شيعه سياست جو اڀار
ايراني آمريڪي سفارتڪار ولي نصر پنهنجي ڪتاب دي شيعه ريوائول The Shia Revival ۾ تاريخي پس منظر ۾ ان سڄي صورتحال جو جائزو ورتو آهي. سندس چوڻ آهي ته ان روئي جي ڪري شيعن کي سني حڪمرانن پاران هميشه شڪ جي نگاه سان ڏٺو ويو آهي ۽ ساڻن سياسي ۽ معاشي لحاظ کان امتيازي سلوڪ روا رکيوويوآهي. کين حڪومتي عهدن ۽ سرڪاري نوڪرين وغيره کان پڻ پري رکيو ويوآهي. سندن لاء معاشي موقعا هميشه محدود رهيا آهن ۽ غريبن جي آبادي ۾ گھڻائي سندن هوندي آهي. پنهنجي ان ڏتڙيل حالت جي ڪري اهي مظلوم طبقن ۽ کاٻي ڌر جي سياست ڏانهن وڌيڪ مائل هوندا آهن. ان ڪري ئي عراق جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي ۽ ان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ وڏو تعداد شيعن جو رهيو آهي.
دنيا ۾ ايستائين مسلم حڪومت جو مطلب ئي سني حڪومت رهيوآهي. ايران ۾ خميني جي اڳواڻي ۾ مذهبي عالمن جي انقلاب تي راتاهي ۽ اقتدار تي قبضي ان سلسلي ۾ هڪ متبادل کي جنم ڏنو. خميني پاڻ کي هڪ شيعه اڳواڻ طور پيش ڪرڻ جي بجائي مسلم دنيا جي اڳواڻ طور سامهون آندو ۽ هڪ پاسي فلسطين وغيره جهڙن مسلم دنيا سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي کنيو ۽ ٻئي پاسي مسلم ملڪن جي عوامي جذبن کي سامهون رکندي آمريڪا کي وڏو شيطان قرار ڏيئي ان سان ٽڪراء ۾ آيو. خميني پاران دنيا جي مختلف مسلم ملڪن جي حڪومتن کي چئلنج ڪندي مسلم دنيا جي اڳواڻي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. ان سان پاڪستان جهڙن ملڪن ۾، جتي شيعن جي آبادي ڪل آبادي جو اٽڪل ويه سيڪڙو آهي، شيعن کي هڪ اتساه مليو ته اهي پنهنجن سياسي حقن ۽ جائز سياسي ڪردار لاء گھر ڪن ۽ ان لاء جدوجهد ڪن. جرنل ضياءالحق پاران جڏهين ملڪ ۾ زڪوات وغيره جهڙن اسلامي قانونن کي لاڳو ڪيو ويو ته شيعن پاران وڏي تعداد ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي گھر ڪئي ويئي ته کين سندن فقي مظابق هلڻ ڏنو وڃي ۽ مٿن اهي قانون لاڳو نه ڪيا وڃن. حڪومت کي ان ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاء سندن گھرن کي مڃڻو پيو. چيو وڃي ٿو ته جنرل ضياء کي خميني ڌمڪي ڏني هئي ته هن جيڪڏهين پاڪستان جي شيعن خلاف ڪو نامناسب قدم کنيو ته هو سندس حشر به اهوئي ڪندو جيڪو شاه ايران جو ڪيو هو.
