مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڪوٽ لکپت جو قيدي

سنڌ جي سياست ۽ ادب ۾ رسول بخش پليجو هڪ اهم نالو آهي. سياسي لکڻين سان گڏو گڏ هن ڪهاڻي، شاعري ۽ ادبي تنقيد تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪوٽ لکپت جو قيدي سندس ان وقت جي جيل ڊائري آهي جڏهين ضياء الحق جي دور ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو هو. ان کان اڳ هن 1968 ۾ ڪجھ عرصو جيل ۾ گذاريو هو.
ان دوران هن هڪ مختصر عرصو خيرپور ۽ حيدرآباد جيل ۾ گذاريو جنهن جو ڪوخاص ذڪر ڊائري ۾ نه ٿو ملي. گھڻو وقت هن لاهور جي ويجھو ڪوٽ لکپت جيل ۾ گذاريو هو جيڪو ملڪ جي سخت ترين جيلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ۽ جتي ذوالفقار علي ڀٽو کي به قيد رکيو ويو هو. ان ڊائري لکڻ وقت ليکڪ هڪ ته پنهنجي صحت جي لحاظ کان ٺيڪ نه هو ۽ ٻيو ذهني لحاظ کان وکريل هو. سندس چوڻ موجب هن گھڻي وقت کان ڪجھ لکيو نه هو ۽ ڪا شي لکڻ تي سندس دل به نه پئي چاهي. هن پاڻ کي ذهني طور ان ڳالھہ لاء تيار ڪيو ته لکڻ جو ڪم شروع ڪجي پوء ڀلي اهو ڪيئن به هجي.
اهڙي ريت ڊائري لکڻ جو اهو ڪم شروع ٿئي ٿو. ان جي شروعات ۾ ڇڙوڇڙ خيال آهن. هڪ موضوع شروع ٿئي ٿو ته فوري طور ٻئي جملي ۾ ئي ٻيو موضوع شروع ٿي وڃي ٿو. اهڙي ريت ان ۾ فلم، موسيقي، ٽي وي ۽ ريڊيو جا پروگرام ۽ خبرون، عالمي ۽ ملڪي صورتحال تي تبصرا، خاندان ۽ پارٽي جي مختلف فردن جو ذڪر اچي ٿو. هڪ لحاظ کان ڄڻ اهو شعور جو وهڪرو آهي. ساڳي ريت ان سان ليکڪ جي شخصيت جا مختلف پاسا پڻ سامهون اچن ٿا.
اياز متعلق هن ڪجھ تفصيل سان لکيو آهي. سندس چوڻ آهي ته اياز کي دنيا سان هن متعارف ڪرايو هو. 1952-53 ۾ جڏهين هو اخبار نوائي سنڌ ۾ سب ايڊيٽر هو ته هن اياز جي فن ۽ فڪر تي هڪ تفصيلي مضمون لکيو هو. ان اخبار جي ايڊيٽر غفور سيتائي کيس چيو ته هي ڪهڙي وات ڳاڙهي شڪارپوري تي مضمون لکيو اٿئي. پر هو پنهنجي موقف تي قائم رهيو. ساڳي ريت نئين زندگي جو ايڊيٽر عبدالواحد سنڌي عرف زورآور ۽ رسالي سان لاڳاپيل شمشيرالحيدري کيس رسالي لاء مضمون لکڻ لاء اصرار ڪندا رهندا هئا. هن کين اياز جي شاعري تي هڪ مضمون لکي ڏنو پر ايڊيٽر ان کي ڇپڻ کان انڪار ڪندي مضمون واپس ڪري ڇڏيو. ساڳي ريت اياز جي بچاء ۾ رجعت پسندن کي جواب ڏيندي هن ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ لکيو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته وچولي طبقي جي پس منظر ۽ شيخ ڪيمونٽي سان واسطو هئڻ ڪري ايازجو پنهنجي مفاد ۽ ذاتي فائدي ڏانهن گھڻو لاڙو هو. ان ڪري کيس هڪ انقلابي ته نه ٿو چئي سگھجي پر ان ڳالھہ ۾ به ڪو شڪ ناهي ته اياز هڪ وڏو شاعر آهي ۽ سندس شاعري کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. هو پنهنجن جيل جي دوستن سان بحث ڪندي اياز کي فيض ۽ اڙدو جي ٻين شاعرن کان وڏو شاعر ڪري پيش ڪري ٿو.
