامل ڪيو آهي جڏهين ته سندس اصل موضوع سنڌ ۽ انجا مسئلا آهن. سنڌي ليکڪ سنڌ متعلق ڏاڍو حساس رهيو آهي ۽ ان جي مسئلن ڏانهن وقت بوقت اختيارين جي توجھ ڇڪائيندو رهيو آهي ۽ ان تي احتجاج به ڪندو رهيو آهي. پر مسئلو اهو رهيو آهي ته اهي مسئلا بجائي حل ٿيڻ يا گھٽجڻ جي اڃا وڌنڌا ۽ پيجيدا ٿيندا رهيا آهن. ڳالھہ اها آهي ته ليکڪ وٽ ته خواب، خيال ۽ آدرش آهن جڏهين ته عملي ڪم سياستدانن جي هٿ ۾ هوندو آهي. ليکڪن جي ابتڙ سنڌ جي سياستدانن جي گھڻائي جو واسطو جاگيرداري پسمنظر رکندڙ وڏي زميندار طبقي سان آهي جنهن جي لاء ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ عام ڀلائي وارن ڪم ڪرڻ جو خيال ئي نه رڳو هڪ اوپري ڳالھہ آهي پر ان کي اهي پنهنجي بيعزتي ڪري ليکين ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن خيال ۾ خدمت ته سندن ٿيڻ گھرجي ۽ مراعاتن جا اهي حقدار آهن ۽ نه اهي ٽڪي ٽڪي جا ماڻهو جن جو ڪنڌ ئي سندن آڏو نه ٿو کڄي ۽ جن جو مقدر ئي سدا جي غلامي آهي. سنڌ جو حڪمران طبقو پنهنجي انفرادي مفادن جي تحفظ لاء هميشه اجتماعي مفادن ۽ سنڌ جي ماڻهن جو سودو ڪندو رهيو آهي. سندس ناتو هميشه حڪومت ڪندڙ ڌر سان ئي رهيو آهي پوء ان کي ڀلي جمهوريت جو نالو ڏجي يا آمريت جو. انهن جي متباد ل طور وچولي ۽ هيٺئين طبقي جي نمائندگي جي دعوا ڪندڙ جيڪي جماعتون آهن اهي هڪ ته ماڻهن ۾ اعتبار قائم نه ڪري سگھيون آهن ۽ ٻي ڳالھہ ته وٽن سوائي حڪومت جي ڏنل ڪنهن مسئلي تي ردعمل ڏيکارڻ جي ماڻهن جي ڀلائي لاء ڪو واضح پروگرام ناهي. ان صورتحال ۾ هڪ سوچيندڙ، حساس ۽ مخلص ماڻهو ۽ خاص طور تي ليکڪ وٽ فرستريشن، ڪاوڙ ۽ بيوسي کانسواءِ ٻيو ڪجھ نه ٿو بچي.
ٻوڏن، زلزلن ۽ قدرتي آفتن سان هر ملڪ ۽ قوم جو واسطو پئي ٿو ۽ انهن کي ٽارڻ جواپاءُ اڃا ڪير به دريافت ناهي ڪري سگھيو پرعوام جا هڏ ڏوکي حڪمران اهڙا احتياطي اپاءَ ضرور وٺندا آهن جن سان جاني ۽ مالي نقصان کي گھٽ ۾ گھٽ ڪري سگھجي ۽ ماڻهن جي اهنجن کي گھٽائي سگھجي. ان سلسلي ۾ حڪمرانن جي ذميواري جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته تازوڏکڻ ڪوريا ۾ جڏهين هڪ لانچ جي ٻڏي وڃڻ ڪري سوين ماڻهو ٻڏي مري ويا ۽ انتظاميا انهن جي بچاء لاء ڪي جوڳا قدم نه کڻي سگھي ته ايستائين ته وزيراعظم ان جي ذميواري کي قبوليندي پنهنجي استعفا پيش ڪري ڇڏي. ان جي ڀيٽ ۾ تازين ٻوڏن ۽ مينهن ۾ سڄي سنڌ ٻڏي ويئي ۽ ان جو مک ڪارڻ بدانتظامي ۽ حڪمرانن پاران پنهنجين زمينن ۽ ملڪيتن کي بچائڻ جي ڪوشش هئي. ڪتاب ۾ ان موضوع تي ڪجھ مضمون شامل آهن. سڄي سنڌ جي اخبارن ۽ ليکڪن لاڳيتو ان موضوع تي لکيو پر اقتدار جي صاحبن جي ڪن تي جونء سرڻ ته پري جي ڳالھہ سندن حال ته اهو هو ته ڄڻ ماڻهن کي چوندا هجن ته جيڪڏهين اوهان کي ماني نه ٿي ملي ته پوء ڪيڪ ڇو نه ٿا کائو. هڪ لحاظ کان سنڌ جو حڪمران طبقو ڄڻ ته سنڌ جي ماڻهن سان جنگ ۾ رڌل آهي جنهن جي ڪري سنڌ هڪ سماجي بحران جي ور چڙهيل آهي. ان سلسلي ۾ خاص طور تي ٻهراڙيون ڄڻ پنهنجن ماڻهن کي لوڌي ڪڍي رهيون آهن. رڳو زمين جي موروثي ورهاست، بيروزگاري۽سم ۽ ڪلر وغيره جي ڪري پوک لائق زمين