مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

مارڪس ۽ سوشلزم

ڄيٺمل پرسرام سنڌي ادب جو هڪ اهم نالو آهي. مختلف موضوعن تي سنڌي ۽ انگريزي ۾ هن جا اٽڪل پنجاه کن ڪتاب آهن. تازو سندس 1926 ۾ شائع ٿيل ڪتابڙي سوشلزم (ساميه واد) کي ڪتاب پبلشرز پاران اسلم خواجه ڪارل مارڪس ۽ سوشلزم (ساميواد) جي نالي سان ٻيهر ڇپرائي سامهون آندو آهي. ڄيٺمل ساڳي وقت صوفي ازم سان به لاڳاپيل هو ۽ هڪ سوشلسٽ به هو. هو زندگي جي انهن ٻنهي طريقن ۾ ڪو تضاد نه سمجھندو هو. هو لکي ٿو ته ”منهنجو رايو آهي ته ڌرم ئي آهي جو ساميه واد جو سچو بنياد ٿي سگھي ٿو. پر انهي ۾ به ڪو شڪ ڪونه آهي ته ڌرم ۽ نيتي ۾ شاهوڪاري جزا سمائجي ويا آهن جنهن ڪري نيتي ۽ ڌرم کي اخلاق ۽ مذهب کي رنگ شاهوڪاري لڳي ويو آھي.“
هو ان ڳالھه ۾ واضح آهي ته ملڪيت ۽ شاهوڪاري جو نه ته محنت سان ڪو تعلق آهي ۽ نه ئي اهو ڪو ڪرم جو ڦل آهي پر اها سنئين سڌي ڦرمار آهي جنهن ۾ ڏاڍ، زور ۽ زبردستي وسيلي ماڻهن جي گھڻائي کي محڪوم، غريب ۽ مسڪين ڪري رکيو وڃي ٿو. هو چئي ٿو ته ”ساميه وادي ثابت ڪري رهيا آهن ته ملڪيت آهي چوري“ ان جو علاج هو هڪ لوڪشاهي يعني ماڻهن جي گھڻائي جي حڪومت ڄاڻائي ٿو جنهن ۾ سڀني ماڻهن کي هڪ انسانن جهڙي زندگي گذارڻ جون سهولتون حاصل هجن.
ان سان گڏوگڏ ڄيٺمل پرسرام جو سنڌ ۾ صوفي ازم، سچل سرمست ۽ خاص طور تي ڀٽائي جي حوالي سان تفصيلي ڪم ٿيل آهي. اها ڳالھه سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته جيڪي ادارا خاص طور تي ان ڪم لاء مختلف يونيورسٽين وغيره ۾ قائم ڪيا ويا آهن اهي ان پاسي توجھ ڇو نه ٿا ڏين. جيڪڏهين ڪا نئين تحقيق ۽ نئون ڪم نه ٿو ٿي سگھي ته ائين ته ڪري سگھجي ٿو ته اڳ جيڪو ڪم ٿيل آهي ان کي سامهون آڻجي جيڪو پڻ نئين ڪم لاء به هڪ اتساه ۽ بنياد فراهم ڪري سگھي ٿو.

چندر ۽ نئون ادب ۽ نيون ڳالھيون

نئون ادب نيون ڳالھيون چندر ڪيسواڻي جو نئون ڪتاب آهي. ان کان اڳ سندس شاعري جا ٻه ڪتاب زندگي، خواب ۽ خود ڪشي ۽ روپوش محبت ڇپجي چڪا آهن.
اسان مان گھڻن وانگر چندر جو ادبي حوالو پڻ سنڌي ادبي سنگت آهي. هڪ اهڙي نرسري جنهن نه رڳو اديبن جي هڪ کان وڌيڪ نسلن جي تربيت جو فرض انجام ڏنو آهي پر گھڻن سياسي ڪارڪنن کي آمريتن جي دور ۾، جڏهين سياسي سرگرمين تي پابندي ۽ اظهار جي آزادي تي پهرا هوندا هئا، هڪ اجھو ۽ اظهار جو ذريعو مهيا ڪيو هو. سنگت جي اها ساک ئي آهي جنهن جي ڪري اڃا تائين ايڏي ڀڃ ڊاه جي باوجود به ان سان لاڳاپيل ماڻهن کي سماج ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو وڃي ٿو.
دوستي ۾ شايد وقت جو احساس نه رهندو آهي ۽ خاص طور تي ان وقت جڏهين ذهني آهنگي وڌنڌڙ هجي ۽ ماڻهو ڏينهون ڏينهن هڪٻئي جي ويجھو ٿيندو وڃي. مون کي سالن جي ڳڻپ ياد ناهي پر چندر شايد منهنجن ڪجھ اهڙن دوستن مان آهي جن لاء مون کي محسوس ٿيندو آهي ته اهي هميشه مون سان گڏ رهيا آهن پوء ڀلي ساڻن سالن جا سال بالمشافه ملاقات نه ٿي هجي.
