مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

سياسي تبديلي ۽ احساساتي زندگي

نجيب محفوظ کي ڪنهن تعارف جي ضرورت ناهي. هن مصر جي تاريخ ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ساڳي ريت ملڪ ۾ جيڪي سياسي لاها چاڙها آيا آهن اهي به سندس مختلف ناولن جو موضوع رهيا آهن. سندس ناولAutumn Quail 1952 ۾ فوجي آفيسرن جي انقلاب، ان جي پسمنظر ۽ ان جي سماج جي مختلف ماڻهن تي پوندڙ اثرن جي ڪهاڻي آهي.
مصر پاران برطانيا، جنهن جو ملڪ تي راڄ هجي ٿو ۽ سڀ معاملا ان جي چوڻ موجب هلن ٿا، سان سوئز ڪئنال متعلق ٺاه جي ختم ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن ۾ چڪتاڻ وڌي وڃي ٿي، ملڪ هڪ بحران ۾ وٺجي وڃي ٿو ۽ مارشل لاء لاڳو ٿئي ٿو. فوجي آفيسر اقتدار سنڀالڻ کانپوء بادشاهت کي ختم ڪري سياسي جماعتن تي پابندي هڻن ٿا.
آفيسر شاهي ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل ٿئي ٿي، گھڻن کي سندن سياسي وفادارين ۽ ماضي ۾ ڪيل ڪرپشن جي ڪري نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي ٿو جڏهين ته گھڻن ننڍن اهلڪارن کي سندن انقلابي سوچ جي ڪري وڏن عهدن تي مقرر ڪيو وڃي ٿو.
هن ناول جو مرڪزي ڪردار عيسيٰ آهي جيڪو وفد پارٽي سان لاڳاپيل آهي. هو پارٽي جي سياسي جدوجهد ۾ به شامل هجي ٿو، سزائون ڪاٽي ٿو ۽ مختلف وقتن تي نوڪري تان برطرف به ٿئي ٿو پر پارٽي جي وري اقتدار ۾ اچڻ کانپوء نوڪري تي بحال ٿئي ٿو ۽ اڃا وڏا عهدا ماڻي ٿو. پنهنجي ان حيثيت جو فائدو وٺندي هو هڪ پرتعيش زندگي گذاري ٿو. هڪ عاليشان گھر ۽ بينڪ بيلنس سندس سڃاڻپ هجن ٿا. انقلاب کانپوء کيس زوري رٽائر ڪيو وڃي ٿو. هو سمجھي ٿو ته اهو سڀڪجھ به اڳ جيان آهي ۽ حالتن تبديل ٿيڻ کانپوء سندس پراڻي حيثيت بحال ٿي ويندي. پر جلد ئي کيس اهو احساس ٿئي ٿو ته حالتون اڳ جيان نه هيون ۽ سندس پراڻي حيثيت جو بحال ٿيڻ ممڪن نه هو.
ان سان عيسيٰ جي زندگي ۾ وڏي تبديلي اچي وڃي ٿي. گھر جي خرچ پوري نه ڪري سگھڻ جي ڪري هو اهو ڇڏي پراڻي آبائي گھر ۾ منتقل ٿي وڃي ٿو. سندس مڱڻو، جيڪو هڪ امير گھراڻي ۾ ٿيل هجي ٿو، ختم ٿي وڃي ٿو. کيس هاڻي پنهنجي پينشن ۽ بينڪ بيلنس تي گذارو ڪرڻو هو. سندس سوٽ جنهن کي هونئن عيسيٰ گھڻي اهميت نه ڏيندو هو انقلاب جي ڪري هڪ ننڍي عهدي کان وڏي ۽ اهم عهدي تي پهچي ٿو. هو عيسيٰ کي هڪ ڪمپني ۾ نوڪري جي آڇ ڪري ٿو پر عيسا ان کي رد ڪري ڇڏي ٿو ۽ آزاد زندگي گذارڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. سندس شامون مختلف هوٽلن ۾ دوستن يارن سان گپ شپ ڪندي گذرن ٿيون.
نيٺ هو قاهره ڇڏي اسڪندريه وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو. اهو مصر جو هڪ مختلف شهر آهي. هتي ڪنهن دور ۾ يونانين جي وڏي آبادي هوندي هئي. انهن مان ملڪي حالتن جي ڪري گھڻا پرڏيه لڏي ويا آهن پر شهر جي ڪلچر، طور طريقن، هوٽلن ۽ ڪلبن تي انهن جو اثر اڃا باقي آهي. هتان جي ماحول ۾ عيسا کي ائين لڳي ٿو ته هو ڄڻ پرڏيه ۾ نه هوندي به پرڏيھه ۽ پرڏيهين جي وچ ۾ آهي.هتي هو گھمندي ڦرندي سمنڊ جي ڪناري هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ پنهنجو وقت گذاري ٿو. سمنڊ جي ڪناري سندس ملاقات هڪ عورت سان ٿئي ٿي. اها وئشيا هجي ٿي. پر هڪ رات گذارڻ کان پوء هو سندس ناراضگي جي باوجود به ساڻس رهڻ شروع ڪري ٿي. ڪجھ وقت کانپوء هو پيٽ سان ٿئي ٿي جنهن جي ڪري سندن ناتا اڃا وڌيڪ خراب ٿي وڃن ٿا ۽ هو کانئس پري رهڻ لڳي ٿو.