جو گھٽجڻ مسئلو ناهي پر قد رن جو هيٺ مٿي ٿيڻ، هڪٻئي جي عزت، پاڙي ۽ ڳوٺ جو خيال ۽ ڏک سک ۾ هٿ ونڍائڻ جهڙيون ڳالھہيون ته ماضي بڻجي چڪيون آهن پر ان جي ابتڙ سڀني رشتن ناتن کي هڪ پاسي رکي تشدد وسيلي پنهنجي لاء فائدا حاصل ڪرڻ هڪ معمول بڻجي چڪو آهي. رڳو ڌاڙيل فيڪٽر هاڻي مسئلو ناهي رهيو پر هر شخص ڄڻ ٻئي ۾ بگھڙ جيان اکيون وجھيو ويٺو آهي ته ڪڏهين ٿو اکيون پوري ته جيئن مٿس ڪاه ڪجي. ليکڪ واقعي صحيح ٿو چئي ته اها سنڌ ۽ ان جا ماڻهوته ڪي ٻيا هئا جن جي مٺ محبت، مهمان نوازي ۽ چڱاين سان ڪتاب ڀريا پيا آهن. ان سلسلي ۾ رياست ڄڻ ته غيرجانبدار ٿيوبيٺي آهي ۽ نتيجي ۾ پيدا ٿيل خال کي وڏن زميندارن ۽ سردارن پورو ڪيو آهي جن سڄي سنڌ کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو آهي ۽ انتظامي ۽ عدالتي لحاط کان ڄڻ سڄو اختيار وٽن ئي آهي. هڪ قبيلي ۽ ذات جي ماڻهو کي ٻي ذات ۽ قبيلي جي علائقي ۾ وڃڻ لاء ڄڻ ته پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت پئجي ويئي آهي. ان ٽوڙ ڦوڙ ماڻهن کي شهرن ڏانهن ڌڪي ٻهراڙين تي انهن سردارن ۽ ڀوتارن جي قبضي کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.
اها سڄي صورتحال سنڌ جي سياسي حالتن ۽ سياسي جماعتن ڏانهن توجھ ڇڪرائي ٿي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ڄڻ ته پيپلزپارٽي جي سنڌ جي گھڻن ڀوتارن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏِيو هو.ِ منجھائن گھڻن ان کي پنهنجن هٿن مان ويندي محسوس ڪندي جيل وڃڻ کي ترجيح ڏني هئي ۽ حڪومت کي اهو موقعوڏنو هو ته اها ان کي پنهنجي ليکي ختم ڪري. اهو سنڌ جي سياسي تاريخ جو ايڏو وڏو سياسي اڀار هو جو قومپرست جماعتون، جن مان ڪجھ ان تحريڪ جو حصو پڻ رهيون هيون، جيڪي اڃا پنهنجي تنظيم جي ابتدائي مرحلن ۾ هيون ان کي سنڀالي نه سگھيون ۽ مارشل لاء سرڪار سياسي تشدد ۽ لالچ سان گڏوگڏ جيل ٽوڙائي ڌاڙيل فيڪٽر کي متعارف ڪرائي ۽ انهن کي جديد هٿيارن سان هٿياربند ڪري اغوائن ۽ ڦرن وسيلي وچولي طبقي، جيڪو ان تحريڪ جي ڪرنگھي هو، کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. ان عرصي ۾ عالمي حالتن ۾ پڻ بنيادي تبديليون واقع ٿيون جن جو سنڌ جي ٻهراڙي جي حوالي سان تت اهو هو ته اين جي اوز جو ڄار وڏي پئماني تي ڦهلجي ويو ۽ سياسي ڪارڪن هڪ بلڪل اڻ لڀ شيء ٿي پيو. اهڙي ريت اسٽيٽس ڪو خلاف جدوجهد گھڻي ڀاڱي پسمنظر ۾ هلي ويئي. انهن سڀني ڳالھين گڏجي سنڌ ۾ ڀوتارن جي ڪمزور ٿيندڙ ضابطي کي مضبوط ڪيو. انهن جو بچاء ويڙاهيو ۽ راڄ ڪيو ۽ ڪنهن به سياسي تحريڪ کي جيڪا سندن مفادن لاء هاڃيڪار هجي کي اڀرڻ کان روڪڻ ۾ هو.
هن وقت سنڌي سماج ۾ جيڪا اڻ تڻ، بيچيني ۽ افراتفري آهي اها هڪ لحاظ کان ڄڻ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي سياسي شعور جي ملندڙ سزا آهي. ان صورتحال کي روڪڻ ۾ سياسي ۽ طبقاتي جماعتن جو ڪو ڪردار ڪونهي ۽ اهي هڪ لحاظ کان ان سلسلي ۾ ڄڻ بلڪل غير موثر ٿي چڪيون آهن. اها صورتحال جيڪڏهين ساڳي رهي ٿي ته پوء اهو نه ٿو چئي سگھجي ته انور ۽ اسان جهڙن ليکڪن جا اوجاڳا اڃا ڪيترو عرصو هلندا.