مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڪارل مارڪس: هڪ تعارف

ڪارل مارڪس جهڙي جامع شخصيت ۽ سندس ڪم کي ڏسندي ان تي لکيل ڪوبه ڪتاب ۽ ڪو به تحقيقي ڪم هميشه اڻپورو ئي لڳندو آهي. خاص طور تي ان پڙهندڙ لاء جيڪو اڳ ۾ ئي سندس شخصيت ۽ ڪم جي مختلف پاسن کان ڪنهن حد تائين واقف هجي. سنڌي ٻولي ۾ جيتوڻيڪ مارڪس جي مختلف پاسن تي گھڻو ڪم نه ٿيو آهي پر گھڻن ماڻهن کي ٻين ٻولين جي لٽريچر وسيلي سندس متعلق جوڳي ڄاڻ آهي. مارڪس، اينگلز۽ لينن وغيره جهڙن انقلابي استادن جي خاص ڳالھہ اها هئي ته اهي رڳو ڪتابي ڪيڙا نه هئا پر سندن گھڻو ڪم عملي جدوجهد ۽ مختلف عوامي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ جي نتيجي ۾ تخليق ٿيو آهي. ڪميونسٽ ميني فيسٽو ۽ پيرس ڪميون وغيره تي لکيل ڪتاب ان جو واضح مثال آهن.
سنڌ ۾ نثر ۽ خاص طور تي فلسفي، تاريخ، معاشيات ۽ سماجيات جي موضوعن تي تنقيدي ۽ تحقيقي نقطه نظر کان لکڻ ۽ پڙهڻ جو لاڙو گھٽ رهيو آهي جيڪو نظرياتي سياسي ڪلچر جي پسمنظر ۾ وڃڻ کانپوء اڃا به گھٽجي ويو آهي. پر شايد اڃا به سڀڪجھ ختم ناهي ٿيو. ڪن ماڻهن لاء اهو اڃا به اهو هڪ آدرش، اتساه ۽ جيئڻ جو بهانو آهي.
اياز علي فيس بڪ تي اهو ٻڌائيندو رهندو آهي ته هو ڪهڙن موضوعن تي ڪم ڪري رهيو آهي. هڪ پاسي پاڪستان جي آئيني ۽ سياسي تاريخ سندس موضوع آهن ۽ هن ان حوالي سان گھڻو ڪجھ لکيو به آهي جڏهين ته ٻئي پاسي هن ڪارل مارڪس جي حياتي ۽ ڪم تي سنڌي ۾ هڪ اهم ڪتاب لکي ڇپرايو آهي.
سوويت يونين جي ختم ٿيڻ ۽ سوشلسٽ ڪئمپ جي وکرجڻ کان پوء ڪارل مارڪس ڄڻ هڪ وسريل شخصيت بڻجي ويو هو. فوڪوهاما جي تاريخ جي ختم ٿيڻ ۽ تهذيبن جي ٽڪراء جي نظرئي پيش ڪرڻ کان پوء گھڻن ماڻهن اهو سمجھيو ته مارڪس جو دور پڄاڻي تي پهچي ويو هو ۽ انهن مذهبي ڪتابن جيان سندس ڪتابن کي به رومال ۾ ويڙهي مٿي طاق تي رکي ڇڏيو. پر انهن ماڻهن اهو الائي ڇو نه ٿي سمجھيو ته مارڪس ته پاڻ سرمائيداري نظام جو مفڪر ۽ نظريه دان آهي. سندس اهم ترين ڪتاب داس ڪيپيٽال ان نظام جي ئي تاريخ ۽ ان جي مختلف پاسن جي سمجھاڻين تي ٻڌل آهي. ان ڪري جيسين اهو نظام دنيا ۾ موجود آهي ان جي مختلف لاهن چاڙهن کي سمجھڻ ۽ ان جي مونجھارن کي حل ڪرڻ لاء مارڪس جي رهنمائي جي ضرورت رهندي. ان جو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته 2008 ۾ جڏهين سرمائيدار دنيا هڪ نئين معاشي بحران ۾ وٺجي ويئي جنهن مان اها اڃا تائين پوري ريت نڪري نه سگھي آهي ته ان جي ماهرن ۽ معيشت دانن کي هڪ ڀيرو ٻيهر مارڪس جي ضرورت پيش آئي ۽ انهن سندس ڪتابن کي طاقن تان لاهي، ڇنڍي ڦوڪي وري ڇپرائڻ شروع ڪيو ۽ داس ڪيپيٽال هڪ ڀيرو ٻيهر ماڻهن جي ضرورت بڻجي ويو.
