مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

هڪ صحافي جي ڪٿا

رابرٽ فسڪ هڪ اهڙو صحافي آهي جيڪو پنهنجي معروضيت، محنت ۽ اصولن تي سوديبازي نه ڪرڻ جي ڪري هڪ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس آئرلينڊ سان تعلق آهي. هن اتر آئرلينڊ جي جنگ ۽ يورپ ۾ سربيا ۽ ٻين ويڙه وارن علائقن جي ڪوريج ڪئي آهي. پر گھڻي عرصي کان هو بيروت ۾ رهي ٿو ۽ وچ اوڀر ۾ گذريل ڏهاڪن ۾ جيڪا اٿل پٿل ٿي آهي ان جو اکين ڏٺو شاهد رهيو آهي ۽ ان کي پنهنجن پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. اهڙن صحافين لاءِ جيڪي ڪنهن دٻاء ۽ مفاد کانسواء آزاد طريقي سان پنهنجي صحافت ڪرڻ چاهيندا آهن انهن جي لاء اهو ڪم سولو نه هوندو آهي.ِ انهن کي مختلف پاسن کان تنگ ڪيو ويندو آهي ۽ پنهنجي مرضي موجب هلڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو آهي. ان دٻاء جي نوعيت وچ اوڀر جهڙي خطي ۾ اڃا وڌي ويندي آهي جتي مختلف ملڪن ۾ اندروني ۽ بيروني طور هڪ جنگ واري صورتحال هجي ۽ صحافين کي هميشه پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پئي. فسڪ کي به ان دٻاء کي لاڳيتو منهن ڏيڻو پيو آهي. سندس مختلف رپورٽن تي اخبار جي ايڊيٽر کي شڪايت ڪئي ويندي هئي ۽ ان کي ڪوڙ چيو ويندو هو. پر فسڪ وٽ پنهنجا ثبوت ۽ دليل هوندا هئا جن جي بنياد تي هو پنهنجي سچائي کي ثابت ڪندو هو.
کيس ٽائيمز لندن جهڙي هڪ وڏي نالي واري اخبار ۽ وڏي پگھارواري نوڪري ڇڏي ان جي ڀيٽ ۾ هڪ گھٽ حيثيت ۽ گھٽ پگھار واري اخبار انڊپينڊنٽ ۾ ڇو وڃڻو پيو. ان متعلق هو ٻڌائي ٿو ته اخبارن جي مالڪن جا پنهنجا مفاد هوندا آهن ۽ اهي رڳو هڪ خاص حد تائين ئي دٻاء سهي سگھندا آهن. خاص طور جڏهين معاملو وڏين طاقتن، ملڪن ۽ بااثر سياسي اڳواڻن جي حوالي سان هجي. ٽائمز جي پراڻن مالڪن نقصان ۾ وڃڻ ۽ ڏيوالي ٿيڻ کانپوءِ اخبار وڪڻي ڇڏي هئي. نون مالڪن جا پنهنجا مفاد هئا ۽ اهي ڪوبه اهڙو جوکم کڻڻ لاء تيار نه هئا جنهن سان کين نقصان ۽ طاقتور ڌرين جي ناراضگي کڻڻي پئي. ايران عراق جنگ دوران فسڪ ٻنهي ملڪن جي محاذ تي موجود هو. ان وقت هڪ لحاظ کان آمريڪا به ڄڻ عراق پاران جنگ ۾ شامل ٿي ويو هو. ان وقت نار ۾ موجود آمريڪي جنگي بحري جهاز بندر عباس کان دبئي ويندڙ ايران جي هڪ مسافر بردار جهاز کي، جنهن ۾ 290 مسافر سوار هئا، ميزائل هڻي تباه ڪري ڇڏيو هو جنهن ۾ سڀ مسافر مري ويا هئا. آمريڪا جو موقف اهو هو ته اهو جهازهيٺانهين ڏانهن اچي رهيو هو ۽ ان جو مقصد بحري جهازتي آپگھاتي حملو ڪرڻ هو ۽ ساڳي وقت پائلٽ انهن جي تنبيهن جو جواب نه ڏنو هو. فسڪ پنهنجي تحقيق جي بنياد تي ان سڀڪجھ کي غلط ثابت ڪيو ۽ ٻڌايو ته جهاز هيٺانهين ڏانهن نه پر مٿي وڃي رهيو هو ۽ اها بندر عباس کان دبئي جي روزانا جي معمول جي فلائيٽ هئي. اخبار پاران سندس ان رپورٽ کي شروع ۾ ان ڪري نه ڇاپيو ويو ته ان سان آمريڪي موقف جي نفي ٿي ٿي ۽ پوء هڪ ٻن ڏينهن کانپوء ان کي ڪاٽي اندرين صفحن تي ڇاپيو ويو. هن ان ڳالھہ کي پنهنجي عزت نفس جي خلاف سمجھيو ۽ اهو بهتر ڄاتو ته اهڙي جاء تي ڪم ڪجي جتي ڀلي پگھار گھٽ هجي پر ماڻهو جي عزت نفس متاثرنه ٿئي.
