مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

خالد طور جو ناول بالون ڪا گڇا

تازو خالد طور جو ناول بالون ڪا گڇا پڙهي پورو ڪيو. اهو ناول سرگوڌا جي هڪ ننڍي شهر جھاوريان جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هڪ نائين ڪلاس جو ٻار اسڪول جي موڪلن ۾ پنهنجي خاندان سان گڏ پنهنجي وڏي ڀاء جي دعوت تي جھاوريان وڃي ٿو جتي هو هڪ سرڪاري اسپتال ۾ جانورن جي ڊاڪٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. اتي بجلي وغيره جي ڪا به سهولت موجود ناهي ۽ ماڻهو بلڪل ڳوٺاڻي نموني جي زندگي گذاري رهيا آهن. خالد جيتوڻيڪ نائين ڪلاس جو شاگرد هجي ٿو ۽ انگريزي وغيره ۾ به گھڻو هوشيار نه ٿو هجي پر ادب سان سندس خاص لڳاء هجي ٿو. هو هڪ ترقي پسند سوچ رکي ٿو ۽ مهم جوئي سندس طبيعت جو خاص حصو هجي ٿي. جھاوريان ۾ پنهنجي ڀاء جي گھر ۾ کيس هڪ نوڪرياڻي جو ننڍو ٻار نظر اچي ٿو جنهن جو سڄو مٿو ڪوڙيل هجي ٿو پر هڪ حصي تي وارڇڏيل هجن ٿا. پڇڻ تي خبر پئي ٿي ته اهي وار علائقي جي هڪ پير جي چوڻ تي رکيا ويا آهن ته جيئن ٻار بلائن کان محفوظ رهي سگھي ۽ پوء جڏهين هو پنجن سالن جو ٿيندو ته اهي وار ڪوڙائي انهن جي تور برابر سون يا چاندي پير کي ڏني ويندي. ان ٻار جي ماء انهن وارن جي سختي سان حفاظت ڪندي رهي ٿي.
خالد ان ڳالھہ تي سوچيندو رهي ٿو ته پيرن انهن پٺتي پيل علائقن ۾ غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن کي ڦرڻ جا نوان نوان طريقا ڪڍيا آهن. هو ان پير کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاء هڪ ڏينهن موقعو ڏسي ان ٻار جا اهي وار ڪوڙي انهن کي نهر ۾ وجھي ڇڏي ٿو. هو گھر وارن آڏو اهو به مڃي ٿو ته هن اهو ڪم ڪيو آهي. ٻار جي ماء پنهنجي پٽ جي زندگي جي حوالي سان صدمي واري ڪيفيت ۾ اچي وڃي ٿي ۽ خالد کي پٽون پاراتا ڏيڻ شروع ڪري ٿي. ٻئي پاسي خالد جو ڀاء ۽ سندن دوست اهو سوچڻ شروع ڪن ٿا ته پير اهڙي ريت پنهنجي اختيار کي چئلنج ٿيندو ڏسندي ضرور ردعمل ڏيکاريندو ۽ بدلي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو. ساڳي وقت علائقي جا ماڻهو به پير جي حمايت ۾ ڪو قدم کڻي سگھن ٿا.
پير کي ڪنهن ريت ان ڳالھہ کان مطلع ڪيو وڃي ٿو جيڪو ان اطلاع ڏيندڙ ماڻهو کي اهو ٻڌائي ٿو ته هاڻي ڪاري بلا اٺيتاليھه ڪلاڪن کانپوء حملو ڪندي ۽ ان کي ڪنهن به ريت روڪي نه ٿو سگھجي. ان ڪم لاء پير پاران ٻه ملنگ جھاوريان موڪليا وڃن ٿا جيڪي سڃي شهر ۽ خاص طور ان گھر جو جائزو وٺن ٿا جتي ٻار پنهنجي ماء سان رهيل هجي ٿو. رات جو سندن حملي جو پروگرام هجي ٿو جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ خالد ۽ سندس دوست تيار هجن ٿا. اهي ملنگ اهو سمجھي ته ٻار پنهنجي کٽ تي ماء سان گڏ ستل آهي جڏهين ته انهن کي اڳ ئي ٻي جاء تي موڪليو وڃي ٿو ڪوبرا نانگ ان کٽ تي ڦٽو ڪن ٿا پر اهو ڪوبرا نانگ به مارجي وڃي ٿو ۽ هڪ ملنگ، جنهن اهو نانگ ڦٽو ڪيو هو، به خالد جي دوست جي سر مٿي ۾ لڳڻ جي ڪري ڦٽجي وڃي ٿو. اها ڳالھہ ٻار جي ماء جي پير ۽ ڪاري بلا جي وسوسن مان يقين کي ته ختم ڪري ڇڏي ٿي پر پوء به ان ڳالھہ کي عام نه ٿو ڪيو وڃي ته ماڻهو فوري طور پير جي حوالي سان ڪنهن منفي ڳالھہ کي قبول ڪرڻ لاء تيار ناهن.
ليکڪ ان ناول کي فطرت جي ٻن قوتن نيڪي ۽ بدي وچ ۾ جدوجهد جي طور پيش ڪيو آهي. خالد جا اتي ئي ڳوٺ جي هڪ ڇوڪري گلناري سان نيڻ اڙجي ٿا وڃن جيڪا ڳوٺ جي هڪ ٻئي ڇوڪري سان مڱيل هجي ٿي. ناول جي آخر ۾ خالد جو نيڪي جي قوت سان هڪ ڊگھو مڪالمو آهي جيڪا کيس ٻڌائي ٿي ته مذهب، عقيدا ۽ ٻيون اهڙيون شيون دنيا ۾ ماڻهو کي رڳو نقصان پهچائين ٿيون. تون نيڪي جو نمائندو آهين. عام ماڻهن جيان زندگي گذار پر هميشه نيڪي جو پاسو وٺ. گلناري کي پنهنجي زندگي گذارڻ ڏي. هو رڳو توکي نيڪ واٽ ڏانهن وٺي وڃڻ جو هڪ ذريعو هئي جنهن کي تون حاصل ڪري چڪو آهين.
اهو هڪ ڊگھو ناول آهي ۽ جيتوڻيڪ ڪٿي ماڻهو ٿوري بيزاري به محسوس ڪري ٿو پر مجموعي طور ڳوٺاڻي زندگي جي تفصيل ۽ ان کي چٽڻ جي حوالي سان اتساهيندڙ آهي.