اسان کي انقلاب نه گھرجي
ايران جو انقلاب ملڪ ۾ سماجي ۽ سياسي لحاظ کان وڏي اٿل پٿل جو باعث بڻيو هو. ان اتان رڳو شاه، سندس خاندان ۽ ساٿين کي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور نه ڪيو هو پر ملڪ جي شاهوڪار طبقي جو هڪ وڏو تعداد پنهنجي حياتي ۽ ملڪيت بچائڻ لاء يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن لڏي ويو هو. انهن ماڻهن ۾ آمريڪي هفتيوار مئگزين ٽائم جي صحافي آزادي موئني جو خاندان به هو. ٽائم ۾ جڏهين مون سندس ايران جي حوالي سانLipstick Jihad جي عنوان هيٺ ڪجھ ڪالم پڙهيا هئا ته مون کي سندس لکڻيون ڪافي منفرد ۽ دلچسپ لڳيون هيون. سندس انداز سماجي تبديلين ۽ سياست کي گڏي پيش ڪرڻ آهي. انقلاب کان پوء ماڻهن نئين نظام سان پاڻ کي ڪيئن هم آهنگ ڪيو ۽ پوء حڪومت خلاف تحريڪ جي نتيجي ۾ سندن زندگي ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون سندس لکڻين جو خاص موضوع رهيو آهي. هن وقت ان ساڳئي عنوان هيٺ سندس ڪتاب آيو آهي جيڪو جيتوڻيڪ سندس ڪالمن جو مجموعو ناهي پر ان جو موضوع ۽ انداز ساڳيو ئي آهي. ان ڪتاب کي هڪ لحاظ کان انقلاب ۽ انقلاب کانپوء بدليل ايران جي حقيقتن ۾ پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ڪري ليکي سگھجي ٿو.
سندس ذهن ۾ هڪ ته اهو ايران هجي ٿو جڏهين هو ننڍي هوندي پنهنجن مائٽن سان گڏ اتان لڏي وڃي آمريڪا رهي ٿي ۽ هڪ اڌ ڀيرو ڪجھ وقت لاء اتي اچي ٿي ۽ ٻيو اهو جيڪو هو پنهنجن وڏن جي واتان ٻڌي ٿي. باغن، بلبلن، وڏن گھرن ۽ شاعري جو هڪ پراسرارملڪ جنهن جو تصور هو پنهنجي ذهن ۾ جوڙي ٿي. آمريڪا ۾ سندن سڃاڻپ ايران جي حوالي سان آهي ۽ هر Diaspora وانگرکين هميشه اها اميد رهي ٿي ته جلد ئي حالتون سڌري وينديون ۽ اهي پنهنجي وطن ڏانهن موٽي ويندا. اهڙي ريت هو ان ملڪ ۽ اتان جي ماڻهن کي پنهنجين اکين سان ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ چاهي ٿي. کيس اهو موقعو ان وقت ملي ٿو جڏهين هو قاهره ۾ ٽائم مئگزين پاران پنهنجي پيشه ورانا ڪم جي سلسلي ۾ رهيل هجي ٿي. ساڻس گڏ رهندڙ سندس هڪ ايراني دوست سندس ايران متعلق ان تجسس کي اڃا گھڻو وڌائي ڇڏي ٿي. ان دوران ۾ ئي ايران ۾ حڪومت خلاف شاگردن ۽ عام ماڻهن جا مظاهرا شروع ٿي وڃن ٿا ۽ ملڪ کان ٻاهر ويٺل ايراني ان مان فوري طور اهو تاثر وٺن ٿا ته اها هڪ نئين انقلاب جي شروعات آهي ۽ منجھن پنهنجي وطن موٽڻ جي هڪ نئين اميد ۽ جذبو جنم وٺي ٿو. ان ڪري جڏهين موئني کي مئگزين پاران ان صورتحال کي ڪور ڪرڻ لاء ايران وڃڻ لاء چيو وڃي ٿو ته هو ان ڳالھہ جي باوجود ته کيس سندس والدين ۽ ٻين مٽن مائٽن پاران اتي اڪيلي وڃڻ جي خطرن کان آگاه ڪندي اتي وڃڻ کان روڪيو وڃي ٿو هو اوڏنهن وڃڻ ۾ ڪا دير ئي نه ٿي ڪري ۽ ان ڳالھہ جي پرواه ڪرڻ کانسواء ته اتي سندس رهڻ وغيره جو بندوبست ڇا هوندو ۽ حڪومت جو ساڻس ڇا رويو هوندو فوري طور وڃڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿي.
