مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڪراچي : هڪ ناول نگار جي نظر ۾

محمد حنيف هڪ صحافي جي حيثيت سان پنهنجي سڃاڻپ رکي ٿو. سندس پهرئين ناول A Case of Exploding Mangoes کيس هڪ ناول نگار طور پڻ متعارف ڪرايو. هڪ ناول جي طور ان کي ڏيهي ۽ پرڏيهي لحاظ کان گھڻي پذيرائي ملي. اهو بحث بهرحال هاڻي پراڻو ٿي چڪو آهي ته آيا صحافت تخليقي صلاحيتن تي منفي اثر وجھي ٿي يا مثبت. اها ڳالھه گھڻي ڀاڱي طئي ٿي چڪي آهي ته اهي ٻيئي شعبا هڪ ٻئي کان ڌارنه پر هڪٻئي سان لاڳاپيل آهن ۽ هڪٻئي جي مدد ڪن ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته صحافت مڪمل طور حقيقتن تي مدار رکي ٿي جڏهين ته ادب ۾ حقيقتن سان گڏوگڏ ليکڪ جي خيالن ۽ تصورن جو پڻ عمل دخل هجي ٿو ۽ هو پنهنجي فن ۽ تخليقي صلاحيتن ذريعي ان کي هڪ نئون روپ ڏيئي ٿو. اهڙن ليکڪن جا گھڻا مثال آهن جيڪي ساڳي وقت صحافي به رهيا آهن ۽ انهن شاهڪار ادب پڻ تخليق ڪيو آهي.
محمد حنيف جي ناولن جي خاصيت اها آهي ته انهن جو واسطو ان ماحول جي حقيقتن سان هوندو آهي جنهن ۾ هو رهي ٿو. ائين لڳندو آهي ته جيڪي ڪجھ هو بيان ڪري رهيو آهي اتي هو پاڻ موجود آهي ۽ اهو سڀڪجھ سندس اکين آڏو ٿي رهيو آهي. ان ڪري پڙهندڙ کي پڻ اوپرائپ محسوس نه ٿيندي آهي ۽ هو پاڻ کي ليکڪ سان ساڳي پيج تي محسوس ڪندو آهي. سندس پهريون ناول ان پسمنظر ۾ لکيل آهي جنهن جو انت ضياء الحق جي جهاز جي ڦاٽڻ ۽ سندس مرڻ جي صورت ۾ ٿيو هو. جڏهين ته سندس ٻيو ناول Our Lady of Alice Bhatti خاص طور ڪراچي جي حالتن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. اهو ناول فرينچ ڪالوني نالي ڪچي وستي ۾ رهندڙ هڪ خاڪروب جوزف ڀٽي جي ڌي الائس، جيڪا هڪ عيسائي ڊاڪٽر جي خيراتي هسپتال، جتي هر مرض جو علاج ٿئي ٿو، ۾ هڪ سيکڙاٽ نرس طور ڪم ڪري ٿي، جي چوڌاري گھمي ٿو. جوزف ڀٽي گٽر صاف ڪرڻ ۽ صفائي جي ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآني آيتن ۽ روحاني طريقي سان ماڻهن جي السر ۽ پيٽ جي بيمارين جو پڻ علاج ڪري ٿو جنهن جي ڪري عيسائين پاران مٿس شڪ ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي هو مسلمان ته نه ٿي ويوهو پر هو اهڙي هر ڳالھہ کي رد ڪري ٿو. اهو خاندان هڪ ته عيسائي ۽ ٻيو خاڪروب هئڻ جي ناتي ٻٽي مذهبي ۽ طبقاتي امتياز جو شڪار آهي. هڪ پاسي مسلمان کين پنهنجي ويجھو نه ٿا اچڻ ڏين ته ٻئي پاسي امير طبقي جا عيسائي گھٽ ذات ۽ پيشي هئڻ ڪري کين پاڻ جهڙو نه ٿا سمجھن.