ضياءالحق جي دور ۾ خاص طور تي ڪراچي سنگت سنڌ جي سڀني قوم پرست ۽ ترقي پسند سياسي ڪارڪنن لاء هڪ اجھي مثل هئي. سنگت جي گڏجاڻين جي اهڙي ڇڪ هوندي هئي جو سنڌ جي مختلف شهرن مان ماڻهو ڪهي ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاء پهچندا هئا. اهو ممڪن ئي نه هوندو هو ته خميس جي ڏينهن ڪو سنڌي اديب ۽ سياسي ڪارڪن ڪراچي ۾ موجود هجي ۽ سنگت جي گڏجاڻي ۾ شريڪ نه ٿئي. چندر به اهڙن ماڻهن ۾ شامل هوندو هو.
سنگت جي تنقيدي ڪلاسن ۾ پيش ڪيل اسمن تي تنقيد جو مطلب شريڪ ٿيندڙن ۽ تخليقڪار جي تربيت هونڌو هو. ان دور جي ڪراچي سنگت جي دوستن کي ان ڳالھه جو چڱي ريت اندازو هوندو ته هڪ ته تنقيد جي نوعيت ذاتي نه هوندي هئي ۽ ٻي ڳالھه ته دوستي يا ننڍي وڏي هئڻ ڪري ڪنهن سان رو رعايت نه ڪئي ويندي هئي ۽ ان کان وڌيڪ اهم ڳالھه ته اهڙي تنقيد سان ذاتي ناتا بجائي خراب ٿيڻ جي اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندا هئا جيڪي اڃا تائين مختلف طريقن سان هلندا اچن.
سياسي جماعتن جي سرگرمين کان پاسيرو ٿيڻ ۽ سنگت ۾ سرگرم ٿيڻ تي مون کي ان وقت هڪ دوست مهڻو ڏيندي چيو هو ته دنيا ۾ ماڻهو ادبي تنظيمن کان سياسي جماعتن ڏانهن ويندا آهن جڏهين ته اوهان سياسي تنظيم کان ادب ڏانهن موٽ کاڌي آهي. پر ڏٺو وڃي ته ان سلسلي ۾ آئون اڪيلو نه هوس گھڻا اهڙا سياسي ڪارڪن هئا جن سنگت کي پنهنجين سرگرمين ۽ اظهار جو ذريعو بڻايو هو. ان جو ڪارڻ منهنجي خيال ۾ رياستي ڏاڍ ۽ تشدد ته هو ئي پر ساڳي وقت ان وقت سنڌ جي ترقي پسند ۽ قوم پرست تنظيمن ۾ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ ٿي رهي هئي ان گھڻن کي مايوس ۽ بيزار ڪري ڇڏيو هو.
اهو ذڪر مون ان ڪري ڪيو آهي ته چندر به انهن سياسي ڪارڪنن مان ئي هو جيڪي جيتوڻيڪ ان وقت سياست ۾ سرگرم هئا پر ساڳي وقت منجھن هڪ تبديلي جو عمل پڻ جاري هو ۽ سنگت ڄڻ سندن لاء هڪ متبادل اجھو هو. سوويت يونين جو ٽٽڻ ۽ کاٻي ڌر جو وکرجڻ اهڙن ڪارڪنن لاء آخري ڌڪ ۽ گھڻن لاء سياست کان بيزاري جو آخري بهانو هو.
ڪنهن سياسي جماعت سان سلهاڙيل نه هجڻ ۽ غير سياسي هئڻ ٻه ڌار ڳالھہيون آهن. منهنجي نظر ۾ ڪنهن سياسي جماعت سان وابستا نه هوندي به ماڻهو پنهنجو سياسي موقف ۽ رايو رکي سگھي ٿو. پر هن وقت Depoliticization گھڻو وڌي ويئي آهي ۽ آئون سمجھان ٿو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جو جيڪو هڪ وڏو تعداد Depoliticize ٿيوآهي ان ۾ چندر به شامل آهي. ان جو رڳو هڪ مثال ڪتاب ۾ شامل مضمون جنگ، انقلاب ۽ شاعري ۾ استعمال ڪيل لفظ ڳاڙها ڪامريڊ آهي. ان هڪ لفظ ۾ جيترو طنز ۽ جيتري نفرت سمويل آهي ان کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو.
بهرحال سنڌو مان هاڻي گھڻو پاڻي وهي چڪوآهي. هن وقت چندر جو سياست سان ڪوبه واسطو ناهي. هاڻي سندس واسطو اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن سان آهي. ساڳي وقت هو هڪ نه ٻئي نموني سنگت سان پڻ سلهاڙيل آهي. سندس لاڳيتو ايندڙ ڪتاب ان ڳالھہ جي گواهي آهن ته هو هاڻي هڪ مستند ليکڪ آهي ۽ سندس شخصيت جي تبديلي وارو عمل گھڻي ڀاڱي مڪمل ٿي چڪو آهي.
هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن ۽ شخصيتن تي مضمون شامل آهن. اها واقعي خوش قسمتي آهي ته هن دور ۾ اياز ۽ موهن ڪلپنا جهڙا ليکڪ رهيا آهن جيڪي اسان جا همعصر آهن ۽ جن پنهنجين لکڻين سان هڪ نئون اتساه ڏنو آهي.
اياز جي حوالي سان ڪتاب ۾ ٻه مضمون شيخ اياز_پڇاڙڪو عڪس ۽ ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر شامل آهن. اياز جي حوالي سان سنڌي اديبن ۾ هڪ عقيدت جو لاڙو حاوي آهي. اياز تي تنقيد ڪندڙ ڄڻ ته outcast ٿيو وڃي. چندر ان روايت کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پهرئين مضمون ۾ ليکڪ پاڻ کي پري رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ اياز جيئن سوچيو پئي تيئن ان کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر جيئن ته اهو ڪو انٽرويو نه پر تاثر ۽ مضمون آهي ان ڪري ان ۾ ليکڪ جو پنهنجو رايو هئڻ ضروري آهي. جڏهين ته ٻئي مضمون کي پڻ موهن ڪلپنا جي طارق اشرف کي اياز متعلق لکيل تعريفي خط کان شروع ڪندي ائين ئي ختم ڪيو ويو آهي. هڪ ترقي پسند ليکڪ جي سڃاڻپ رکڻ جي ڪري چندر کي روايتن کي ٽوڙڻ جو ڪم ڪنهن حد تائين ته ڪرڻ گهرجي ها.
موهن تي مضمون نهايت جامع ۽ مختلف پاسن جو احاطو ڪندڙ آهي. ايستائين ته پڙهندڙ واقعي موهن کي محسوس ڪرڻ شروع ڪري ٿو. پر هتي پڻ ساڳي ريت پڙهندڙ کي ليڱڪ جي تنقيدي اپروچ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي. خاص طور تي موهن جي نظرياتي حوالي سان جڏهين هو آر ايس ايس سان لاڳاپيل هوجنهن جو هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پڻ ذڪر ڪيو آهي.
ائين ناهي ته ليکڪ جو اهو رويو سڀني مضمونن ۾ آهي ڇاڪاڻ ته جڏهين هو امير ابڙو جي ڪتاب ڪانئر جو موت جو جائزو وٺي ٿو ته ان ۾ ڪنهن به قسم جي رو رعايت کان پاسو ڪري ٿو ۽ جنهن کي غلط ۽ صحيح سمجھي ٿو ان جو اظهار ڪري ٿو.
سنگت ڪراچي جي اها خاصيت هوندي هئي ته ان پاڻ کي رڳو ادب جي ڪجھ صنفن تائين محدود نه رکيو هوپر پنهنجي دائري کي وڌائي مختلف سماجي ۽ سياسي موضوعن کي پڻ ان ۾ شامل ڪيو هو. ڪتاب ۾ شامل پهريون مضمون سنڌي عورت جو سماجي اڀياس اهڙي ئي هڪ سيمينار ۾ پڙهيو ويو هو. اهو تاريخي حوالن سان نهايت ڀرپور مضمون آهي ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ساڳي ريت اڄ جي حالتن سان پڻ مطابقت رکي ٿو.
ڪتاب ۾ چندر جي ٽهي جي گھڻن ليکڪن جهڙوڪ اميرابڙو، انورابڙو، جان خاصخيلي ۽ غفار تبسم وغيره جي ڪتابن تي ليک شامل آهن. تاجل بيوس جي سفرنامي ”ڏور به اوڏا سپرين“ تي هڪ تفصيلي ليک ڪتاب ۾ شامل آهي.
شاعري ۽ سٺو ادب ته سرجبو ئي گھڻي ڀاڱي ڏکين حالتن ۾ آهي. جيئن امر جليل جو چوڻ آهي ته جڏهين معاشري ۾ گھٽ، ٻوسٽ، ڇڪتاڻ ۽ ڏاڍ هوندو آهي ته هو سمجھندو آهي ته اهو تخليق لاء مناسب ۽ سازگار وقت آهي. مون کي اها ڳالھه سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته چندر کي ڪنهن جنگ جي وقت شاعري ڪرڻ کان روڪيو هو جو کيس جنگ، انقلاب ۽ شاعري لکڻ تي مجبور ٿيڻو پيو.
ڪتاب ۾ هر مضمون جي ايتري وقعت آهي جو ان تي ڌار مضمون لکي سگھجي ٿو. ليکڪ گھڻن نون لاڙن، نين بحثن ۽ نون موضوعن کان متعارف ڪرايو آهي. پڙهندڙ کي يقينن سندس ايندڙ ڪتابن جو انتظار رهندو.