ان دوران کيس قاهره ۾ پنهنجي ماء جي وفات جي خبر ملي ٿي ۽ ھو فوري طور اوڏانهن روانو ٿي وڃي ٿو. قاهره ۾ هوندي سوئز ڪينال کي قوميائڻ جي ڪري اسرائيل مصر تي حملو ڪري ٿو جنهن کي برطانيا ۽ فرانس جي حمايت به حاصل هجي ٿي جڏهين ته پس پرده آمريڪا به ان جي مدد ڪري ٿو. ان صورتحال ۾ عيسا ۽ سندس دوست سوچين ٿا ته ٺيڪ آهي ته سندن حڪومت سان اختلاف آهن پر هي ملڪ جي سلامتي جو مسئلو آهي ان ڪري کين جنگ ۾ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪرڻ گھرجي. ڪجھ وقت کانپوء عالمي صورتحال جي خراب ٿيڻ جي خدشي جي ڪري وڏيون طاقتون جنگ کي بند ڪرڻ تي آماده ٿي وڃن ٿيون.
عيسيٰ پنهنجي ماء جي گھر کي وڪري لاء آڇي ٿو. ان کي خريد ڪرڻ لاء هڪ ماء ۽ ڌي اچن ٿيون.ڌي جيتوڻيڪ اڌوڙٽ عمر جي هجي ٿي پر عيسيٰ ان ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪري ٿو. ان جو ڪارڻ سندس سونهن کان وڌيڪ سندس دولت هجي ٿي. کيس خبر پئي ٿي ته ان عورت کي ٽي ڀيرا طلاق ٿي چڪي هئي ۽ سندس ڪو اولاد ناهي ۽ نه ئي ان جي ٿيڻ جي ڪا توقع هئي. هو ان سان شادي ڪري ٿو ۽ ان جي پئسي تي گذر بسر ڪرڻ ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳي ٿو.
هو نيٺ ان مان به بيزار ٿي پئي ٿو ۽ کيس اهو روٽين ۽ پابندي تنگ ڪرڻ لڳي ٿي. مصر جي ڪنهن شهر ۾ پنهنجي زال سان وقت گذاريندي هو گھڻو ڪري اڪيلو هوٽلن، ڪلبن ۽ سمنڊ جي ڪناري گھمندو ۽ پنهنجن دوستن سان سڄي رات تاش کيڏندو رهي ٿو ۽ ان ۾ لاڳيتو پئسا هارائيندو رهي ٿو. زال کانئس ناراض ٿئي ٿي ۽ کيس گھر ۾ اچڻ نه ٿي ڏئي. ڪنهن ريت سندن صلح ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجن دوستن جي چنڊال چوڪڙي کان پري اسڪندريا هليا وڃن ٿا. هتي به مٿس اها ساڳي بيزاري واري ڪيفيت حاوي رهي ٿي ۽ هو زال ۽ گهر کان پري ڪلبن، هوٽلن ۽ سمنڊ جي ڪناري پنهنجو وقت گذاري ٿو. هڪ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري کيس اها عورت جنهن ساڻس اڳ ۾ ڪجھ وقت گذاريو هو فاسٽ فوڊ جو اسٽال هلائيندي نظر اچي ٿي. هو شروع ۾ کانئس پري رهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر ڪجھ وقت کانپوء هو هڪ ننڍي ڇوڪري کي وٽس ايندو ڏسي ٿو. هو سمجھي وڃي ٿو ته اها سندس ئي ڌي هئي. پوء هو ان ڇوڪري سان ملڻ لاء ڪافي ڪوششون ڪري ٿو، ان عورت سان ملاقات ڪري کيس پنهنجي ڌي سان ملائڻ لاء منٿون ڪري ٿو پر هو اول ته کيس سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ٿي ۽ ٻيو ته ڪنهن به ريت ڇوڪري کي ساڻس ملائڻ لاء تيار نه ٿي ٿئي.
سندس اهي رولاڪيون جاري رهن ٿيون. هڪ ڏينهن ڪلب ۾ کيس ڪو شخص نظر اچي ٿو جيڪو کيس ڄاتل سڃاتل لڳي ٿو. کيس ياد اچي ٿو ته جڏهين هو آفيسر هو ته اهو شخص سياسي ڏوهن ۾ گرفتار ٿي لاڪب ۾ بند هو ۽ هو کيس اتي ڏسڻ ويو هو. اتي شايد ان سان سٺو ورتاء نه ڪيو ويو هو. کيس اهو ڊپ ٿئي ٿو ته متان بدلي وٺڻ لاء هو ڪا حرڪت نه ڪري. هو اتان اٿي سمنڊ جي ڪناري وڃي هڪ بينچ تي ويهي رهي ٿو. ڪجھ وقت کانپوء اهو ساڳيو شخص به اچي سندس ڀر ۾ ويهي ٿو ۽ کيس چئي ٿو ته هو ساڻس ڪجھ ڳالھہائڻ چاهي ٿو. پر هو لاڳيتو انڪار ڪندو رهي ٿو. نيٺ ڪڪ ٿي اهو شخص اتان اٿي شهر ڏانهن روانو ٿي وڃي ٿو. کيس پوء اهو احساس ٿئي ٿو ته سندس مسئلي جو حل ته ان شخص سان ڳالھہائڻ ۾ هو. اهو خيال ايندي ئي هو فوري طور ان شخص جي پويان وڃي ٿو.
اهو ناول هڪ لحاظ کان ان ڳالھه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ملڪ ۽ سماج ۾ ايندڙ تبديليون ۽ اٿل پٿل ڪهڙي ريت فرد جي سماجي ۽ معاشي حيثيت ۽ جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيتن کي متاثر ڪن ٿا.