يوسف القعيد جو ناول سرزمين مصر ۾ جنگ
ناول جي خاصيت اها آهي ته ان ۾ ڪنهن به ڪردار جو ڪو نالو ناهي ۽ هرڪو پنهنجي عهدي ۽ سرڪاري حيثيت جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ ان جو بيان ڪري ٿو. ڳوٺ جو وڏو زميندار، جنهن کي مصر ۾ عمده جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، کي عدالت پاران اها سڀ زمين واپس ملڻ جو حڪم ٿئي ٿو جيڪا کانئس جمال ناصر جي زرعي سڌارن جي ڪري وٺي هارين وغيره ۾ ورهائي ويئي هئي. ان حوالي سان کيس پوليس ۽ ٻين سرڪاري عملدارن جي پٺڀرائي حاصل هجي ٿي. ان سان ڳوٺ ۾ سندس وڏي حيثيت ۾ اڃا به واڌارو اچي وڃي ٿو.
عمده جون ٽي زالون هجن ٿيون پر ڪنهن بيماري جي ڪري هو پنهنجي مرداڻي صلاحيت وڃائي ويهي ٿو جنهن جي خبر رڳو سندس ننڍي زال کي هجي ٿي جنهن وٽ ئي هو رهي ٿو. ان زال مان کيس هڪ پٽ هجي ٿو جيڪو سندس ٻين پٽن کان ننڍو هجي ٿو. ان دوران سرڪار پاران سندس ان پٽ جي لازمي فوجي خدمت جو حڪم نامو اچي ٿو. پنهنجن ٻين پٽن لاء هو اهڙن حڪم نامن کي اڳ ختم ڪرائي چڪو هو. هاڻي اهو سندس لاء ان ڪري ضروري هو ته اهو سندس ننڍي زال جو اڪيلو پٽ هو جيڪا اهو نه چاهيندي ته هو کانئس پري وڃي ۽ ٻي ڳالھہ ته هو ئي سندس راز کان به واقف هئي جنهن ڪري هو کيس ناراض ڪرڻ به نه پيو چاهي. ان ڪري هو پنهنجي منشي وسيلي هڪ دلال سان رابطو ڪري ٿو جيڪو اهڙا ڪم ڪندو آهي. هو گھڻي سوچ ويچار ۽ ڏي وٺ کانپوء کيس صلاح ڏئي ٿو ته اهو معاملو ان نموني حل ٿي سگھي ٿو ته تنهنجي پٽ جي جاء تي ڳوٺ جي هڪ اهڙي نوجوان کي ڀرتي لاء موڪليو وڃي جيڪو ساڳي ڏينهن پيدا ٿيو هجي جنهن ڏينهن تئهنجو پٽ پيدا ٿيو آهي. جاچ جوچ کانپوء منشي کيس ٻڌائي ٿو ته اهڙو نوجوان چوڪيدار، جيڪو تازو رٽائر ٿيو آهي ۽ هاڻي عمده وٽ ئي ملازمت ڪري ٿو، جو پٽ آهي جيڪو پنهنجي ذهانت جي باوجود وسيلن نه هئڻ ڪري شهر جي اسڪول ۾ وڌيڪ نه پڙهي سگھيو. عمده ان چوڪيدار کي مختلف طريقن سان ريڀي، کيس زمين وغيره واپس ڪرڻ جي لالچ ڏيئي ان ڳالھہ لاء مجبور ڪري ٿو ته هو پنهنجي پٽ کي ان ڳالھہ لاء مجبور ڪري ته هو سندس پٽ جي جاء تي فوج ۾ لازمي خدمت لاء وڃي. نيٺ ڪنهن طريقي سان چوڪيدار جي پٽ کي عمده جي پٽ جو نالو ڏيئي ۽ ان کي عمده جو پٽ ڄاڻائي لازمي فوجي خدمت لاء موڪليو وڃي ٿو.
اتي ان نوجوان جي طبي يونٽ ۾ ڊيوٽي هجي ٿي. هو لاڳيتو اڻ تڻ جو شڪار هجي ٿو ۽ پنهنجي ٻٽي حيثيت کي سهي نه ٿو سگھي. هو اتي پنهنجي هڪ دوست سان پنهنجي دل جو حال اوري ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته هو جيڪڏهين مارجي وڃي ته هو اهو سڀڪجھ ظاهر ڪري ڇڏي. پر هو اها ڳالھه جنگ جي تيز ٿي وڃڻ جي ڪري پنهنجن آفيسرن کي نه ٿو ٻڌائي سگھي. هو ان ڳالھہ کي ترجيح ڏئي ٿو ته بجائي پوئتي رهڻ جي اڳين صفن ۾ وڃي ملڪ جي بچاء لاء وڙهي. ان جنگ ۾ هو شهيد ٿي وڃي ٿو ۽ سندس دوست، جنهن کي سندس گھر ۽ ڳوٺ جي خبر هجي ٿي، تي اها ذميواري رکي وڃي ٿي ته هو هڪ ٻئي آفيسر سان گڏجي سندس لاش کي مائٽن تائين پهچائي. واٽ تي ان ڳوٺ جي هڪ همراه کي اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته عمده جو پٽ جنگ ۾ مارجي ويو آهي ۽ ان جي لاش کي ڳوٺ پهچائڻو آهي ته هو کين ٻڌائي ٿو ته عمده جو پٽ ته جيئرو جاڳندو ڳوٺ ۾ موجود آهي. پوء اهو دوست اهو راز کولي ٿو ته عمده جي پٽ جي نالي ۾ اهو دراصل چوڪيدار جو پٽ آهي جنهن کي عمده جي پٽ کي ڀرتي کان بچائڻ لاء فوج ۾ موڪليو ويو هو. گڏ آيل آفيسر ان سلسلي ۾ عمده خلاف ڪاروائي ڪرڻ چاهي ٿو. انڪوائري ٿئي ٿي. هيٺين آفيسرن جو رايو هجي ٿو ته لاش کي سندس حقيقي پي چوڪيدار جي حوالي ڪيو وڃي ۽ سرڪار پاران شهيد لاء جيڪي مراعاتون وغيره آهن اهي به ان کي ڏنيون وڃن. پر عمده پنهنجي اثررسوخ ۽ وڏن آفيسرن تائين راهي رسائي ڪري ائين ٿيڻ نه ٿو ڏئي. نه رڳو ننڍن آفيسرن کي سرزنش ٿئي ٿي پر انهن کي چيو وڃي ٿو ته انهن فوج جي ڪمن ۾ مداخلت ڪئي آهي. جيئن ته سرڪاري ريڪارڊ ۾ نوجوان کي عمده جو پٽ ڄاڻايو ويو هو ان ڪري جيڪي سرڪاري مراعاتون آهن اهي ان کي ملنديون ۽ پوء ان جي مرضي آهي ته هو ان مان چوڪيدار کي ڪجھ ڏئي ٿو يا ماڳيئي نه ٿو ڏئي جڏهين ته لاش کي فيصلي ٿيڻ تائين نامعلوم جاء تي رکيو ويندو. چوڪيدار کي وري به ننڍي انڪوائري آفيسر پاران آسرو ڏنو وڃي ٿو ته هو ساڻس گڏ آهي ۽ لاش ۽ مراعاتن مان ڪجھ حصو کيس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو پر اهو مڙيئي ائين ٺلهو آسرو ئي هجي ٿو.