مختلف ڪارڻن جي ڪري خميني جي اها ڪوشش ڪامياب نه ٿي سگھي. ڇاڪاڻ ته صدين جي مٿڀرائپ ۽ اقتدار کي ختم ڪرڻ ايڏو سولو ڪم نه هو. هڪ ته گھڻن مسلم ملڪن ۾ سني گھڻائي هئي جن خميني جي اهڙي ڪوشش کي شڪ جي نگاه سان ڏٺو ٿي ۽ ان کي شيعن جي حاڪميت قائم ڪرڻ جو هڪ حربو سمجھيو ٿي. ساڳي وقت مختلف ملڪن ۾ شيعن جي جيڪا آبادي هئي اها به ثقافتي ۽ لساني طور هڪٻئي کان مختلف هئي ۽ ساڳي وقت اهي مذهبي لحاظ کان به خميني جي حڪمن کي مڃڻ جا پابند نه هئا. ڇاڪاڻ ته شيعن جي عقيدي موجب غائب ٿيل ٻارهين امام جي وري ظاهر ٿيڻ تائين ماڻهن کي اها آزادي آهي ته اهي مختلف مسئلن متعلق مختلف مجتهدين کان رايا وٺن ۽ پوء انهن تي عمل ڪن. ٻي ڳالھہ ته رڳو ٻارهين امام جي قائم ڪيل حڪومت ئي مڪمل هونڌي ۽ ان وقت اچڻ تائين ٻي ڪا به حڪومت ان جي ويجھو ته ٿي سگھي ٿي پر مڪمل نه هوندي. اهڙي ريت ايران ۾ خميني جي اڳواڻي ۾ قائم ڪيل مذهبي اڳواڻن جي حڪومت کي به مڪمل هئڻ جو ڪو سرٽيفيڪٽ نه ٿو ڏيئي سگھجي. ليکڪ جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ عراق ۾ رهندڙ ايراني شيعه عالم امام خوئي جي مذهبي لحاظ کان ايران سميت مختلف ملڪن ۾ وڌيڪ پوئواري هئي ۽ هو مختلف معاملن تي خاص طور سياسي لحاظ کان خميني سان اختلاف رکندو هو. سندس ان سلسلي کي عراق ۾ مقيم سندس ايراني شاگرد آيت الله سيستاني جاري رکندو پيو اچي. ليکڪ پاڪستان جي اترين علائقن ۾ رهندڙ شيعن سان سندس ٿيل هڪ ڳالھ ٻولھه جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته اهي ماڻهو مذهبي لحاظ کان ته امام خوئي ۽ سيستاني جا پوئلڳ آهن جڏهين ته سياسي لحاظ کان اهي خميني جي پوئواري ڪن ٿا. ان سلسلي ۾ ليکڪ ان اهم ڳالھہ ڏانهن اشارو ڪيو آهي ته ايران عراق جنگ ۾ ايران کي اها توقع هئي ته عراق جا شيعه صدام خلاف سندس ساٿ ڏيندا. پر سندس اها توقع پوري نه ٿي سگھي. ان جي باوجود ته عراقي فوج ۾ گھڻائي شيعن جي هئي پر ان وقت انهن پنهنجي عراقي ۽ عرب هئڻ واري سڃاڻپ کي پنهنجي شيعي هئڻ تي ترجيح ڏني ۽ ايراني فوج آڏو سينو ساهي بيهي رهيا. ساڳي ريت جڏهين ايراني فوج شيعه گھڻائي واري شهر بصره جو محاصرو ڪيو ته اتان جي ماڻهن پاران انهن جي آجيان ڪرڻ ۽ سندن آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ بجائي ان جو مقابلو ڪيو ويو ۽ ايراني فوج کي مجبور ٿي پنهنجو محاصرو ختم ڪرڻو پيو. ان سان گڏوگڏ مختلف ملڪن جي سني حڪمرانن پنهنجن ملڪن ۽ ملڪن کان ٻاهر خميني جي ان چئلنج کي منهن ڏيڻ لاء قدم کڻڻ شروع ڪيا. ان سلسلي ۾ سعودي عرب جي حساسيت خاص طور ذڪر جوڳي آهي. ان عرصي ۾ ئي ڪعبت الله تي شاهي گھراڻي جي مخالفن پاران جيڪو قبضو ڪيو ويو. ان متعلق اهو چيو وڃي ٿو ۽ ليکڪ جو به اهو خيال آهي ته انهن باغين جو واسطو ايران ۽ خميني سان هو. ساڳي ريت حج جي موقعي تي شيعه ۽ خاص طور ايراني حاجين جا مڪي ۾ مسلم دنيا کي درپيش مسئلن جي حوالي سان مظاهرا ۽ جلوس پڻ سعودي حڪومت لاء پريشاني جو باعث هئا. ان ڪري پنهنجي ملڪ ۾ طاقت جي استعمال ۽ ٻين مختلف قدمن کڻڻ سان گڏوگڏ سعودي حڪومت پاران سڄي دنيا ۾ شيعه مخالف قوتن کي همٿائڻ ۽ انهن جي مدد لاء وڏي پئماني تي مهم شروع ڪئي ويئي. عراق جي ايران تي حملي ۽ اٽڪل اٺ سالن تائين هلندڙ لاڳيتي جنگ ۾ صدام کي سعودي عرب ۽ نار جي ٻين قدامت پسند حڪمرانن جي پوري حمايت حاصل هئي ته جيئن ايراني اثررسوخ کي روڪي سگھجي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ ضياءالحق جي حڪومت اڳ ۾ ئي تيار هئي جيڪا اڳ ۾ ئي شيعن جي سياسي اظهار جو مزو چکي