مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

سرگردان سنسار ۾

سرگردان سنسار ۾ محمد قاسم ميرجت جو سندس زندگي جي مختلف پاسن جي حوالي سان لکيل ڪالمن جو مجموعو آهي. ليکڪ هن وقت وڪيل آهي ۽ ڪجھ وقت کان اسلام آباد ۾ رهي ٿو پر سندس سڄي زندگي سنڌ ۽ گھڻي ڀاڱي سياست جي ميدان ۾ گذري آهي. جيتوڻيڪ ڪجھ وقت آئون به ان سياسي جماعت، سنڌي عوامي تحريڪ، ۾ رهيس پر قاسم، جيڪو پارٽي ۾ نذر جي نالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ مون سميت گھڻن کي سندس اصل نالي جي خبر نه هوندي هئي، سان گھڻو لھه وچڙه ۾ نه اچي سگھيس. جيتوڻيڪ عالم شاه، فاضل راهو، گل حسن ڪيڙانو سان واسطو پوندو هو پر قاسم سان گھڻي ويجھڙائي نه ٿي سگھي.
هي ڪتاب جيڪڏهين بجائي ڪالمن جي ڳٽڪي جي، ليکڪ جي زندگي جو پيرائتو احوال هجي ها ته ڳالھہ کي سمجھڻ ۽ ان تي لکڻ ۽ ڳالھائڻ ۾ وڌيڪ سولائي ٿئي ها. اهو ليکڪ جي زندگي ۽ سياست جو هڪ وکريل احوال آهي. ان ڪري مختلف جاين تي ورجاء جو شڪار پڻ ٿي وڃي ٿو. ماڻهو جي زندگي جا سڀ پاسا، سندس خاندان، پڙهائي، روزگار ۽ سياسي ۽ سماجي سرگرميون وغيره هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هونديون آهن ۽ هڪٻئي تي اثرانداز ٿينديون آهن. انهن کي هڪٻئي کان ڌار نه ٿو ڪري سگھجي.
قاسم گھڻي ڀاڱي سنڌي عوامي تحريڪ يا عوامي تحريڪ سان ئي لاڳاپيل رهيو آهي. هن ان جماعت کي پنهنجي زندگي جو بهترين حصو ڏنو آهي. هوِ اڃا به ذهني طور ڄڻ پاڻ کي ان جو حصو ئي سمجهي ٿو. هن ڪتاب ۾ هڪ لحاظ کان هن ڄڻ پنهنجي ان سڄي عمل جو جائزو ورتو آهي پر ساڳي وقت هو ڪنهن ٻي سياسي جماعت ۾ به شامل نه ٿيو آهي.
ڪتاب مان اهو پوري ريت تاثر ملي ٿو ته ليکڪ مختلف وقتن ۾ پارٽي جيڪي پاليسيون اختيار ڪيون ان تي هن ان وقت ته من وعن عمل ڪيو پر هاڻي پري ويهي هو انهن جو تنقيدي جائزو وٺي ٿو ۽ انهن جي نفعي ۽ نقصان کي ڏسي ٿو. انهن سڀني جو ذميوار هو هڪ فرد کي سمجهي ٿو جيڪو انهن کي ٺاهڻ ۽ بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو ۽ ڪنهن به مخالفت کي برداشت نه ڪندو هو.
عوامي تحريڪ جو ان ڊگھي عرصي ۾ پاڪستان جي کاٻي ڌر جي مختلف گروپن سان جيڪو واسطو رهيو انهن جو لاڙو پليجو ۽ سندس دوستن وانگر چين ۽ فڪر مائوزي تنگ ڏانهن هو. اهو لاڙو پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين گھڻن ملڪن ۾ ڪميونسٽ تحريڪن جي وکرجڻ جو هڪ اهم ڪارڻ هو. پليجو ۽ سندس ساٿي به ان ڪري ئي پارٽي کان ڌار ٿيا هنا پر ماڻهن کي منجھائڻ لاء ان کي انهن ٻيا نالا ڏيئي ڇڏيا جيئن ته مٿن ڪا ڳالھہ نه اچي. ليکڪ کي پليجي ۽ ان جي دوستن جو پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو ذڪر ڪندي ان ڳالھہ کي واضح ڪرڻ گھرجي ها.