جيل ۾ هو ادبي تنقيد جي هڪ ٻئي ڪتاب سندي ذات هنجن تي به ڪم ڪندو رهي ٿو جنهن جي مڪمل ٿيڻ ۾ طبيعت جي خرابي ڪري گھڻو وقت لڳي وڃي ٿو. سندس چوڻ هو ته هو لطيف جي فن ۽ فڪر تي به ڪتاب لکڻ چاهي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هن مختلف ڪتاب گڏ ڪرڻ پڻ شروع ڪيا هئا. مون کي خبر ناهي ته اهو ڪتاب هن مڪمل ڪيو يا جيڪڏهين مڪمل ڪيو ته اهو شائع ٿي سگھيو يا نه. سندس ويجھا ماڻهو ان سلسلي ۾ ڪجھ ٻڌائي سگھن ٿا. ليکڪ ڪنهن مصلحت تحت پنهنجي جيل جي ڪجھ ساٿين کي بجائي سندن مڪمل نالن جي م ۽ ش وغيره جي نالن سان لکيو آهي. جڏهين ليکڪ م، جيڪو پيپلز پارٽي پنجاب جو هڪ اهم اڳواڻ هو، سان بابا فريد جي شاعري متعلق ڳالھائي ٿو ته م جو اهو خيال هجي ٿو ته بابا فريد بهاولپور جي نوابن جو ماڻهو هو. پر ليکڪ کيس ان ڳالھہ تي قائل ڪري ٿو ته اهڙي ڳالھہ ناهي ۽ هو واقعي هڪ وڏو شاعر هو ۽ سندس اثر ننڍي کنڊ جي مختلف شاعرن ۽ بزرگن تي آهي. سندس ٻين ٻولين ۽ خاص طور پاڪستان جي ٻولين ڏانهن رويو نهايت مثبت آهي. سندس سرائيڪي تي ته چڱي گرفت آهي ۽ ساڳي وقت هو پشتو پڻ سکڻ شروع ڪري ٿو. بلوچي کي هو پنهنجي لاء هڪ ڏکي ٻولي سمجھي ٿو. سندس خيال آهي ته اڙدو تي وڌيڪ زور ڏيڻ ۽ ان کي ملڪي سطح تي رائج ڪرڻ جي ڪري پاڪستان جي ٻولين جي ترقي ۽ ترويج تي منفي اثر پيو آهي.
ان وقت هڪ پاسي ملڪ ۾ ضياء جي مارشل لاء خلاف مختلف سياسي جماعتون ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تي گڏ هيون ته ٻئي پاسي فاڪلينڊ جي مسئلي تي برطانيا ۽ ارجنٽائن ۾ جنگ هلندڙ هئي ۽ لبنان ۾ اسرائيل فلسطينين خلاف ڪاروائي ڪري رهيو هو. ليکڪ اخبارن،ِ ريڊيو ۽ ٽي وي وسيلي انهن سڀني معاملن کان باخبر هو. ان وقت غوث بخش بزنجو ان ڪري ايم آر ڊي ۾ شامل نه پئي ٿيو جو سندس اها گھر هئي ته ايم آر ڊي پنهنجي منشور ۾ صوبائي خودمختياري متعلق وڌيڪ واضح موقف رکي جڏهين ته پليجو جو خيال هو ته اهو سندس اجايو ضد هو. ان وقت مسئلو ضياء جي آمريت مان جان ڇڏائڻ جو هو ۽ ان نڪتي کي اهميت ڏيئي کيس ان اتحاد جو حصو ٿيڻ گھرجي ها. ساڳي وقت فاڪلينڊ جي مسئلي تي سندس همدرديون ارجنٽائن سان گڏ هيون ۽ سندس چوڻ هو ته ان جنگ کانپوء لاطيني آمريڪا ساڳيو نه رهندو. ساڳي ريت لبنان جي حوالي سان سندس خيال هو ته هڪ پاسي اسرائيل فلسطيني مزاحمت کي لبنان ڇڏڻ تي مجبور ڪري رهيو هو ته ٻئي پاسي عرب ملڪن جا بادشاه ۽ آمر تماشو ڏسي رهيا هئا ۽ هڪ لحاظ کان ڄڻ اسرائيل جي خاموش مدد ڪري رهيا هئا.
ليکڪ اهو خيال ڏيکاريو آهي ته آمريت خلاف جدوجهد ۾ ان وقت پنجاب اڳتي هو ۽ اتان جا جيل سياسي قيدين سان ڀريل هئا. هوساڳي جيل ۾ قيد هڪ سياسي قيدي رزاق جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو هڪ موچي جو پٽ هو ۽ جنهن کي ڦاهي اچڻي هئي. هو سڄي جيل ۾ پنهنجي همت ۽ بهادري ڪري ڄاتو ويو ٿي. سندس لاء چيو ويو ٿي ته هن شاهي قلعي ۾ پڇا ڳاڇا دوران پڇا ڪندڙ آفيسر جي منهن ۾ کانگھارو هڻي ڪڍيو هو. جيل ۾ گھڻا اهڙا قيدي هئا جيڪي هائيجيڪنگ ۽ ٻين سياسي ڪيسن ۾ گرفتار ٿيا هئا. انهن مان گھڻن جو واسطو آسودن گھراڻن سان هو ۽ ڪي عورتون ۽ مڙد بينڪ آفيسر ۽ سرڪاري ڪامورا پڻ هئا. هو اهو خيال ڏيکاري ٿو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي جو وچولو طبقو مفاد پرست ۽ عوامي سياست کان پري هو پر پنجاب جي وچولي طبقي جو گھٽ ۾ گھٽ ڏه سيڪڙو اهڙو هو جيڪو قرباني ڏيڻ لاء تيار هو جڏهين ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو نه هئڻ برابر هئا.
