مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

مايا جي ڪهاڻي

لاطيني آمريڪا جي ادب کي کڻي ڪهڙا به نالا ڏجن ۽ ڪهڙيون به اصطلاحون استعمال ڪجن پر هڪ ڳالھہ واضح آهي ته اهو هڪ مزاحمت جو ادب آهي. ڀلي گارشيا مارڪيز هجي ، ماريو ورگاس هجي يا آئيزيبل آلندي هجي ڪنهن به پنهنجي ملڪ ۽ علائقي جي سياسي حالتن کان ڪن لاٽار ناهي ڪئي ۽ پنهنجي فن وسيلي ان جو اظهار ڪيو آهي.
آئيزيبل آلندي هڪ لحاظ کان آلندي خاندان جي فرد هئڻ ڪري انهن حالتن جو سڌو سنئون شڪار رهي آهي. پنوشي جي فوجي بغاوت ۽ صدر سلواڊور آلندي جي موت کانپوء کيس پابلو نرودا جي شاعري جي مجموعي سميت ڪجھ ڪتابن ۽ ڪپڙن سان ملڪ ڇڏي جلاوطن ٿيڻو پيو هو. ان صورتحال جي هن پنهنجن ڪجھ ناولن ۾ عڪاسي ڪئي آهي. 2013 ۾ انگريزي ۾ شائع ٿيل سندس ناول Maya’s Notebook ان صورتحال جو وڌيڪ کليل نموني اظهارآهي.
دنيا جي گھڻن پاپولسٽ حڪمرانن جيان صدر آلندي کي به سندس خيرخواهن پاران اها ڳالھہ چئي ويئي هئي ته ملڪ ۾ سندس خلاف جيڪا سياسي صورتحال ٺهي رهي هئي ان ۾ فوج به شامل ٿي سندس خلاف ڪا ڪاروائي ڪري سگھي ٿي. پر سندس اهو جواب هوندو هو ته چلي جون جمهوري روايتون مضبوط آهن ۽ فوج ڪڏهين به سياست ۾ مداخلت نه ڪئي آهي. ساڳي وقت فوج جو سربراه پڻ جمهوريت ۾ يقين رکي ٿو ۽ سندس ڪي اهڙا ارادا ناهن. ان وقت فوج جي اڳوڻي سربراه، جنهن واقعي اهڙي ڪنهن قدم جي حمايت نه ٿي ڪئي، کي هڪ سازش ذريعي هٽايو ويو هو ۽ سندس جاء تي پنوشي فوج جو سربراه ٿيو هو. ليکڪا جي چوڻ موجب صدر آلندي جو اهو خيال پنوشي متعلق هو. بهرحال چلي ۾ جيئن ڪڏهين نه ٿيو هو ائين ٿيو. صدر آلندي وڙهندي مارجي ويو. جن فوجين حڪومت کي ختم ڪرڻ جي ان قدم جي مخالفت ڪئي انهن کي گولي هنئي ويئي. هزارين سياسي مخالفن ۽ شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيل عام ماڻهن کي جيلن ۾ واڙيو ويو ۽ ايذاء گھرن ۾ ايذاء ڏنا ويا. گھڻا ملڪ ڇڏي ويا، گھڻن پرڏيهي سفارتخانن ۾ پناه ورتي ۽ پوء جلاوطني اختيار ڪئي. تشدد ۽ ڏهڪاء ڦهلائڻ جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته پنوشي جي حامي جرنيلن جي اڳواڻي ۾ فوجين جا اهڙا قافلا ٺاهيا ويا جيڪي سڄي ملڪ ۾ هلندي مخالفن جي ڳولها ڪري نه رڳو انهن کي گوليون هڻندا هئا پر انهن جي لاشن کي ڊائناميٽ سان اڏائيندا هئا ته جيئن عام ماڻهن ۽ ان قافلي ۾ شامل فوجين ۾ ڏهڪاء ۽ هراس ڦهلجي.
