حوا جون ٽي ڌيئرون
هن ناول جو مرڪزي ڪردار هن گھر جي ڌي ناز پري آهي. ناز پري جيڪا پنهنجي ماء کان وڌيڪ پنهنجي پي جي ويجھو آهي پر پنهنجن خيالن جي لحاظ کان واضح ناهي. اها نه ته مذهبي خيالن جي آهي ۽ نه ئي غيرمذهبي خيالن جي. بس اها ڪو واضح فيصلو نه ٿي ڪري سگھي. پنهنجي پي جي بيمار هئڻ جي صورت ۾ سندس لاء دعا به ڪري ٿي ۽ ساڳي وقت ساڻس گڏ ويهي شراب به پيئي ٿي. پنهنجو پاڻ ۾ گم رهندڙ، ڪتابن پڙهڻ جي شوقين، تعليم جي لحاظ کان هڪ سٺي شاگردياڻي ۽ پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ ذهين. سندس پي کيس اعلا تعليم لاء آڪسفورڊ موڪلڻ جو فيصلو ڪري ٿو جتي سندس شخصيت ۾ مختلف تبديليون اچن ٿيون.
ناول درحقيقت اتان شروع ٿئي ٿو جڏهين پري پنهنجي ڌي سان هڪ پارٽي ۾ وڃي رهي هجي ٿي ۽ استنبول جي ٽريفڪ جام ۾ ڦاسي پيئي ٿي. ان دوران ٻه پينو ڇوڪرا سندس پرس کسي وڃن ٿا. انهن ٻارن جي پويان ويندي کيس هڪ رولاڪ سان واسطو پئي ٿو جيڪو انهن ٻارن جو سرپرست هجي ٿو. ان رولاڪ سان جھيڙي ۾ سندس پرس مان هڪ پولورائيڊ تصوير ڪري ٿي جيڪا سندس ڌي کڻي ٿي جيڪا به سندس پويان ئي آئي هئي. اها آڪسفورڊ ۾ ٽن ڇوڪرين ۽ هڪ مڙد جي نڪتل تصوير هجي ٿي. اهو مڙد آڪسفورڊ جو پروفيسر آذر هجي ٿو ۽ ٽي ڇوڪريون پري، شيرين ۽ مونا هجن ٿيون. ٽي مسلمان ڇوڪريون پر سندن پسمنظر ۽ سندن خيال هڪٻئي کان مختلف هجن ٿا. پري، پنهنجن خيالن جي لحاظ کان منجھيل، شيرين، هڪ لامذهب ڇوڪري ۽ مونا حجاٻ پائيندڙ مذهب تي سختي سان عمل ڪندڙ.
پارٽي ۾ هڪ عورت پروفيسر آذر متعلق سوال اٿاري ٿي جيڪو هڪ ڇوڪري سان اسڪينڊل ۾ ملوث هو ۽ پوء کيس آڪسفورڊ مان نيڪالي ڏني ويئي هئي. پري ان بحث کان پاسو ڪرڻ ۽ اها وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته هو اها ڇوڪري نه هئي پر سندس ذهن آڪسفورڊ وارن ڏينهن ڏانهن موٽي وڃي ٿو. ان پارٽي ۾ ملڪ جا وڏا شاهوڪار ماڻهو هجن ٿا جن جا ملڪ جي مسئلن متعلق مختلف خيال هجن ٿا. لبرل ۽ سيڪيولر خيالن جي همراهن ۾ ڇڪتاڻ واضح هجي ٿي. ٻنهي لاء اقتدار ۾ رهڻ ئي پنهنجي مٿڀرائپ کي برقرار رکڻ جو واحد طريقو هو. جيتوڻيڪ ترڪي يورپين يونين جي رڪن ٿيڻ جي دعوا ۽ ڪوشش ڪري ٿو پر سندس طور طريقا ۽ سماجي بيهڪ ساڳي ايشيائي ۽ وچ اوڀروارن جهڙي ئي آهي.