جيتوڻيڪ هن ڊائري ۾ واضح طور ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن جو نالو نه ورتو آهي پر هن جيڪي اشارا ڪنايا ڏنا آهن ان مان لڳي ٿو ته هو انهن جو ئي ذڪر ڪري رهيو آهي. حالانڪه ڏٺو وڃي ته جيل ۾ اچڻ کان اڳ جيڪي سندس مختلف مضمونن جا ڪتاب جهڙو صبوح ٿيندو ۽ ڌراڙن جا ڌڪ وغيره ڇپيا آهن ان ۾ هن باقاعدي نقوي، نازشي سازشي ٽولي جي نالي سان انهن جو ذڪر ڪيو آهي. هتي هو انهن لاء ڊينڊڙا جو لفظ استعمال ڪري ٿو جيڪو عام طور سنڌي قوم پرست تحقير طور ڪيممونسٽ پارٽي جي ڪارڪنن ۽ انهن جي حامين لاء استعمال ڪندا آهن پر اهو لفظ ان سطح جي سياستدان ۽ ليکڪ کي سونهي نه ٿو. جڏهين سنڌي ۾ ووٽر لسٽن جي سنڌي ۾ ڇپرائڻ ۽ ون يونٽ جي مسئلي تي هو پاڻ ٻين ڪارڪنن سان گرفتار ٿيو هو ۽ ٿوري وقت کانپوء ڄام ساقي به انهن ساڳين الزامن هيٺ گرفتار ٿي جيل پهتو هو ته هو ان تي تبصرو ڪندي چئي ٿو ته انهن ماڻهن جو ان جدوجهد ۾ ڪو حصو نه هو پر اهي آڱر وڍائي شهيدن ۾ شامل ٿي ويا هئا ۽ اسان جهڙا ٿي ويا هئا.
ان وقت ڪميونسٽ پارٽي نعپ سان گڏجي ڪم ڪري رهي هئي ۽ پليجو پاڻ نعپ حيدرآباد جو صدر هو. هو لکي ٿو ته ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ نعپ جي محمود الحق عثماني کي خاص ان ڪري حيدرآباد وٺي آيا هئا ته جيئن شاگردن جي 4 مارچ واري جدوجهد ۾ سندن مهاجر ڪمشنر مسرور جي حمايت ۽ پٺڀرائي ڪري سگھجي. هو نعپ جي حيدرآباد ۾ ٿيل هڪ ڪنونشن جو ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ کيس تقرير ڪرڻ نه ٿي ڏني ويئي پر هن زوري اچي تقرير ڪئي ۽ ون يونٽ جي خلاف ٺهراء منظور ڪرايو جڏهين ته نعپ جا اڳواڻ، سندس چوڻ موجب، ون يونٽ جي مخالفت ڪرڻ لاء تيار نه هئا.
سندس ٻين لکڻين وانگر هتي به هو ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن سان ڪن واضح نظرياتي ۽ سياسي اختلافن، جنهن جي ڪري کيس ڌار ٿي ٻي سياسي جماعت ٺاهڻي پئي، جو ذڪر نه ٿو ڪري. سندس سڄو زور پارٽي جي اڳواڻن جي مهاجرهئڻ ۽ سندن پاران پارٽي کي پنهنجي مرضي ۽ مفادن مطابق هلائڻ تي آهي جڏهين ته ڪجھ سنڌين خاص طور ڄام ساقي ۽ مير ٿيٻو وغيره سندن دهلاري ٿي پئي ڪم ڪيو. بجائي ان جي جيڪڏهين پليجو پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن سان پنهنجن نظرياتي ۽ سياسي اختلافن کي سنجيدگي سان رکي ها ته سنڌ جا سياسي ڪارڪن ان مان لاڀ حاصل ڪري سگھن ها.
هن پنهنجن ٻارن، ماء ۽ ٻين گھر وارن جو ذڪر ڪيو آهي. ان مان سندس انهن سان پيار، محبت ۽ هڪ جذباتي وابستگي جو اندازو ٿئي ٿو.