هو جنهن ايران ۾ پهچي ٿي اهو ان کان بلڪل مختلف هجي ٿو جيڪو سندس ذهن ۾ موجود هو ۽ جنهن متعلق هن قصا ڪهاڻيون ٻڌي هڪ تصور جوڙيو هو. هو سياستدانن، شاگردن، تبديلي جي تحريڪ جي اڳواڻن، صحافين ۽ مختلف عام ماڻهن سان ملي ٿي ۽ اهو ڏسي ٿي ته انهن نين حالتن سان ڪيئن مطابقت پيدا ڪئي هئي ۽ انهن جي روين ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون هيون. هو اهو ڏسي ٿي ته ٻاهرين دنيا ۾ جيئن ايران کي سياسي طور تي ٻن گروهن، بنياد پرست ملن ۽ صدر خاتمي جي حامين، جيڪي مذهبي دائري ۾ رهندي نظام ۾ ڪي تبديليون آڻڻ چاهين ٿا، ۾ ورهايل ڏيکاريو وڃي ٿو ائين ناهي پر هتي هڪ ٽيون گروه يعني اهڙا ماڻهو به موجود آهن جيڪي مذهبي عالمن جي سياست ۾ مداخلت کي پسند نه ٿا ڪن ۽ مذهب کي سياست کان بلڪل ڌار رکڻ چاهين ٿا. انهن ماڻهن لاء ايران جو قومي مفاد سڀ کان اتم هوندو آهي ۽ ضروري ناهي ته سيڪيولرزم ۽ جمهوريت جي ڳالھه ڪرڻ جي ڪري اهي يورپ ۽ آمريڪا جا حامي هجن. هو ملڪ ۾ هڪ ڇڪتاڻ ۽ اڻ تڻ واري ڪيفيت محسوس ڪري ٿي. هڪ اصلاح پسند صدر ۽ پارليامينٽ هئڻ جي باوجود عدليا ۽ فوج تي بنياد پرستن جو قبضو هجي ٿو جيڪي تبديلي جي هر ڪوشش ۾ رڪاوٽون حائل ڪن ٿا ۽ سڀ کان وڏي ڳالھه ته ولايت فقيه جو ادارو موجود آهي جنهن تحت خوميني کان پوء خامنئي کي ڄڻ هڪ لحاظ کان رياست جي سڀني معاملن تي ويٽو پاور حاصل آهي ۽ تبديلي جي ڪا به ڪوشش سندس منظوري کانسواء ڪامياب نه ٿي ٿي سگھي. اصلاح پسندن جون گرفتاريون ۽ انهن کي هيسائڻ لاء مختلف طريقن جو استعمال ۽ مخالف اخبارن تي بندش عام طريقا آهن.