اياز علي جي اٽڪل ڏيڍ سو صفحن تي لکيل هن ڪتاب کي ڪارل مارڪس جو هڪ تعارف سمجھي سگھجي ٿو جنهن ۾ سندس شخصيت، لکڻين ۽ عملي جدوجهد جو هڪ تت پيش ڪيو ويو آهي. مارڪس جي زندگي هڪ عام ماڻهو جي زندگي هئي. ان زندگي ۾ هن تعليم به حاصل ڪئي، عشق به ڪيو، شادي به ڪئي، ٻار به پيدا ڪيا. فلسفي ۽ تاريخ جي شاگرد ۽ استاد هئڻ سان گڏوگڏ شاعري سندس شوق هوندو هو ۽ سٺو ادب پڙهڻ سندس ڪمزوري هوندي هئي. ٻارن سان ٻار ٿيڻ ۽ فارغ وقت ۾ انهن سان راند ڪرڻ سندس مشغلا هوندا هئا. سندس ڪمزور مالي حيثيت سندس علمي ۽ عملي ڪم جي لحاظ کان وڏي ڪمزوري هئي جنهن جي ڪري هو پاڻ، سندس زال ۽ ٻار زندگي جون ٻيون ضرورتون ته ٺهيو ڪڏهين ڪڏهين پوري ماني به نه کائي سگھندا هئا. سندس ٻه ٻار ان اڻهوند جي ڪري مناسب علاج ۽ خوراڪ نه ملڻ جي ڪري اجل جو شڪار ٿي ويا. ساڳي ريت هو پنهنجي زال جو علاج ڪرائڻ جي طاقت به نه پيو رکي. مارڪس جي لاء جيئن سمجھيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي ڪم ۽ تحقيق لاء پنهنجي خانداني ذميوارين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو درست ناهي. هن پنهنجي مالي پريشانين جي ڪري مختلف جاين تي نوڪري جي ڪوشش ڪئي ۽ جيئن هن ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ريلوي ۾ کيس ڪلارڪ جي نوڪري رڳو کيس سندس خراب لکت جي ڪري نه ملي سگھي هئي. هن يونيورسٽين وغيره ۾ هڪ پروفيسر جي حيثيت ۾ پڙهائڻ چاهيو ٿي پر سندس نظرين ۽ سياسي سرگرمين جي ڪري اهي کيس قبول ڪرڻ لاء تيار نه هئا. ساڳي ريت سندس زال جيني جو خاندان جرمني جي حڪمران خاندان سان لاڳاپيل هو. پر مارڪس جي نظرين جي ڪري اهي سندس ڪابه سهائتا ڪرڻ لاء تيار نه هئا. اهڙي ريت ائين نه هو ته مارڪس پئسو ڏوڪڙ ڪمائي يا حاصل ڪري نه ٿي سگھيو پر هو ان جي عيوض ان وڏي ڪم تان هٿ کڻڻ لاء تيار نه هو جنهن کي کيس سندس مرڻ جي سون سالن کان پوء تائين به جيئرو رکڻو هو. پنهنجن ٻارن کي بک ۽ علاج نه ملڻ جي صورت ۾ پنهنجي سامهون مرندي ڏسڻ ۽ پنهنجي زال جي بيماري ۽ بيوسي کي ڏسڻ جي قيمت جيتوڻيڪ وڏي هئي پر هن ماڻهو ۽ سندس زال ۽ ٻارن اها قيمت ڏيڻ قبول ڪئي ۽ ان ۾ خاص طور سندس زال ساڻس گڏ بيٺل هئي. سندس دوست اينگلز مالي ۽ ٻين حوالن سان سندس مدد ڪندو رهندو هو ۽ هن پاڻ گھڻن جاين تي ان ڳالھہ جو ذڪر ڪيو آهي ته جيڪڏهين اها مدد حاصل نه هجي ها ته هو گھڻو ڪم نه ڪري سگھي ها.
انهن مالي پريشانين ۽ سندس اهم ڪم داس ڪيپيٽال سندس پنهنجي صحت کي گھڻو متاثر ڪيو هو. کيس ان ڪم کي مڪمل ڪرڻ جو گھڻو اونو هوندو هو. جڏهين هن ان جو پهريون جلد مڪمل ڪيوته ڄڻ مٿانئس وڏو بار لهي ويو. جيتوڻيڪ ان جا ٻيا جلد مارڪس جي گذاري وڃڻ جي ڪري اينگلس کي مڪمل ڪرڻا پيا. پنهنجي زال ۽ وڏي ڌي جي وفات کان پوء جلد ئي مارڪس گذاري ويو. سندس وڌيڪ جيئڻ ۽ ڪم ڪرڻ متعلق ته گھڻو ڪجھ چئي سگھجي ٿو پر هن جيڪا به زندگي گذاري ۽ جيڪو به ڪم ڪري ويو اهو ايستائين گھڻن انقلابن جي رهنمائي ڪندو رهيو آهي ۽ ساڳي وقت دنيا جي علم ۾ ڄڻ هڪ خاصيتي واڌارو آهي.
ايازعلي جي اها ڪوشش ان لحاظ کان ساراهڻ جوڳي آهي ته اها مارڪس کي سنڌي پڙهندڙ سان متعارف ڪرائي ٿي. وڌيڪ مطالعي ۽ کوجنا لاء مختلف ڪتابن ۽ مضمونن جا حوالا ڏنل آهن جن مان مدد وٺي سگھجي ٿي. هن ڪتاب کي سنڌي جي سياسي ليٽريچر ۾ هڪ سٺو واڌارو ليکي سگھجي ٿو.