چڪي هئي. شيعن خلاف وڏي پئماني تي سڄي دنيا ۾ پروپيگنڊا ۽ لٽريچرڇاپڻ ۽ ورهائڻ جو ڪم ڪيو ويو. سپاه صحابه، لشڪر جھنگوي ۽ اهڙِين ٻين شيعن خلاف نفرت ڦهلائيندڙ تنظيمن کي وڏي پئماني تي هٿياربند ڪيو ويو ۽ انهن جي مالي ۽ اخلاقي مدد ڪئي ويئي. ٻئي پاسي انهن جي مقابلي ۾ ايران مختلف شيعه سياسي اڳواڻن، تنظيم نفاذ فقه جعفريه جهڙين سياسي تنظيمن ۽ سپاه صحابه وغيره جي طرز تي ٺاهيل تنظيم جيش محمد جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي ريت پاڪستان ڄڻ ته سعودي عرب ۽ ايران جي حامين جي وچ ۾ جنگ جو ميدان بڻجي ويو.ليکڪ جو چوڻ آهي ته جيئن ته پاڪستان جي رياست به شيعن کي ضابطي ۽ سندن سياسي اثر رسوخ کي هڪ حد ۾ رکڻ چاهيو ٿي ان ڪري سني انتها پسند تنظيمن کي ان جي به مڪمل مدد حاصل هئي جنهن جي نتيجي ۾ سني انتها پسندن پاران وڏي پئماني تي ملڪ ۾ عام شيعن ۽ سندن اڳواڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت سياسي لحاظ کان ڄڻ سندن اثر رسوخ کي محدود ڪيو ويو.
ليکڪ سياسي لحاظ کان نائن اليون ۽ آمريڪا جي عراق تي حملي کي شيعه سياست ۾ هڪ اهم موڙ قرار ڏئي ٿو. سندس چوڻ آهي ته ان کان اڳ انهن لاء افغانستان جي مسئلي جي ڪري سني مسلمان وڌيڪ ترجيح لائق هوندا هئا جڏهين ته ايران جي اولھه سان ناتن جي ڪري شيعن جو اميج وٽن ايترو بهتر نه هو. انهن ملڪن پاران تاريخي لحاظ کان به شيعن کي شڪ جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو. اهو ئي ڪارڻ هو جو جڏهين انگريزن پاران پهرين مهاڀاري جنگ کانپوء عراق جي رياست جون حدون مقرر ڪيون پئي ويون ته سني قبائلي سردارن وغيره کي گھڻي اهميت ڏني ويئي ۽ شيعن کي ان عمل کان گھڻي ڀاڱي ٻاهر ئي رکيو ويو. عراق تي آمريڪا جي پهرئين حملي کانپوء شيعن اهو سمجھيو هو ته آمريڪا صدام خلاف سندن بغاوت جي حمايت ڪندو ۽ اهي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا. پر آمريڪا ڪردن جي مدد ته ڪئي پر سعودي عرب وغيره جي دٻاء جي ڪري صدام خلاف شيعن جي مدد ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ صدام کي اهو موقعو ڏنو ته هو وڏي پئماني تي شيعن جو قتل عام ڪري سندن بغاوت کي ڪچلي ڇڏي. سندس ان تشدد جي ڪري ڏکڻ عراق جي شيعه گھڻائي وارن گھڻن علائقن مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿي ۽ گھڻا علائقا ۽ ڳوٺ ته بلڪل ئي ويران ٿي ويا. بغداد جي پسگردائي ۾ صدر سٽي ۽ ٻيون جيڪي غريب آباديون وجود ۾ آيون انهن ۾ گھڻائي انهن لڏ پلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي آهي.
عراق ۾ بعث پارٽي جي انقلاب جي شروعاتي ڏينهن ۾ شيعن سان بهتر۽ برابري وارو رويو رکيو ويو پر پوء عراق ۾ گھڻائي ۾ هئڻ جي باوجود ساڻن ساڳيو امتيازي سلوڪ روا رکيو ويو. سندن آبادي جي گھڻائي گھٽ درجي جي ۽ غريب علائقن ۾ رهندي آهي. جڏهين ته نوڪرين ۽ خاص طور اعلا عهدن تي سندن نمائندگي نه هئڻ برابر هئي. فوج ۾ به توپن جي کاڄ طور سندن گھڻي تعداد سپاهين تي ٻڌل هئي ۽ وڏا افسر ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ئي هئا. ان کانسواء صدام حڪومت پاران ان ڳالھہ تي خاص نظر رکي ويندي هئي ته اهي وڏي تعداد ۾ مذهبي اجتماعن وغيره لاء به گڏ نه ٿين. ان ڪري عاشوري سميت ٻين مذهبي اجتماعن تي پابندي مڙهيل هوندي هئي. صدام پاران شيعن جي اهم رهنمائن کي قتل ڪرايو ويو. کيس اهو افسوس رهجي ويو ته هن شاه ايران جي چوڻ جي باوجود خميني، جڏهين هو عراق ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو هو، کي قتل ڇو نه ڪرايو.
