مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

سڃاڻپ جي ڳولها

ايلف شفق فڪشن ۽ نان فڪشن ٻنهي صنفن ۾ لکندي رهي آهي. پينگوئن پاران سندس هڪ مختصرنان فڪشن ڪتابThe Happiness of Blond People: A Personal Meditation on the Dangers of Identity ڊجيٽل فارم ۾ شائع ڪيو ويو آهي ته جيئن ماڻهو ڪنهن سفر دوران ۽ ٿوري فراغت جي وقت ان کي پنهنجي موبائل وغيره تي ئي پڙهي سگھن. هن ڪتاب ۾ ليکڪا خاص طور يورپ ۾ وڏي پئماني تي ايشيائي ۽ آفريڪي ماڻهن ۽ خاص طور مسلمانن جي اچڻ سان جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان تي پنهنجي سوچ ويچار پيش ڪئي آهي. هن ڪتاب لکڻ جو اتساه کيس ان وقت مليو جڏهين هو نيدرلينڊ جي شهر هيگ مان هڪ ادبي ڪانفرنس مان استنبول موٽي رهي هئي. ايئرپورٽ تي لائين ۾ بورڊنگ جو انتظار ڪندي هو هڪ ترڪ مرد کي پنهنجي هڪ ٻئي هم وطن سان ڳالھائيندي ٻڌي ٿي. هو ان شخص کي ٻڌائي رهيو هو ته هو هيگ ۾ جنهن عمارت ۾ رهيل هو ان جي هيٺين ماڙ تي رهندڙعورت کيس گھڻو تنگ ڪيو هو. ٻارن جي ٿوري به شور تي هو فوري طور پوليس کي گھرائيندي هئي ۽ پوليس به هر ڀيري سندس چوڻ تي ايندي هئي ۽ کين تنگ ڪندي هئي. ٻيو شخص کانئس پڇي ٿو ته ڇا ان عورت جا پنهنجا ٻار شور نه ٿا ڪن ته هو جواب ڏئي ٿو ته نه. ڇاڪاڻ ته گورا وڌيڪ مطمئن ۽ خوش آهن ۽ اسان کان مختلف آهن.
هو سوچي ٿي ته ڇا واقعي ائين ئي آهي. ايشيا ۽ آفريقا جا گھڻا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي معاشي، سماجي، سياسي ۽ امن امان جي صورتحال جي ڪري ٻين ملڪن ڏانهن لڏين ٿا. ان وقت منجھن هڪ ته پنهنجن مائٽن، دوستن ۽ پنهنجي ماحول کان ڌار ٿيڻ جو ڏک ۽ هڪ ڏوه جو احساس هجي ٿو جڏهين ته سندن ملڪ جي حالتن منجھن جنهن هڪ غم جي ڪيفيت کي پيدا ڪيو هجي ٿو ان مان نڪرڻ جي خوشي به هجي ٿي.
ليکڪا پنهنجي ذاتي تجربي جي حوالي سان ٻڌائي ٿي ته سندس ننڍپڻ ۾ ئي سندس ماء پي ۾ طلاق ٿي ويئي هئي. هو پنهنجي ماء ۽ ناني سان پهرين انقره ۾ رهي ۽ پوء پنهنجي ماء جي نوڪري جي سلسلي ۾ استنبول ۽ اتان ميڊرڊ آئي جتي هو جنهن اسڪول ۾ پڙهندي هئي اتي مختلف ملڪن جا ٻار هوندا هئا. جيڪڏهين دنيا ۾ ڪنهن ملڪ ۾ ڪو واقعو ٿيندو هو ته ان ملڪ جي ٻار جي حوالي سان اها ڳالھہ ٻوله ڪئي ويندي هئي. کيس پنهنجن ڪمن ڪارين ۽ لکڻ جي حوالي سان دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هو سمجھي ٿي ته سندس پاڙون ڪنهن هڪ سرزمين ۾ ناهن بلڪه هو ڏندڪٿائي وڻ Tuba جيان آهي جنهن جون پاڙون بجائي زمين جي مٿي هوا ۾ هونديون آهن.
سندس خيال آهي ته لڏي ويندڙن جي پهرين نسل پنهنجي وطن ۽ مٽن مائٽن کي گھڻو ياد ڪندي آهي جڏهين ته پوء وارين نسلن لاء اهو گھڻو مسئلو نه هوندو آهي. هو 1930 جي ڏهاڪي ۾ استنبول مان آمريڪا لڏي ويندڙ هڪ آرمينائي سان ملاقات جو ذڪر ڪري ٿي جنهن جي اکين ۾ استنبول کي ياد ڪندي ڳوڙها اچي وڃن ٿا. هن جو چوڻ هو ته سندس دل ته استنبول وڃڻ لاء گھڻو چئي ٿي پر کيس خبر آهي ته هو جيڪڏهين هڪ ڀيرو اتي ويو ته وري موٽي نه سگھندو جڏهين ته اها ڳالھہ سندس ٻارن لاء ناهي.