اهي ساڳي وقت معاشي ۽ جنسي استحصال جو پڻ شڪار آهن. الائس جي ماء، جيڪا هڪ وڏي گھر ۾ ڪم ڪري ٿي، گھر جي مالڪ جي جنسي ڏاڍ جو شڪار ٿئي ٿي جيڪو مزاحمت ڪرڻ تي کيس قتل ڪري ڇڏي ٿو ۽ ان قتل کي ڏاڪڻن تان ڪرڻ جو هڪ حادثو قرار ڏنو وڃي ٿو جنهن ۾ چرچ جي پادري کي به ڏوڪڙ ڏيئي پاڻ سان شامل ڪيو وڃي ٿو. ساڳي ريت اسپتالن ۾ نرسن سان ڊاڪٽرن، اسپتال جي ٻئي عملي،ِ مريضن ۽ سندن تيماردارن پاران جيڪو ورتاء ڪيو وڃي ٿو الائس کي به ان مان گذرڻو پوي ٿو. سندس نرسنگ جا ڪلاس وٺندڙ هڪ ڊاڪٽر، جيڪو پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائي ٿو، ساڻس پيار جو اظهار ڪري ٿو ۽ انهن ۾ هڪ جنسي ناتو پڻ قائم ٿئي ٿو پر جڏهين کيس حمل ٿئي ٿو ته اهو ڊاڪٽر اهو بهانو ڪري ته سندس ماء رڳو شيعه خاندان مان ئي سندس شادي ڪرائيندي ۽ سندن ان تعلق کي ڪنهن به صورت قبول نه ڪندي اهو ناتو ختم ڪري ڇڏي ٿو.
الائس جي اها خاصيت هجي ٿي ته اها هر ڏاڍائي خلاف مزاحمت ڪري ٿي. هڪ ڀيري جڏهين سندس ڊيوٽي هڪ امير خاتون مريض جي وي آئي پي روم ۾ لڳائي وڃي ٿي ته اتي ان عورت جو هڪ نوجوان تيماردار ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر هو ائين ٿيڻ نه ٿي ڏئي ۽ ان همراه جي نازڪ عضوي کي بليڊ سان چير ڏيئي ڪمري مان هلي وڃي ٿي. اسپتال ۽ عدالت پاران کيس ئي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي ٿو. ان ڏوه جي ڪري کيس سزا ملي ٿي ۽ کيس ڪجھ عرصو عورتن ۽ ٻارن جي جيل ۾ رهڻو پوي ٿو.
هتي اسپتال ۾ ئي الائس جي واقفيت ٽيڊي بٽ نالي پوليس جي هڪ مخبر، جيڪو اسپتال ۾ مختلف ميڊيڪو ليگل رپورٽن جي سلسلي ۾ پوليس سان گڏ ايندو رهي ٿو، سان ٿئي ٿي. ٽيڊي بٽ پوليس جو باقاعدي ملازم ناهي پر انهن سان ڪم ڪندو رهي ٿو. هو کيس هڪ ڀيرو اسپتال جي چرين جي وارڊ مان ڪڍڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿو. ساڳي وقت هو الائس کي پسند به ڪري ٿو ۽ شادي جي آڇ ڪري ٿو جنهن کي هو قبول ڪري ٿي. سمنڊ ۾ هڪ آبدوز تي سندن اسلامي طريقي مطابق نڪاح ٿئي ٿو پر هو پنهنجو نالو تبديل نه ٿي ڪري جنهن جي ڪري گھڻا اهو شڪ ڪن ٿا ته هن دل سان اسلام قبول ناهي ڪيو ان ڪري ٽيڊي بٽ ۽ سندس وچ ۾ جيڪو ناتو آهي اهو ناجائز آھي.