صدام جي تختي اونڌي ٿيڻ کانپوء عراق ۾ انارڪي واري صورتحال هئي. آمريڪي فوجن جي جيڪي مزاحمت ڪري رهيا هئا انهن ۾ سني، شيعه ۽ صدام جي بعث پارٽي ۽ عراقي فوج جا همراه سڀ شامل هئا. ان صورتحال ۾ آيت الله سيستاني جو اهو موقف هو ۽ هن شيعن کي اها تاڪيد ٿي ڪئي ته آمريڪي فوجن جي مزاحمت نه ڪئي وڃي جڏهين ته ان وقت اڃا تائين مقتده ال صدر جي مليشيا ۽ ٻيا شيعه گروپ گڏجي ٻاهرين فوجن جي مزاحمت ڪري رهيا هئا. آيت الله منتظري پاران صدر جي نجف، ڪوفي ۽ ڪربلا جي مقدس شهرن ۾ مظاهرن جي مخالفت ڪئي ويئي. ان جي ڪري ۽ سيستاني پاران مزاحمت جي مخالفت ڪري صدر کي عام شيعن جي گھڻي همدردي حاصل نه ٿي سگھي.ِ ان سان گڏوگڏ عراق ۾ القاعده ۽ ٻين ٻاهرين ويڙهاڪن جي داخل ٿيڻ ۽ انهن پاران شيعن جي قتل عام ۽ سندن پوتر جاين تي حملن سنين ۽ شيعن ۾ ويڇن کي وڌائي صورتحال کي بلڪل ئي بدلائي ڇڏيو. سيستاني اهو سمجھيو ٿي ته مزاحمت جي نتيجي ۾ آمريڪا اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ لاء سنين کي اقتدار ۾ اهم حصو ڏيندو جيئن ان کان اڳ برطانيا پاران ڪيو ويو هو۽ اهڙي ريت شيعن سان اهو ساڳيو امتيازي سلوڪ جاري رهندو. آمريڪين مزاحمت کي ماٺي ڪرڻ ۾ سيستاني جي شيعه عوام ۾ اثر رسوخ ۽ اهميت کي محسوس ڪيو ٿي. هن عراق ۾ آمريڪي ڪمانڊر آڏو اهو موقف رکيو ته اسان ٻيئي پرڏيهي آهيون ان ڪري عراق جي آئندي جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار هتان جي ماڻهن کي آهي جنهن جو بهترين طريقو هڪ ماڻهو هڪ ووٽ آهي. نئين آئين متعلق سندس رايو اهو هو ته ان جو شيعن يا ٻئي ڪنهن به فقه جي اصولن مطابق هئڻ ضروري ناهي بلڪ اهو اهڙو هجي جيڪو عراق جي ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪري ۽ سندن جمهوري خواهشن جي مطابقت ۾ هجي. سندس اهو هڪ حقيقت پسندانا موقف هو جنهن جي ڪري تاريخ ۾ پهريون ڀيرو شيعن کي نه رڳو عراق پرشام کي ڇڏي ڪنهن به عرب ملڪ ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ها. سيستاني جي ان موقف جي ڪري عراق ۾ ته گھڻائي هئڻ ڪري شيعن کي اقتدار حاصل ڪرڻ جو موقعو ملي ويو پران سان ٻين عرب ملڪن جهڙوڪ سعودي عرب، بحرين، لبنان ۽ متحده عرب امارات ۾ رهندڙ شيعن کي به اهو اتساه مليو ته اهي اتان جي حڪمرانن کان جمهوري بنيادن تي پنهنجن حقن جي گھر ڪن.
