هڪ صورت ۾ سمايل سونهن جون سو صورتون
هو هڪ ڊگھي عرصي کان شاعري ڪندورهيو آهي ۽ ان کي سنگت ۾ غيرسرگرم ٿيڻ کانپوء به جاري رکندوآيو آهي. شاه محمد جي لاء عام طور اهو سمجھيو ويندو آهي ته هو عشق، محبت ۽ حسن جو شاعر آهي، جيڪا ڳالھہ گھڻي ڀاڱي صحيح به آهي پر هن ساڳي وقت مختلف ٻين موضوعن تي پڻ پنهنجي ردعمل ۽ خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اهو ضروري ناهي ته تخليق تخليقڪار جي مزاج جيان ئي هجي. ڪي تيز طبيعت جا ماڻهو پنهنجو اظهار نهايت ڌيمي ۽ نرم انداز ۾ ڪندا آهن جڏهين ته ڪي نفيس ۽ نرم مزاج شخص پنهنجي اظهار ۾ بلڪل ئي ان جي مختلف هوندا آهن. پر اها ڳالھہ شاه محمد لاء نه ٿي چئي سگھجي. سندس شاعري مڪمل طور سندس مزاج سان هم آهنگ آهي. هو جهڙي ريت پنهنجي ورتاء ۾ هڪ نفيس ۽ ڌيمي مزاج وارو ماڻهو آهي ساڳي ڳالھہ سندس شاعري ۾ به ملي ٿي. ممڪن آهي ته عام پڙهندڙ کي اهو محسوس نه ٿيندو هجي پر منهنجي جيئن ته ساڻس نسبتا ويجھڙائي رهي آهي ان ڪري آئون ان ڳالھہ کان به واقف آهيان ته هو ساڳي وقت نه رڳو هڪ سياسي ڪارڪن به رهيو آهي پر اڃا تائين هو نه رڳو ملڪي ۽ عالمي معاملن کان اپ ڊيٽ آهي پر انهن تي پنهنجي هڪ رائي پڻ رکي ٿو. اها ڳالھہ خاص طور ان ڪري به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سندس خاندان ۾ ئي انور پيرزادو سندس پيشرو ۽ گھڻي حد تائين سندس لاء هڪ اتساه جو باعث پڻ رهيو آهي. پرانور جي شخصيت ۾ هڪ پيار ۽ نفاست هئڻ جي باوجود سندس شاعري ڄڻ هڪ احتجاج آهي. سندس پيار جي شاعري به ڄڻ ته سندس ان احتجاج جو ئي هڪ حصو آهي. پر شاه محمد ان لحاظ کان مختلف آهي جيئن هو چئي ٿو ته
هلي آ زمانا
تون منهنجي اکين کان
محبت جي جيڪا چمڪ آ
کسي وڃ
اها مان لڪائي
سگھان ئي نه ٿو
هي ڪتاب جو ٻيون ايڊيشن آهي ۽ ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ايڊيشن ۾ جيتوڻيڪ شاعري جو گھڻو حصو رومانس ۽ محبوب جي تعريف تي ٻڌل آهي پر شاعر ٻين جن مسئلن کي کنيو آهي انهن مان گھڻن کي به ٻين مختلف شاعرن جيان پنهنجي محبوب ۽ پيار جي نڪته نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس نظم لوڊ شيڊنگ کي ان سلسلي ۾ مثال طور پيش ڪري سگھجي ٿو.
بجلي اوچتو هلي ويئي
۽ تنهنجي باري ۾ منهنجو نظم
اڌ ۾ ائين لڳي رهيو آهي
جيئن موت جي سزا وارو قيدي
پنهنجي زندگي جي آخري رات ۾
صبح جي پهر جو انتظار ڪري رهيو هجي
هن کي ڦاهي ايندي
يا ڪو معجزو ٿيندو
ان ساڳئي ايڊيشن ۾ شاعر مختلف موضوعن تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي جهڙوڪ ايٽمي ڌماڪي جو جشن، سنڌ، موت ڇا آهي، نيوٽران بم جي خالق ڏانهنِ، نظير عباسي جي موت تي ۽ ٽارچر سيل مان هڪ قيدي. ساڳي وقت سندس شاعري ۾ غم جانان ۽ غم دوران جي تضاد کي پڻ پسي سگھجي ٿو جيئن هو نظم چپ جڏهين سنسار ٿيو ۾ چئي ٿو ته
ها، پر.