پري آڪسفورڊ جي شروع وارن ڏينهن ۾ گھر کي گھڻو ياد ڪري ٿي پر اهو هڪ بلڪل مختلف ماحول هجي ٿو جنهن ۾ کيس وڌيڪ ذاتي آزادي ملي ٿي. هو اتي پروفيسر آذر جي خدا متعلق سيمينار ۾ شامل ٿئي ٿي جنهن جو پڙهائڻ جو پنهنجو ئي انداز هجي ٿو. هو ساڻس پنهنجن ذاتي مسئلن تي به ڳالھہائي ٿي. درحقيقت هو پروفيسر ۾ هڪ ڇڪ محسوس ڪري ٿي جنهن جي پاڻ پروفيسر کي به ڄاڻ نه ٿي هجي. هو شيرين تي رشڪ ڪري ٿي جنهن جا پروفيسر سان ويجھا ناتا هجن ٿا ۽ ان حوالي سان آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان جو ڏوه پروفيسر تي مڙهيو وڃي ٿو ۽ ان معاملي جي جاچ لاء هڪ ڪاميٽي ٺاهي وڃي ٿي. کيس پڪ هجي ٿي ته پروفيسر جو ان معاملي سان ڪو واسطو ناهي پر آخري لمحي تي هو ڪاميٽي آڏو پيش نه ٿي ٿي سگھي ۽ اهڙي ريت پروفيسر کي نوڪري مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي.
استنبول موٽڻ کانپوء کيس محسوس ٿئي ٿو ته شهر ايترو ڪاسموپوليٽن ناهي رهيو جيترو اڳ هو. سيڪيولر ۽ مذهبي خيالن جي ماڻهن ۾ هڪ ٻئي لاء سهپ ۽ پاڻ ۾ شادين ڪرڻ جو لاڙو گھٽجي ويو هو. اشرافيه جيتوڻيڪ غيرمطمئن ۽ پريشان هئي پر اها ملڪ ۾ ظاهري طور هڪ قسم جي آمريت جي حق ۾ هئي جيڪا ملڪ ۾ استحڪام رکي سگھي. سندس ننڍي ڀاء حڪان جي شادي سندس لاء هڪ حقيقي صدمو هجي ٿي. شادي جي رات هو پنهنجي زال تي الزام هڻي ٿو ته اها ڪنواري نه هئي. ڪنوار جا مائٽ ڇوڪري کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃن ٿا جيڪو سندس ڪنواري هئڻ جي تصديق ڪري ٿو. کيس ڪنهن عورت لاء اهڙي قسم جو ٽيسٽ ڪرائڻ، جيڪو ساڻس به ٿي سگھي پيو، هڪ بيعزتي محسوس ٿئي ٿي. هو سوچي ٿي ته اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته هڪ عورت جي عزت کي سندس ڄنگھن جي وچ ۾ ڏٺو وڃي.
ترڪي جي صورتحال کي ڏسندي هو سوچي ٿي ته هو جيڪڏهين ڪنهن پرڏيهي ۽ ايستائين ته ڪنهن اسڪيمو سان به شادي ڪري ٿي ۽ هو هتي ترڪي ۾ اچي رهي ٿو ته هو مٿڀرائپ وارا اهي ساڳيا طورطريقا سکي ويندو جنهن جا ترڪي جا مڙد عادي آهن.
دراصل اها هڪ اهڙي منجھيل ڇوڪري جي ڪهاڻي آهي جيڪا ٻن ثقافتن جي وچ ۾ لٽڪيل آهي ۽ ڪو فيصلو نه ٿي ڪري سگھي. اها اسان جهڙن سماجن، جيڪي تبديلي جي عمل مان گذري رهيا آهن، ۾ رهندڙ گھڻن ماڻهن جي ڪهاڻي آهي.