فاضل راهو جو هاري تحريڪ ۽ پارٽي ۾ هڪ اهم ڪردار رهيو آهي. ايستائين گھڻو ڪري ٿيندو ائين آيو آهي ته فاضل کي پارٽي ۾ هڪ غير متنازعه اڳواڻ جي صورت ۾ ڏٺو ويو آهي. پر ان ڳالھہ کي سڄي سياق و سباق ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. پارٽي ۾ پليجو جي مختلف وقتن تي اختيار ڪيل پاليسين ۽ روين جي مخالفت ڪندي ڪافي ڪارڪن ۽ اڳواڻ مختلف وقتن تي ڌار ٿي ويا. ان لحاظ کان ڄڻ پليجو۽ سندس ساٿي هڪ پاسي هئا ۽ اختلاف ڪندڙ دوست ٻئي پاسي هئا جن کي سڄي سنڌ ۾ غدار ۽ انقلاب دشمن ڪري پيش ڪيو ويندو هو. فاضل ان ۾ آخر تائين پليجو سان گڏ ئي بيٺل هو. ليکڪ ان حوالي سان فاضل جو بچا۽ ڪندي اهو جواز ڄاڻايو آهي ته فاضل اختلاف ڪندڙ ڪارڪنن کي چوندو هو ته بابا پارٽي اسان جو ڀرجھلو ۽ گھر آهي ۽ اوهان جيڪڏهين مطمئن ناهيو ته ڀلي ڌار ٿي وڃو. پر ساڳي وقت پارٽي کي نون اتحادن ۽ نين سياسي جماعتن جي ٺاهڻ جي حوالي سان گھڻا ڀيرا ختم ڪيو ويو فاضل پوء به پليجو سان بيٺو رهيو. فاضل جيڪڏهين ڪنهن به موقعي تي پارٽي اڳواڻ جي ڀيٽ ۾ اختلاف ڪندڙ ڪارڪنن سان گڏ بيٺل هجي ها ته پارٽي جي صورتحال مختلف هجي ها ۽ ليکڪ سميت پارٽي جا گھڻا بي لوث ڪارڪن جن پنهنجيون حياتيون پارٽي کي ارپي ڇڏيون هيون نڌڻڪا ٿي پارٽي مان نه ڪڍيا وڃن ها.
ڊاڪٽر فيروز احمد پارٽي جي نظرياتي پاسي کي مضبوط ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. هن واقعي اهو سمجھيو ٿي ته هي پارٽي سنڌ ۾ هڪ انقلابي ڪردار ادا ڪري سگھي پئي. ان جي لا۽ هن هڙان وڙان پارٽي جي مدد ڪئي. جيئن ليکڪ پارٽي مان بيدخل ٿيڻ کانپوء هڪ پارٽي ڪارڪن پاران ٺڳي ڪري سندس ڳوٺ جي گھر کي هضم ڪرڻ متعلق لکيو آهي تيئن فيروز پارٽي جي ڪجھ معتبر اڳواڻن متعلق ٻڌائيندو هو جن اهڙي ريت سندس پئسا هضم ڪيا هئا. جيتوڻيڪ فيروز جي پارٽي ڇڏڻ جي حوالي سان ليکڪ جو هڪ مرڪزي ڪردار هو ۽ ان کي ئي ساڻس آخري ڀيرو ڳالھہ ٻوله لاء مقرر ڪيو ويو هو پر هن ابهام کان ڪم وٺندي ڳالھہ کي بس ائين مٿاڇري انداز ۾ ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهو ته ٺيڪ آهي ته فيروز پارٽي جي ڪنهن مرڪزي پاليسي ساز اداري جو حصو نه هو، پر جيڪي ان جو حصو هئا انهن جي به ڪيتري اهميت ۽ ڪهڙي حيثيت هئي ان جي وضاحت به ليکڪ مختلف جاين تي ڪئي آهي، پر ليکڪ اهو واضح نه ٿو ڪري ته فيروز جا پارٽي سان ڪهڙا اختلاف هئا ۽ سندس ڪهڙو موقف هئو. ڇا ان وقت مرڪزي ادارن جا ڪي فرد فيروز جي موقف سان متفق هئا ۽ جيڪڏهين ائين هو ته پوء اهي ان سان گڏ ڇو نه بيٺا. رڳو کيس اهو چئي معاملي کي ختم ڪرڻ ته ساٿي اوهان کي پارٽي ضابطي جي پابندي ڪرڻي پوندي ڳالھہ کي اڃا وڌيڪ منجھائي ٿو. ائين آئون ان ڪري پيو چوان ته فيروز هڪ مهذب نموني سان پارٽي کان پاسيرو ٿي ويو ۽ نه هن نه هن جي ڌار ٿيندڙ ساٿين مان ڪنهن اختلافن کي عام ڪيو ۽ نه ڪا لابنگ ڪئي. پر جڏهين هاڻي پارٽي جي هڪ سينيئر ڪارڪن پاران ان متعلق لکيو پيو وڃي ته انهن ڳالھہين جي وضاحت ٿيڻ گھرجي.