ان سڄي صورتحال ۾ ناديا ودال، جنهن جي مڙس، جيڪو کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هڪ صحافي هو ۽ ٽي وي اينڪر جي طور پروگرام ڪندو هو، کي فوج کڻي ويئي هئي ۽ سندس ڪو ڏس پتو نه هو، پنهنجي پٽ سان گڏ هونڊراس جي سفارتخاني ۾ پناه ورتي هئي. اتان هن هونڊراس جي سفير جي مدد سان ڪينيڊا ۾ پناه حاصل ڪئي. سندس مڙس ايذاء گھر ۾ مارجي ويو. هو ڪينيڊا ۾ ٽيڪسي هلائي پنهنجو گذر بسر ڪري ٿي جتي سندس ملاقات هڪ آفريڪن آمريڪن فلڪيات جي ماهر سان ٿئي ٿي. هو ان سان شادي ڪري آمريڪا جي شهر ڪيليفورنيا ۾ هڪ وڏي گھر ۾ اچي رهي ٿي. پٽ وڏو ٿي پائلٽ بڻجي ٿو ۽ ڊينمارڪ جي هڪ ايئر هوسٽس سان شادي ڪري ٿو. انهن ٻنهي کي هڪ ڌي مايا ڄمي ٿي پر ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وڃي ٿي ۽ زال اها ڌي اچي ڪيليفورنيا ۾ ڏاڏاڻن جي حوالي ڪري وڃي ٿي. پي جيئن ته پنهنجي نوڪري جي سلسلي ۾ ٻاهر ئي رهي ٿو ان ڪري ان ڌي کي ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڏاڍي پيار ۽ قرب سان نپائين ٿا. مايا جو خاص طور پنهنجي ڏاڏا ۽ ڏاڏا جو ساڻس پيار هجي ٿو. هو اڃا اسڪول ۾ ئي هجي ٿي ته سندس ڏاڏا جو انتقال ٿي وڃي ٿو. ان جو مايا ۽ سندس ڏاڏي تي نهايت خراب اثر پئي ٿو. مايا ڏوه ۽ نشي ۾ پئجي وڃي ٿي. نشي ۾ هڪ ڪار سان حادثي کانپوء عدالت پاران کيس گھٽ عمر هئڻ جي ڪري بحالي مرڪز موڪليو وڃي ٿو پر ڪجھ وقت کانپوء هو اتان ڀڄي وڃي ٿي. ٽرڪ ڊرائيورن ۽ ٻين مختلف هٿن مان ٿيندي هو هڪ منشيات فروش جي هٿ اچي ٿي جيڪو کانئس هوٽلن ۽ ٻين مختلف جاين تي منشيات جي فراهمي جو ڪم وٺي ٿو. ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي ڀاء سان گڏجي نقلي نوٽن جي ڇاپڻ وغيره جو ڪم پڻ ڪري ٿو.
ننڍي رقم وارن نقلي نوٽن جي جاچ گھٽ ٿيندي آهي، ان ڪري انهن جو هلڻ سولو هوندو آهي. ٻي ڳالھہ ته اهي ڏوهاري مافيا ۽ منشيات فروشن کي ڏورانهن علائقن ۽ پرڏيه ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن جيڪي انهن کي اصلوڪن نوٽن سان گڏي هلائي ڇڏيندا آهن. اهڙي ريت ڏوهارين جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گرفت ۾ اچڻ جو امڪان گھٽ هوندو آهي. پر جڏهين اهي نوٽ ڇاپيندڙ آدم ٽريور پنهنجي ڀاء منشيات فروش برينڊن ليمين کي اهي نوٽ ڏنا ته هن انهن اصولن جو خيال نه ڪيو ۽ نه رڳو انهن کي پنهنجي شهر لاس ويگاس ۾ هلايو پر ساڳي وقت پوليس کي رشوت به انهن ئي نوٽن ۾ ڏني. سندس پنهنجن ٻن گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين سان اختلاف ٿين ٿا ۽ هو انهن کي رستي تان هٽائڻ لاء پوليس کي جيڪا رقم ڏئي ٿو اها به انهن نقلي نوٽن ۾ هجي ٿي. نتيجي ۾ اهو پوليس وارو بجائي انهن کي مارڻ جي انهن کي ان رٿا کان آگاه ڪري ٿو جيڪي پاڻ رٿا ٺاهي کيس ماري ڇڏين ٿا. ان کان اڳ هن مايا سان گڏجي هڪ وڏي رقم هڪ جاء تي لڪائي هئي. هوِ کيس هڪ ڪوڊ ڏئي ٿو ته هو سندس ڀاء کي ان کان آگاه ڪري. هو کيس ٻڌائي ٿو ته هو پنهنجي ڀاء جي خاندان سان گڏ برازيل هليو ويندو ۽ هو به ساڻن گڏ هلي پر مايا ان کان انڪار ڪري ٿي.