جيڪا شفٽ سڀاڻي ڪرڻي آهي
تنهن لاء زوري ننڊ جي هنج ۾ وڃڻو آهي
ڪيڏو هي الميو آهي
هاء، پرين ڏس!
هاڻي توکي ياد ڪرڻ پڻ
مون کان ڪانه افورڊ ٿئي ٿو!!
شاعري ۾ عام طور ۽ رومانس جي شاعري ۾ خاص طور تي تشبيهن جو استعمال جيڪڏهين ضروري نه ته به وڻندڙ ضرور هوندو آهي. ان نظم ۾ ساه، سج ۽ سمنڊ جي ڇولين جي محبوب سان ڀيٽ تي ٿورو غور ڪيو.
زندگي ۾ ساه ٿو ڪيڏو کڄي
ڪير ٿو ان کي ڪٿي؟
ڪير ٿو سج کان پڇي
روشني تون ڪيتري ڦهلائيندين؟
سمنڊ ڪيڏيون ڇوليون آهن سمايون پاڻ ۾
ڪيئن ڪو تن کي ڳڻي؟
ڪيئن مان توکي ٻڌايان
ڪيتريون ڳالھہيون ڪرڻ
چاهيان ٿو تو سان
ڪيتريون راتيون ڪٽڻ
چاهيان ٿو تو سان
ساڳي ريت جڏهين نظم جدائي جون ڳالھہيون ۾ شاعر موسمن، چنڊ تارن ۽ لهندڙ سج سان جدائي جي لمحن کي ڀيٽي ٿو ته پڙهندڙ واقعي پنهنجي اندر ۾ هڪ مٺو درد محسوس ڪري ٿو.
هي نظم
دنيا جا سرمائيدارو!
اچو ۽ خوشحالي جي نالي ۾
پنهنجي سرمائي سان
منهنجي ديس جي نوجوانن کي
اچي ڪرپٽ ڪريو
هو ان لاء بلڪل تيار آهن.
هاڻي انهن وٽ سماج کي بدلائڻ جو
ڪوبه خواب ناهي رهيو.
جيتوڻيڪ شاعر جو موجوده حالتن تي هڪ ردعمل ۽ هڪ احتجاج آهي پر مون کي اهو ترنم، موسيقي۽ تشبيهن جي لحاظ کان سندس ٻي شاعري سان ميل کائيندو محسوس نه ٿو ٿئي بلڪ ان جي بجائي هڪ سڌي سنئين ڪاوڙ جو اظهار آهي جيڪو هن شاعر جي لاء هڪ استشنا ئي چئي سگھجي ٿو.
ٻئي ايڊيشن لاء ڪتاب ۾ جيڪا شاعري شامل ڪئي ويئي آهي اها خاصيتي لحاظ کان پهرئين ايڊيشن جي شاعري کان ان لحاظ کان مختلف آهي ته ان ۾ شاعر پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو نئين سر جائزو وٺي ٿو ۽ هڪ لحاظ کان ڄڻ ته پنهنجي ترجيحن کي نئين سر طئي ڪري ٿو. پنهنجي محبوب سان سان تعلق ۾ بدلاء، ٻارن جو پيار ۽ مختلف سماجي ۽ سياسي مسئلا سندس ان شاعري ۾ حاوي آهن.جيئن سندس نظم محبت جون ڳالھيون ۾ هو چئي ٿو ته
محبت جون ڳالھيون
جڏهين هن کي هاڻي ڇڇوريون لڳن ٿيون
تڏهين دل چوي ٿي
نئين ڪا محبت جي هڪڙي ڪهاڻي ٻڌائڻ
شروع ڪيان
ساڳي ريت هن بغداد تي آمريڪا جي حملي ۽ بمباري کي پنهنجي محبوب جي روئي ۾ تبديلي سان نظم بغداد تي حملو ۾ نهايت خوبصورتي سان ڳنڍيو آهي؛
آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوجن
بغداد تي
بمباري جو پهريون وسڪارو شروع ڪيو
۽ بلڪل ان ئي سمي
تو مون کي اها ڳالھہ چٽي ڪري ٻڌائي
ته تنهنجو مون سان عشق جهڙو ڪو به تعلق ناهي
ويچارو بغداد
۽ ان جون کجون
۽ ان جا گلاب
۽ ان جا ٻارڙا
ويچاري منهنجي دل
۽ ان جون حسرتون
ان جا خواب
۽ ان جا ارمان
بغداد کي برباد ڪرڻ وارن جي دعوي آهي ته هو
ان کي ٻيهر تعمير ڪندا
پر افسوس؛
جو منهنجي دل لاء اهڙو ڪوبه واعدو ڪيل ناهي.