هن وقت هو انڊپينڊنٽ اخبار سان لاڳاپيل آهي. هن رڳو اخباري رپورٽنگ ناهي ڪئي پر مختلف ڪتاب پڻ لکيا آهن جيڪي تاريخي دستاويز آهن. سندس هي ڪتاب The Great War for Civilization:The Conquest of the Middle East ڄڻ وچ اوڀر جي جديد تاريخ آهي، جنهن جو هو اکين ڏٺو شاهد رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هن مختلف ملڪن جو سفر ڪيو آهي، گھڻن اڳواڻن سان روبرو مليو آهي ۽ انيڪ ڪتابن مان مدد ورتي آهي. وچ اوڀر سان سندس تعلق ان ڪري به آهي ته هن جو پنهنجو هڪ اهڙي ملڪ سان تعلق آهي جيڪو انگلنڊ جي نوآبادي رهيو آهي ۽ جنهن کي ورهاست ۽ گھرو ويڙه جا ڏک سهڻا پيا آهن.
سندس پيءُ پهرين مهاڀاري جنگ ۾ اتحادين پاران اولهندي محاذ تي وڙهيو هو. پنهنجي پيءُ متعلق سندس چوڻ آهي ته هو منجھيل سٽ هو ۽ کيس سمجھڻ ڏاڍو ڏکيو هو. ڪڏهين ته هو ڏاڍو مٺو هوندو هو ۽ ڪڏهين ساڻس ڳالھائيندي ڊپ پيو ٿيندو هو. هن پهرين شادي پنهنجي پسند تي ڪئي هئي پر ان عورت ساڻس وفا نه ڪئي ۽ کيس ڇڏي هلي ويئيِ. پوءِ هن پاڻ کان گھڻي ننڍي رابرٽ جي ماءُ سان شادي ڪئي. جيتوڻيڪ سندس وفات کانپوءِ جيڪي سندس خط مليا انھن مان سندس پنهنجي زال سان محبت ظاهر ٿئي ٿي پر عام زندگي ۾ سندس رويو ساڻس ڏاڍو سخت هوندو هو. ايستائين ته جڏهين وڏي عمر ۾ هو بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ٿيو ته هن اتي وٽس وڃڻ به گوارا نه ڪيو.
سندس وفات کانپوءِ رابرٽ سندس ماضي متعلق کوجنا شروع ڪئي.ِ سندس فوٽو ۽ خط هٿ ڪيا ۽ ساڳي وقت سرڪاري ريڪارڊ کي پڻ ڏٺو. سندس پي جنگ دوران فرانس ۾ رهيو هو. هو انهن شهرن ۽ جاين ڏي ويو، جن متعلق سندس پي کيس ٻڌايو هو ۽ جن جو تصويرن ۽ خطن وغيره ۾ ذڪر هو. فرانس ۾ هڪ ڀيرو ڄڻ وچ اوڀر وري اچي سندس آڏو بيهي ٿو. جنهن شهر ۾ سندس پي رهندو هو ان شهر مان اٽڪل اٺ سو سال اڳ صليبي جنگن لاءِ يروشلم کي فتح ڪرڻ لاء هزارين ماڻهو وچ اوڀر ڏانهن نڪتا هئا. انهن مان گھڻا اتان جي مختلف ملڪن ۾ مستقل طور رهي پيا هئا. لبنان جي حوالي سان کيس ذهن ۾ اچي ٿو ته اتان جي مارونائيٽ عيسائين جي گھڻائي انهن ماڻهن جو اولاد آهي. سندس پي کيس ٻڌايو هو ته کيس انگريز فوج جي هڪ ڀاڄوڪڙ آسٽريلوي رنگروٽ کي گولي هڻندڙ دستي جي ڪمان ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر هن اهو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. رابرٽ جي اندر جو صحافي ان ڳالھہ کي ائين ئي قبول ڪرڻ لاء تيار نه ٿو هجي. هو ان ڳالھہ جي کوجنا ڪري ٿو. سرڪاري ريڪارڊ ڏسي ٿو ۽ فرانس ۾ ان هوٽل ۾ وڃي ٿو جتي اهو آسٽريلوي رهندو هو. هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته سندس پي کيس صحيح ڳالھہ ٻڌائي هئي. کيس فرانس ۾ اها پڻ خبر پئي ٿي ته هتي جنگ دوران چينين کي وڏي تعداد ۾ مزدورن جي طور سڙڪن ۽ پلن وغيره ٺاهڻ جي ڪم لاء آندو ويو هو جن کي قلي چيو ويندو هو. انهن کي ڪئمپن ۾ خاردار تارون هڻي واڙيو ويندو هو ۽ محافظ سندن نگراني ڪندا هئا. اهڙي هڪ چيني سان هڪ جهيڙي ۾ سندس پي کي نرڙ تي چاقو لڳو هو جنهن جو نشان سندس نرڙ تي اڃا باقي هو ۽ ان چيني کي هن گولي هڻي ماري ڇڏيو هو.
وچ اوڀر جي موجوده صورتحال جي مختلف پاسن کي سمجھڻ لاء هي هڪ تفصيلي ۽ ضروري ڪتاب آهي.