برينڊن ليمين جي مارجڻ کانپوء اهي ٻه ڄڻا ۽ پوليس وارو ارانا مايا جي ڳولها ڪن ٿا. کين اها پڪ هئي ته مايا کي اها خبر هئي ته نقلي نوٽ ڪٿي لڪل هئا. ليمين سان گڏ ڪم ڪندڙ مايا جو دوست فريڊي کيس ان کان آگاه ڪري ٿو ۽ هو جم مان، جتي نوٽ لڪائڻ کانپوء واپسي تي ليمين کيس ڇڏيو هو، ڀڄي نڪري ٿي. ان کانپوء هو ڄڻ عذاب ۾ اچي وڃي ٿي. کاڌي کان وڌيڪ پنهنجي نشي جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاء هو چوري به ڪري ٿي ۽ پنهنجو جسم به وڪڻي ٿي. هڪ ڀيري ارانا کيس چوري ڪندي پڪڙي ٿو. هو کيس جيل ۾ بند نه ٿو ڪري پر کارائي پياري کيس اعتماد ۾ وٺي ٿو ۽ ساڳي وقت بريڊن ليمين جي قاتلن کي سندس ڏس پتو به ڏئي ٿو جيڪي اچي کيس کڻي وڃن ٿا ۽ مٿس نوٽن جي لڪائڻ واري جاء جو ڏس پتو ٻڌائڻ لاء تشدد ڪن ٿا. پر هو ان وقت کين ڪجھ نه ٿي ٻڌائي. انهن جي ڪجھ دير لاء ٻاهر وڃڻ مهل فريڊي اچي کيس آزاد ڪري ٿو ۽ کيس اهڙين راهبائن جي گھر وٺي وڃي ٿو جيڪي سندس سار سنڀال ڪن ٿيون ۽ جڏهين سندس حالت ڪجھ بهتر ٿئي ٿي ته هو کين ڪيليفورنيا ۾ پنهنجي ڏاڏي کي فون ڪرڻ لاء چئي ٿي.
پنهنجي ڏاڏي کي هو نوٽن وغيره جي لڪائڻ جي جاء ۽ ڪوڊ متعلق ٻڌائي ٿي. هو سمجھن ٿا ته نقلي نوٽن ڇاپڻ ۽ انهن کي هلائڻ جي سزا قتل کان به ڳري آهي ۽ جيڪڏهين مايا ان ڏوه ۾ گرفتار ٿئي ٿي ته سندس سڄي ڄمار جيل ۾ ئي ڳري ويندي. هو اتان نوٽ ۽ نوٽ ڇاپڻ جي مشين کڻن ٿا ۽ ڪيليفورنيا ويندي واٽ تي رڻ پٽ ۾ اهي نوٽ کڏ کوٽي ان ۾ ساڙي ڇڏين ٿا جڏهين ته مشين کي سمنڊ جي تر ۾ اڇلائي ڇڏين ٿا.
مايا جي ڏاڏي ان ڳالھہ کي سمجھي ٿي ته هڪ پاسي مايا کي ڏوهاري مافيا کان خطرو هو ته ٻئي پاسي پوليس ۽ ايف بي آئي به سندس ڪڍ لڳي سگھي ٿي. هو سندس بحالي جي پروگرام جي مڪمل ٿيڻ کانپوء اهو بهتر سمجھي ٿي ته کيس ڪنهن اهڙي جاء تي موڪلجي جتي هو انهن ٻنهي کان محفوظ رهي. ان لاء کيس پنهنجي ملڪ چلي، جتي هو ٽيه سالن کان نه ويئي هئي، جي هڪ ننڍڙي ٻيٽ چلوئي جو خيال اچي ٿو جتي سندس هڪ دوست مينوئل آريس رهيل هو.
اهو هڪ ڪنڊ پاسي چلي جو هڪ غير معروف اٽڪل ٽي سو ماڻهن جي آبادي وارو ننڍڙو ٻيٽ هجي ٿو. هڪ ته ناديا جو مينوئل سان پيار جو ناتو هجي ٿو ۽ ٻيو هو سندس مڙس سان ٽارچر ڪئمپ ۾ گڏ هو. جيل ۽ ٽارچر ڪئمپ ۾ رهڻ کانپوء کيس ان ٻيٽ تي موڪليو ويو هو جتي پنهنجي سزا جو مدو گذارڻ کانپوء هو آسٽريليا هليو ويو هو جتان موٽڻ کانپوء هو پنهنجي مرضي سان ان ٻيٽ تي رهيل هو. هو هتي علائقي جي لوڪ ڪٿائن ۽ روايتن وغيره تي ڪتاب لکي رهيو هو جنهن ۾ هاڻي مايا به سندس مدد ڪري رهي هئي. هن کي مٿي ۾ ڦرڙي هئي ۽ اهو خدشو هو ته اها ڪنهن وقت به ڦاٽي سگھي ٿي ۽ سندس موت واقع ٿي سگھي ٿو.