ليکڪ پنهنجي پارٽي ڇڏڻ جي حوالي سان به گھڻي تفصيل ڏيڻ کان لنوايو آهي. جنگشاهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ چونڊن ۾ ٿيل خرچ جي تفصيل گھرڻ تي صبوح جو کيس هڪ پني تي اهو لکي ٻڌايو وڃي ٿو ته اوهان کي پارٽي جي سڀني ذميوارين کان آجو ڪيو ويو آهي. ان جي پويان ضرور پارٽي پاليسي وغيره جي حوالي سان ڪي ڳالھہيون هونديون يا ليکڪ جا پارٽي اڳواڻن سان ڪي اختلاف هوندا جيڪي واضح نٿا ٿين.
ليکڪ ڪجھ عرصو عزيز سلام بخاري سان به رهيو آهي. ان حوالي سان ڪتاب ۾ هن هڪ اهم اعتراف ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته هڪ ڀيرو ڪنهن ڪم سانگي حيدرآباد وڃڻ ٿيو ته سوچيم ته ڇو نه لطيف آباد ۾ پليجو سان به ملاقات ڪئي وڃي. ان ملاقات ۾ کيس عزيز سلام بخاري سان ڪم ڪرڻ متعلق به ٻڌايم ته هن مون کي چيو ته اوهان ڀلي ان سان ڪم ڪيو پر قومي مفاد ۾ ڪميونسٽ پارٽي جا لڪل دستاويز مون تائين پهچايو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته پهرين ته هن ان ڳالھہ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو پر پوء ان تي راضي ٿي ويو ۽ هن گھڻا اهڙا دستاويز بخاري کان هٿ ڪري انهن جي فوٽو ڪاپي پليجو کي پهچائي.
ڪتاب ليکڪ جي وڪالت جي پيشي، سندس خاندان ۽ ٻين گھڻين اهم شخصيتن، جن سان سندس پنهنجي سياسي ۽ پيشه ورانه زندگي ۾ واسطو پيو، متعلق ڪارائتي معلومات ڏئي ٿو. پر ان حوالي سان مون کي اها کوٽ محسوس ٿي ته ليکڪ پليجو، جنهن سان سندس نهايت گھاٽو ناتو رهيو آهي، جو رڳو ڇڙو ڇڙ ذڪر ڪيو آهي ۽ گھڻين جاين تي سندس نالي وٺڻ کان به لنوايو آهي. بهتر ائين ٿئي ها ته جيئن ٻين شخصيتن جا پروفائل ڏنا ويا آهن ائين پليجو جو به پروفائل ڏنو وڃي ها.
ڪتاب ۾ اڃا گھڻين ڳالھين ۽ وضاحتن جي ضرورت آهي ۽ منهنجي خيال ۾ ان سلسلي ۾ ڪنهن وڌيڪ مصلحت جي گنجائش به ناهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي خال رهجي ويا آهن انهن کي ڀرڻ جي ضرورت آهي.