هن وقت يورپ ۾ ايشيائي ۽ آفريقي ماڻهن، جن ۾ گھڻائي مسلمانن جي آهي، جو ڪل آبادي ۾ تناسب پنج سيڪڙو آهي. سڀ کان گھڻي آبادي فرانس ۾ آهي جڏهين ته لندن ۾ پڻ هڪ وڏو تعداد آهي. اصل مسئلو اهو آهي ته انهن ملڪن جا ماڻهو ۽ پناهگير پنهنجي پنهنجي ليکي رهن ٿا. لندن ۾ پاڪستانين ۽ هندوستانين جا اهڙا علائقا آهن جتي جي ماحول کي ڏسندي اهو چوڻ ڏکيو هوندو آهي ته ڇا ماڻهو واقعي انگلينڊ يا يورپ جي ڪنهن ملڪ ۾ آهي. هڪٻئي سان رابطي نه هئڻ ڪري اهي ماڻهو هڪٻئي کي سمجھي نه ٿا سگھن. پناهگير ان ملڪ ۽ ماڻهن جي ٿقافت ۽ طور طريقن کي قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن. ٻئي پاسي انهن ملڪن ۾ گورن جون اهڙيون نسل پرست تنظيمون سامهون آيون آهن جيڪي انهن ماڻهن کي اوپرو ۽ غاصب سمجھن ٿيون ۽ انهن کي پنهنجن ملڪن مان تڙڻ چاهين ٿيون. ان جو مشاهدو عام زندگي ۾ بسن ۽ ٽرينن ۾ سفر ڪندي ۽ پارڪن ۾ گھمندي ڪري سگھجي ٿو. اهڙي ريت بجائي هم آهنگي پيدا ٿيڻ جي هڪٻئي کان نفرت ۽ مختلف مسئلن تي اختلاف هڪ عام ڳالھہ آهي. لندن ۾ جيڪي بم ڌماڪا ٿيا ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪي دهشت گردي وغيره جون ڪاروايون ٿيون آهن انهن ۾ ڪي ٻين ملڪن جا ماڻهو نه پر انهن ملڪن جا ئي ماڻهو ملوث آهن جن جي تربيت ۽ پالنا انهن ملڪن ۾ ئي ٿي آهي. ساڳي ريت فرانس ۽ ڪجھ ٻين يورپي ملڪن ۾ عورتن جي پردي وغيره جي معاملي تي جيڪي اختلاف سامهون آيا آهن انهن کي به ان پسمنظر ۾ ئي ڏسي سگھجي ٿو.
انهن ماڻهن ۾ جسماني فاصلن سان گڏو گڏ ذهني فاصلا به آهن ۽ اهي پنهنجي خول ۾ پنهنجي ليکي رهن ٿا ۽ هڪٻئي کي سمجھڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن. ٻنهي جي ثقافت، ٻولي ۽ رهڻي ڪهڻي هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهن. ساڳي وقت پناهگيرجن ملڪن مان لڏي آيا آهن اتي بيروزگاري، امن امان ۽ معاشي بدحالي وغيره جا جيڪي مسئلا آهن ان جي ڪري انهن جي ذهني بيهڪ اوله جي انهن ماڻهن کان بلڪل مختلف آهي جن کي هڪ ته اهڙن مسئلن کي منهن نه ٿو ڏيڻو پئي ۽ ٻيو ته انهن کي رياست پاران اهي سهولتون حاصل آهن جيڪي پناهگيرن کي پنهنجن اصلوڪن ملڪن ۾ نه هيون. اهڙي ريت اهو اطمينان ۽ خوشي جيڪا گورن جي ذهني بيهڪ جو حصو آهي پناهگير ان کان محروم آهن. اهي پناهگير انهن قانونن وغيره کي به مڃڻ لاء تيار ناهن ۽ انهن جي مزاحمت ڪن ٿا جن کي اهي پنهنجي مذهب ۽ ثقافت جي خلاف سمجھن ٿا. گورا اهو سمجھن ٿا ته انهن ماڻهن سندن رهڻ سهڻ جي طريقن ۾ رنڊڪ وڌي آهي ۽ سندن معاشي وسيلن کي ڦٻايو آهي.
ليکڪا جو اهو خيال آهي ته پناهگيرن جي مايوسي ۽ تفڪر، جنهن کي هو Angst جو نالو ڏيئي ٿي، جنهن جو اهي پنهنجي ملڪ ۾ شڪار هئا ان ۾ اولھه جي ملڪن ۾ لڏڻ کانپوء گھٽتائي اچي ٿي. پر ضرورت ان ڳالھہ جي آهي ته گورن ۽ پناهگيرن جي وچ ۾ ذهني ۽ جسماني فاصلا گھٽجن، اهي هڪ ٻئي جي ويجھو اچن ۽ هڪ ٻئي جي نڪته نظر، ڪلچر ۽ مسئلن کي سمجھن. اهو ئي هڪ حل آهي جنهن وسيلي اهي سک شانتي سان رهي سگھن ٿا. ٻي صورت ۾ اهي ڏڦيڙ ۽ ڇڪتاڻ جو شڪار هوندا ۽ ڪو به سک سان نه رهي سگھندو.