جنهن رات هو ٽيڊي بٽ سان گڏ رهڻ لاء سندس فليٽ تي وڃي ٿي ان رات ئي انسپيڪٽر ملنگي، جنهن سان ٽيڊي بٽ ڪم ڪري ٿو، پاران کيس اڌ رات جو ڊيوٽي تي هلڻ لاء تيار رهڻ لاء چيو وڃي ٿو. الائس سوچي ٿي ته اها ڪهڙي ڊيوٽي آهي جنهن ۾ هو پهرين رات به پنهنجي زال سان نه ٿو گذاري سگھي. دراصل پوليس جي گاڏي ۾ زنجيرن ۾ قابو ٿيل هڪ نوجوان هجي ٿو جنهن تي دهشت گردي جو شڪ هجي ٿو ۽ انسپيڪٽر هن کي سندس ماء سان ملڻ جي بهاني نارٿرن بائي پاس، جتي کيس مارڻ جو پروگرام هجي ٿو، وٺي وڃي ٿو. ٽيڊي بٽ کي ان نوجوان سان حال احوال ڪرڻ لاء سندس ڀر ۾ ويهاريو وڃي ٿو جيڪو کيس ٻڌائي ٿو ته سندس ماء ان پاسي نه ٿي رهي ۽ کيس خبر آهي ته کيس اوڏانهن ڇو وٺي پيا وڃن. ٻيو ته هو رڳو ان همراه سان پويان موٽر سائيڪل تي ويٺو هو جنهن اها دهشت گردي جي ڪاروائي ڪئي هئي ۽ هو ان ۾ سڌي ريت ملوث نه هو. جڏهين گاڏي مقرر جاء تي پهچي ٿي ته ان همراه کي پيشاب ڪرڻ جي لاء زنجيرون وغيره لاهي ٽيڊي بٽ سان ٻوڙن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو جتي ٽيڊي تي ڪتا حملو ڪن ٿا ۽ ان جو فائدو وٺي هو همراه ڀڄي وڃي ٿو. ان جي سڄي ذميواري ٽيڊي بٽ تي وڌي وڃي ٿي ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته همراه کي ڳولهي ڏي يا نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار ٿي وڃي. ان پريشاني ۾ هو ڏينهن جا ڏينهن گھر مان غائب ٿو رهي ۽ الائس کي خبر نه ٿي پئي ته نيٺ هو ڪٿي هو.
ان وچ ۾ اسپتال ۾ هڪ واقعو ٿئي ٿو. الائس هڪ عورت جي ويم وقت موجود هجي ٿي. ويم ٿيڻ تي اهو سمجھيو وڃي ٿو ته ٻار مئل حالت ۾ پيدا ٿيو هو ۽ ماء جيئري هجي ٿي. پر الائس جي اتي هوندي ٻار ۾ اوچتو زندگي اچي وڃي ٿي ۽ ماء فوت ٿي وڃي ٿي. ان سڀ ڪجھ کي الائس جي روحاني قوت ڪري ليکيو وڃي ٿو ۽ جيڪي مريض اسپتال کان ٻاهرهجن ٿا اهي چون ٿا ته انهن الائس کي مور پنک سان آسمان کان تخت تي لهندي ڏٺو هو. بهرحال الائس ان ٻار کي پاڻ سان کڻي وڃي ٿي ۽ ٽيڊي بٽ جو گھر ڇڏي هڪ ٻي سينيئر سسٽر سان گڏ رهڻ لڳي ٿي.
ٽيڊي جڏهين گھر موٽي ٿو ته الائس کي گھر تي نه ڏسي کيس شڪ ٿئي ٿو ته هو کيس ڇڏي ٻئي ڪنهن سان هلي ويئي آهي ۽ سندس ڳولها ۾ نڪري ٿو. ان دوران انسپيڪٽر ملنگي رٽائر ٿيڻ واري ڏينهن ان ساڳئي فرار ٿيل نوجوان هٿان ٽريفڪ سگنل تي قتل ٿيڻ کان اڳ ٽيڊي بٽ کي مال خاني مان تيزاب جي بوتل ڏئي ٿو ۽ کيس انهن همراهن وٽ نوڪري وٺي ڏئي ٿو جن مطابق الائس تي اڃا سندن حساب رهيل هو. اهڙي ريت ٽيڊي الائس تي تيزاب وجھي کيس ماري ڇڏي ٿو.
الائس جي روحاني مرتبي کي چرچ پاران قبول نه ٿو ڪيو وڃي. ان تي احتجاج ڪندي جوزف ڀٽي روم ۾ ويٽيڪن کي خط لکي ٿو ته الائس جي روحاني حيثيت کي ان ڪري قبول نه ٿو ڪيو وڃي ته اها هيٺئين طبقي جي فرد هئي جڏهين ته اها ڳالھہ طئي آهي ته کيس تخت تي آسمان ڏانهن ويندي گھڻن ماڻهن ڏٺو هو ۽ زمين تي رڳو سندس مڙه موجود آهي. ان ڪري چرچ کي انصاف ڪندي سندس روحاني حيثيت کي مڃيندي کيس جائز مرتبو ڏيڻ گھرجي.
اها شهر جي حالتن جي هڪ احساساتي تصوير آهي جنهن کي ان طبقي جي ماڻهن جي نظر سان ڏٺو ويو آهي جن جي هن سماج ۾ ڪا حيثيت ناهي. غير جذباتي نموني سان لکيل هي ناول پڙهندڙ لاء سوچ جا نوان در کولي ٿو.