مايا کي هتي موڪلڻ کان اڳ سختي سان ٽيليفون، سوشل ميڊيا ۽ اي ميل وغيره کان پري رهڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي ٿي ته جيئن مافيا ۽ پوليس وغيره کي سندس ڏس پتو نه ملي. اهو سڄو ٻيٽ ڄڻ هڪ گھر مثل هو جتي گھرن جا دروازا کليل هوندا هئا ۽ ماڻهو ڪنهن هٻڪ کانسواء هڪٻئي جي گھرن مان شيون کڻي ويندا هئا ۽ پوء پاڻيئي واپس ڪري ويندا هئا ۽ عيوضي ۾ ڪا ٻي شي ڏيئي ويندا هئا. مايا کي بيخوابي جي شڪايت هجي ٿي. رات جو جاڳندي هو مينوئل کي ننڊ ۾ ڳالھائيندي ۽ رڙيون ڪندي ٻڌي ٿي. هو سمجھي ٿي ته سندس اندر ۾ ڪا پيڙا آهي پر هو کانئس پڇڻ جي همت نه ٿي ڪري. هو اهو سوچي ٿي ته اهو معلوم ڪجي ته نيٺ ان سڄي پيڙا جو ڪهڙو ڪارڻ هو. هڪ ڀيري جڏهين مينوئل پنهنجي علاج جي سلسلي ۾ سنتياگو وڃي ٿو ته هو به ساڻس گڏ وڃي ٿي. هو مختلف ماڻهن سان ملي اها جاچ ڪري ٿي ته نيٺ پنوشي جي دور ۾ ماڻهن سان ڇا وهيو واپريو هو. هو ان ٽارچر ڪئمپ ۾ وڃي ٿي جتي ميئوئل ۽ سندس ڏاڏي کي قيد ڪيو ويو هو. ان ٽارچر ڪئمپ کي هاڻي پارڪ ٺاهيو ويو هو. اتي محافظ کيس ٻڌائي ٿو ته قيدين کي ڪيئن ايذاء ڏنا ويندا هئا ۽ ڪيئن انهن جون ڪيڪون سڄي عمارت ۾ گونجنديون هيون. کيس تڏهين مينوئل جا ڊيڄاريندڙ خواب ۽ ننڊ ۾ رڙيون ڪرڻ سمجھ ۾ اچي ٿو. نفسيات دان اهو ٻڌائين ٿا ته انسان جي خراب ڏينهن جي يادگيرين کي ٿوري مدي کانپوء سندس ذهن بلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان ماڻهو کي به ياد نه هوندو آهي ته ساڻس ڇا ٿيو هو. چلوئي جي گرجا جو پادري، جيڪو پاڻ پنوشي جي ڏاڍ جو شڪار رهيو هو، کيس اهڙن ماڻهن جا مثال ڏئي ٿو جن کيس ٽارچر وغيره جا داستان ٻڌايا هئا پر جڏهين هو ڪجھ عرصي کانپوء ساڻن مليو هو ته کين ڪجھ به ياد نه هو.
ان دوران مايا کي اها خبر پيئي ٿي ته سندس اصل ڏاڏو مينوئل آهي جنهن جا سندس ڏاڏي ناديا سان ناتا رهيا هئا پر ان جو مٿس ڪو اثر نه ٿو ٿئي. ٻي ڳالھہ ته سندس چلوئي ۾ آيل هڪ آمريڪي سياح سان محبت ٿئي ٿي جنهن سان هو ان جي واپس وڃڻ کانپوء فرضي نالي سان اي ميل وغيره ذريعي رابطو رکي ٿي. جيئن ته پوليس وارو ارانا سندس ڳولها ۾ هجي ٿو ان لکپڙه جي بنياد تي هو چلوئي پهچي ٿو. مايا اهو سمجھي ٿي ته اهو ليمين جي قاتلن سان شامل آهي ۽ کيس پوليس مان ڪرپشن وغيره جي ڪري ڪڍيو ويو آهي. ٻنهي جي ڇڪتاڻ ۾ هو ٽڪري تان ڪري پون ٿا جنهن ۾ مايا کي به ڌڪ لڳن ٿا ۽ ارانا سمنڊ ۾ لڙهي وڃي ٿو. ان کان اڳ ليمين جا قاتل جيڪي پڻ مايا جي ڳولها ۾ هجن ٿا ريگستان ۾ ڪار ۾ لڳل باه ۾ سڙي مري وڃن ٿا.
هي ناول ساڳي وقت ان امتيازي ورتاء کي به ظاهر ڪري ٿو جيڪو آمريڪا ۾ خاص طور ڪارن سان روا رکيو وڃي ٿو جنهن جو اظهار ناديا جو ٻيو مڙس به ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت اهو نوجوان جنهن سان مايا محبت ڪري ٿي ۽ جيڪو هڪ گڏيل نسل جي ماء پي جي اولاد هجي ٿو پڻ ڪري ٿو.
اهو ناول چلي ۽ آمريڪي سماج جي گھڻن پاسن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.