ليکڪا اصلاح پسندن جي انهن ڏکيائين ۽ رڪاوٽن جو ذڪر ته ڪري ٿي پر ساڳي وقت اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته اهي پاڻ تبديلي جي حوالي سان ماڻهن کان وڌيڪ مذهبي اسٽيبلشمنٽ جي ويجھو هئا. منجھانئن گھڻا ماضي ۾ انهن جي بنياد پرست پاليسين جو حصو رهي چڪا هئا. هو اصغر زادي نالي هڪ اهڙي اصلاح پسند اڳواڻ سان پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪري ٿي جيڪو آمريڪي سفارتخاني تي قبضي ۽ سفارتڪارن کي يرغمال ڪرڻ وارن ۾ شامل هو. اهي پنهنجي سياست جي حوالي سان مذهب جي دائري مان نڪرڻ لاء تيار نه هئا. سندن مقصد ايران ۾ هڪ مذهبي جمهوريت قائم ڪرڻ هو. انهن هڪ لحاظ کان اهو سمجھيو ٿي ته تبديلي جي خواهش رکندڙ ماڻهن لاء سندن ساٿ ڏيڻ کانسواء ٻي ڪا واٽ نه هئي. ان جي باوجود ته اصلاح پسندن جي ڪري ايران جي سماج ۽ ماڻهن جي روزمره جي زندگي ۾ گھڻيون تبديليون واقع ٿيون هيون پر ماڻهو سياسي سطح تي جنهن اظهار جي آزادي ۽ سيڪيولر جمهوريت جا خواهش مند هئا اها کانئن گھڻو پري هئي ۽ اها ڳالھه اصلاح پسند صدر ۽ ان جي ساٿين جي ايجنڊا جو حصو به نه هئي. ماڻهو سندن ان روئي ۽ پاليسين جي ڪري کانئن مطمئن نه هئا. ان ڳالھه کي صدر خاتمي، جيڪو لباس وغيره جي لحاظ کان هڪ نفيس طبيعت جو مالڪ، ٽي ٻوليون ڳالھائيندڙ ۽ اولھه جي فلاسافرن کان واقف شخص هو، چڱي ريت سمجھندو هو. ان ڪري کيس سندس ويجھن ماڻهن پاران اها صلاح ڏني ويئي هئي ته هو ٻيهر 2001 جي صدارتي چونڊن ۾ حصو نه وٺي. پر هن صدارتي چونڊ لاء پنهنجو فارم داخل ڪري ڇڏيو. ايران ۾ انقلاب کانپوء ٿيندڙ چونڊن کي پنهنجين سڀني حدبندين ۽ بندشن جي باوجود وچ اوڀر جي ملڪن ۾ ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان بهتر ليکي سگھجي ٿو جتي ماڻهو جي ووٽ جو قدر ۽ فيصلي ۾ انهن جو حصو رهيو آهي. چونڊن جي ان مهم جو ذڪر ڪندي ليکڪا خرم شهر، جتي هو خاتمي سان گڏ هئي، ۾ صدر جي بيوسي جو ذڪر ڪري ٿي جڏهين ماڻهن سان خطاب ڪندي سندس اکين مان ڳوڙها زاروقطار وهي رهيا هئا ۽ هو پنهنجي بيوسي جو اظهار ڪري رهيو هو ۽ ساڻس گڏ ليکڪا سميت جيڪي ماڻهو موجود هئا سڀني جا ڳوڙها وهي رهيا هئا.
ان سڄي سياسي بيچيني ۽ خاص طور تي نوجوانن ۽ شاگردن ۾ تبديلي جي خواهش جي باوجود ليکڪا هڪ نهايت اهم لاڙي جو ذڪر ڪري ٿي. سندس چوڻ آهي ته جلاوطن ايرانين لاء ته هڪ ٻيو انقلاب جيڪو ملڪ مان ملن جي راڄ کي ختم ڪري ۽ هڪ سيڪيولر جمهوريت جو باعث بڻجي ئي مسئلي جو حل آهي پر هن جڏهين ان تحريڪ جي مهڙ ۾ هلندڙ شاگردن ۽ ٻين ماڻهن سان ملاقات ڪئي ته انهن اها عجيب ڳالھہ ڪئي ته کين هڪ ٻيو انقلاب نه گھرجي. هو چاهين ٿا ته ملڪ ۾ ترقي جو عمل هلي ۽ ان نظام ۾ ئي تبديلين وسيلي هو پنهنجا حق حاصل ڪن. هو پاڻ ان مان اهو نتيجو ڪڍي ٿي ته اهڙي ريت ته ملڪ ۾ ملن جو راڄ هميشه قائم رهندو ۽ ان ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه اچي سگھندي. اهو سوال پنهنجي جاء تي گھڻي اهميت رکي ٿو.