هن وقت شيعه سني فرقيوارانا تضاد ڄڻ ته سڄي وچ اوڀر کي وڪوڙي ويو آهي. سني حڪمران ان جي ذميواري آمريڪا جي خاص طور عراق ۾ اختيار ڪيل پاليسي کي قرار ڏين ٿا جنهن جي ڪري شيعن کي نه رڳو اتي اقتدار حاصل ڪرڻ جو موقعو مليوپر مختلف ملڪن ۾ پنهنجن حقن جي جدوجهد لاء هڪ اتساه پڻ مليو. پر عراق سميت عرب دنيا ۾ اهو سڄو عمل ايترو سولو ۽ آسان ناهي. سڄي خطي ۾ حڪمران ۽ سندن حمايت يافتا تنظيمون فرقيوارانا بنيادن تي هڪٻئي تي سبقت حاصل ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ان سلسلي ۾ اها ڳالھه پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙِي آهي ته لبنان جي حزب الله جهڙي تنظيم جنهن کي اسرائيل سان مزاحمت ڪرڻ جي ڪري سنين جي حمايت به حاصل هئي ۽ ان کي هڪ غير فرقيوارانه تنظيم جي حيثيت حاصل ٿي ويئي هئي هاڻي ان عمل جو حصو بڻجندي پئي وڃي. ساڳي حيثيت ايران جي آهي. سندس فلسطين ۽ مسلم دنيا سان لاڳاپيل مسئلن ۾ اها گرم جوشي ناهي رهي ۽ اهو پڻ خطي ۾ ٿيندڙ نئين صف بندي ۾ پنهنجي حيثيت مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل آهي. لبنان ۾ جتي اقتدار جي مذهبي بنيادن تي ورهاست جي ڪري ايستائين شيعن کي غيراهم عهدن تائين محدود رکيو ويو آهي حزب الله جي اڳواڻي ۾ اهي پنهنجي جائز حصي وٺڻ ۽ پنهنجي سياسي حيثيت کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجهد ۾ رڌل آهن. اها ڳالھہ پڻ نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته جڏهين سيستاني عراق ۾ هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جي ڳالھہ ڪري ٿو ته ساڳيو اصول شام تي به لاڳو ٿئي ٿو جتي سني گھڻائي تي شيعه ٿورائي جي حڪومت آهي. پر هڪ ته فرقيوارانا تضاد جي ڪري حزب الله ۽ ايران شام جي حڪومت جي حمايت ڪري رهيا آهن جڏهين ته القاعده ۽ ٻين سني انتها پسند تنظيمن جي ان ۾ داخل ثيڻ جي ڪري سعودي عرب ۽ نار جا عرب حڪمران باغين جي مدد ڪري رهيا آهن. ليکڪ جو خيال آهي ته ان ڪارڻ آمريڪا جنهن پهرين شام تي حملي جا سانباها پئي ڪيا هاڻي شايد ان تان هٿ کڻي ويو آهي.
ليکڪ جو خيال آهي ته هن وقت شيعن عرب قوم پرستي، وطن پرستي ۽ کاٻي ڌر واري پنهنجي سڃاڻپ کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ انهن سڀني جو کين ڪو سٺو تجربو نه رهيو آهي ۽ سني حڪمرانن پاران انهن کي مٿن وڌيڪ ظلم ڪرڻ لاء استعمال ڪيو ويوآهي. هن وقت سندن سڃاڻپ سندن شيعه هجڻ آهي. ان بنياد تي ليکڪ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته موجوده فرقيوارانا تضاد وچ اوڀر جي مستقبل جو تعين ڪندو۽ حاوي امڪان اهو آهي ته وچ اوڀر جو آئيندو ان جي ماضي کان وڌيڪ سٺو نه هوندو.عراق جنهن کي ان سڄي فرقيوارانا توازن کي خراب ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ٿو هن وقت پاڻ ڏڦيڙ ۽ انتشار جو شڪار آهي. جمهوريت ۽ شيعه ڪارڊ کي استعمال ڪندي وزيراعظم مالڪي هڪ آمر ٿي ويٺو آهي ۽ ٻين سڀني گروهن خاص طور سنين کي اقتدار کان ٻاهر رکيو ويو آهي جنهن جي ڪري ملڪ ۾ داعش جهڙين انتها پسند تنظيمن کي فروغ مليو آهي ۽ ملڪ جي مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي ورهائجڻ جا امڪان پڻ پيدا ٿي پيا آهن. سعودي عرب ۽ بحرين وغيره جهڙن ملڪن ۾ رياست طاقت سميت شيعن جي سياسي اڀار کي روڪڻ لاء مختلف قدم کڻي رهي آهي. ان صورتحال ۾ اها اڳڪٿي ڪرڻ ڏکي آهي ته آئندي جي وچ اوڀر جو سياسي نقشو ڪهڙو هوندو.