شاه محمد جيتوڻيڪ پابند شاعري به ڪئي آهي پر سنڌ جي ٻين نوجوان شاعرن جيان سندس گھڻو لاڙو آزاد ۽ نثري نظم ڏانهن رهيو آهي. ان صنف تي جيتوڻيڪ وڏن وڏن شاعرن طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ان کي جديد دور جي گھرجن مطابق سمجھيو وڃي ٿو جن کي پوري ڪرڻ جي صلاحيت سندن چوڻ موجب پابند شاعري ۾ ناهي. پر ان متعلق هن دور جا وڏا شاعر مختلف رايو رکن ٿا. فيض جو ڇوڻ آهي ته اهو نثري نظم ڇا ٿيندو آهي. يا ته نثر آهي ۽ يا نظم. جڏهين ته شيخ اياز نئين ٽهي جي شاعري جي مجموعي ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان جي پيش لفظ ۾ ان تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي. هو سمجھي ٿو ته ان صنف جي شاعري هئڻ تي نيٺ اصرار ڇوٿو ڪيو وڃي ۽ انهن کي نثر جي ٽڪرن طور ڇو نه ٿو پيش ڪيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ ۾ نثري نظم کي ان وقت مشهوري ملي جڏهين ٽئگور کي سندس بنگالي شاعري جي انگريزي ۾ ترجمو ڪيل گيتانجلي تي نوبل ايوارڊ مليو. ماڻهن اهو ئي سمجھيو ته ترجمي جيان ٽئگور جي اصل شاعري به آزاد ۽ نثري پئرائي ۾ هئي جڏهين ته ائين نه هو ۽ ٽئگور جي اها شاعري موزون ۽ ترنم ۾ هئي. ان ڳالھه نثري نظم جي لکڻ کي گھڻو زور وٺايو. اياز ان سلسلي ۾ خاص طور تي بريٽالٽ بريخت ۽ ماياڪوفسڪي جا مثال ڏنا آهن جن شاهڪارنثري نظم تخليق ڪيا آهن. بريخت ان لاء پنهنجي منظوم شاعري کي ترڪ ڪيو. مختصرا سندس اهو چوڻ آهي ته نوجوان نسل جي ان صنف کي اختيار ڪرڻ جو هڪ اهم ڪارڻ سندن سهل پسندي به آهي. جيڪڏهين آزاد ۽ نثري نظم به لکڻو آهي ته ان لاء به شاعري جي تيڪنيڪي ضرورتن جي ڄاڻ ضروري آهي. ان سان گڏوگڏ ان ۾ ترنم ۽ موسيقي جو هئڻ پڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ شاعري اها ئي قبوليت ماڻي سگھي ٿي جنهن کي ساڳي وقت ڳائي به سگھجي. هن مجموعي ۾ نظم،آزاد نطم ۽ نثري نظم جي ڳپل حصي هئڻ جي باوجود ٻين مختلف صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي ۽ ان ۾غزل،گيت ۽ ترائيل وغيره شامل آهن. منهنجي خيال ۾ شاه محمد جي شاعري کي جيڪا قبوليت حاصل آهي ان جو وڏو سبب اهو آهي ته سندس شاعري ۾ ترنم، موسيقي ۽ وڏي ڳالھہ ته شاعري موجود آهي. سندس شاعري جو سفر هڪ مڌر ۽ صاف پاڻي جي چشمي جيان خاموشي سان جاري آهي ۽ اهو جڏهين پنهنجو وهڪرو به بدلائي ٿو ته ان جي خبر گھٽ ماڻهن کي ئي پئجي سگھي ٿي.