مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڪجھ ايران متعلق

آزادي موهاني هڪ ايراني آمريڪي صحافي آهي. ان جي ماء پي گھڻو عرصو آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ گذاريو هو ۽ 1979 جي انقلاب کانپوء انهن ملڪ ۾ سندن لاء حالتن جي ناسازگار هئڻ ڪري آمريڪا ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. پاڻ اتي ئي ڄائي نپني ۽ تعليم حاصل ڪيائين. هو لاس اينجلس ٽائمز ۽ ٽائم مئگزين سان لاڳاپيل رهي آهي. ايران سندس خاص موضوع رهيو آهي. سندس پهريون ڪتابLipstick Jihad: A Memoir of Growing up Iranian in America and American in Iran ۽ ٻيون ڪتابHoneymoon in Tehran: Two years of Love and Danger in Iran آهي. اهي ٻيئي ڪتاب ايران ۾ اسلامي حڪومت جي دور ۾ جيڪي ڪجھ هن ڏٺو ۽ سندس ٻه ڀيرا اتي اچڻ دوران جيڪي تبديليون آيون ٰ۽ ماڻهن خاص طور نوجوانن ان کي ڪهڙي ريت منهن ڏنو، ان متعلق آهن.
هن کي وچ اوڀر جي ملڪن جي رپورٽنگ ڪرڻ لاء ٽائم مئگزين پاران بيروت ۾ مقرر ڪيو ويو هو. 2005 ۾ ايران ۾ صدارتي چونڊن ٿيڻ وقت کيس اهو اسائنمنٽ ڏنو ويو ته هو اهو ڏسي ته ايران جا نوجوان ملڪ جي معاملن متعلق ڇا سوچين ٿا ۽ چونڊن ۾ انهن جو رويو ڇا هوندو. ان دوران صدر خاتمي هڪ سڌارن آڻڻ واري صدر طور ٻه ٽرم پورا ڪري چڪو هو. مهرآباد ايئرپورٽ تي لهڻ سان عملي جي ورتاء مان کيس لڳي ٿو ته صدر خاتمي جي دور ۾ ملڪ ۾ ڪجھ تبديلي واقع ٿي آهي.
ايران ۾ جيتوڻيڪ پرڏيهي صحافين جي ڪم کي ڏسڻ لاء پرڏيهي اطلاعات جو کاتو آهي پر اينٽيليجينس جي وزارت پاران خاص طور پرڏيهي صحافين ۽ سندن رپورٽنگ تي نظر رکي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ ليکڪا سان جيڪو شخص لاڳاپي ۾ هو ان جو نالو وٺڻ جي بجائي هن ان کي مسٽر ايڪس جو نالو ڏنو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته هن کيس سندس سڃاڻپ کي ظاهر ڪرڻ ۽ سندن ملاقاتن کي عام ڪرڻ کان منع ڪئي هئي. ان جي باوجود هن نالي وٺڻ کانسواء پنهنجن ٻنهي ڪتابن ۾ ان جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. کيس ايران اچڻ سان ئي پهرين ان کي اطلاع ڏيڻي ۽ ملاقات ڪرڻي پوندي هئي. هو اها ۽ ان کانپوء ٿيندڙ ملاقاتون اهڙين جاين تي رکندو هو جيڪي ويران هجن ۽ جتي ماڻهن جي گھڻي اچ وڃ نه هجي ته جيڪڏهين اتي ساڻس ڪجھ ٿئي به ته ان جي ڪنهن کي خبر نه پئي. کيس ان سان وقت بوقت ملاقات ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجين لکڻين متعلق مطلع ڪرڻ پوندو هو.
ليکڪا جو واسطو مٿئين وچولي طبقي سان آهي ۽ سندس واسطو به گھڻو ڪري ان ئي طبقي جي ماڻهن سان رهي ٿو. هو پاڻ ان ڳالھہ کي محسوس به ڪري ٿي ته اهو طبقو ايران جي آبادي جو هڪ ننڍڙو حصو آهي ۽ سڄي ملڪ جي سياسي ۽ سماجي زندگي جي نمائندگي نه ٿو ڪري. ان ڪري هو هڪ پاسي مذهب ڏانهن لاڙو رکندڙ ماڻهن ۽ عالمن سان له وچڙه ۾ اچي ٿي ۽ ڳالھه ٻولھه ڪري ٿي ته ٻئي پاسي هيٺئين طبقي جي ماڻهن جهڙوڪ ٽئڪسي ڊرائيورن ۽ هوٽل جي بيرن سان پڻ ڳالھه ٻولھه ڪري مختلف مسئلن تي سندن رايا معلوم ڪري ٿي. ڏٺو وڃي ته هن ڪتاب ۾ ايران جي مختلف طبقن جي سماجي ۽ سياسي زندگي، ،سندن روين ۽ مسئلن کي تفصيل سان چٽيو ويو آهي.
آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ مختلف ملڪن جي Diaspora جو پنهنجي اصلوڪي ملڪ متعلق هڪ طئي ٿيل موقف ۽ ذهنيت هوندي آهي جيڪا سندن ملڪ ڇڏڻ وقت هئي. جيئن آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيوبا جي مهاجرن جي شروع کان اها خواهش رهي ته آمريڪا ڪيوبا تي حملو ڪري ڪاسترو جي حڪومت کي ختم ڪري ۽ آمريڪا پنهنجن مفادن کي نظر ۾ رکندي سندن سهائتا سان اهڙي ڪوشش به ڪئي پر کيس ان ۾ ڪاميابي نه ٿي. ساڳي ريت ليکڪا جو چوڻ آهي ته 1960 ۽ 1970 جي ڏهاڪن ۾ جن ايرانين آمريڪا ۾ وڃي مستقل رهائش اختيار ڪئي انهن جو به خاص طور 1979 ۾ انقلاب کانپوء ايران جي حوالي سان هڪ خاص موقف آهي. اهي حالتن کان ائين واقف ناهن جيئن ايران ۾ رهندڙ ماڻهو آهي. سندن ذهن ۾ اها ڳالھہ آهي ته ايران ۾ هڪ مذهبي انتها پسند حڪومت آهي جنهن ملڪ ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو هڪ نظام قائم ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي لاء ڪنهن اختلاف وغيره رکڻ جي گنجائش ناهي. نوجوانن جي حڪومت مخالف مظاهرن مان انهن اهو نتيجو ڪڍيو ته آمريڪا جيڪڏهين حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء ايران تي حملو ڪندو ته ايران جا ماڻهو گل کڻي سندن آڌرڀاء ڪندا. آمريڪي حڪومت کي جيئن عراق تي حملي وقت عراق جي ماڻهن متعلق اها غلط فهمي هئي تيئن انهن ايران متعلق به ائين ئي سمجھيو ٿي. پر ليکڪا ان ڳالھہ کي رد ڪندي چئي ٿي ته ايران جي ماڻهن جا حڪومت سان ڀلي ڪهڙا به اختلاف هجن پر اهي قوم پرست ۽ محب وطن آهن ۽ ايران تي ڪنهن به ٻاهرين ڪاه ۽ قبضي کي برداشت نه ڪندا. هو لکي ٿي ته ايران اچڻ کان اڳ سندس به ذري گھٽ ساڳيا ئي خيال هئا پر جڏهين هن پاڻ سرزمين تي اچي صورتحال کي ڏٺو ته معاملو بلڪل مختلف هو. هن جڏهين پنهنجي ٽائم مئگزين جي رپورٽن ۾ اها ڳالھہ لکي ته ايران ۾ مذهبي حڪومت هوندي به نظر ايندڙ ۽ نظر نه ايندڙ تبديلين جو هڪ عمل جاري آهي ته گھڻن آمريڪا ۾ رهندڙ ايرانين کيس نندڻ شروع ڪيو ۽ ايستائين ته ڪن سندس مائٽن کي به شڪايت ڪئي ته هو اهو ڇا پئي لکي. اها ساڳي ڳالھہ 2013 ۾ سعودي عرب ۽ دبئي ۾ ڪجھ وقت رهڻ دوران مون به سنڌي Diaspora متعلق محسوس ڪئي هئي ۽ ان کي لکت ۾ به آندو هو. ايران ۾ جيتوڻيڪ مختلف معاملن متعلق سخت قانون موجود آهن پر حڪومت پاران انهن مان گھڻن تي سختي سان عمل نه ٿو ڪيو وڃي ۽ ماڻهو ائين هلن ٿا ڄڻ ته اهي قانون موجود ناهن. مقصد اهو آهي ته حڪومت تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر جيڪو سياسي دٻاء موجود آهي ان کي ختم يا گھٽ ڪيو وڃي.
ڪجھ عرصو اڳ ئي ايران نوجوانن جي بيچيني جي اظهار ۽ مظاهرن مان گذريو هو. پر ليکڪا جڏهين پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي ۽ مختلف نوجوانن کان انٽرويو ڪرڻ شروع ڪيا ته کيس خبر پيئي ته گھڻا اهڙا سرگرم نوجوان جن احتجاجن ۽ مظاهرن ۾ حصو ورتو هو اهي هاڻي يا ته سياست کان لاتعلق ٿي ويا هئا يا ساڄي پاسي هليا ويا هئا. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته خاتمي مان کين جيڪي توقعات هيون اهي پوريون نه ٿي سگھيون هيون. منجھانئن ۡگهڻن جو چوڻ هو ته اهي ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ ووٽ نه ڏيندا جڏهين ته ڪجھ ڄڻن رفسنجاني جي حمايت ٿي ڪئي. بيروزگاري ۽ ماحول ۾ گھٽ ۽ ٻوسٽ جي ڪري نوجوانن جو لاڙو سياست کان وڌيڪ پنهنجي ڪيريئر کي ٺاهڻ ۽ يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ڏانهن لڏڻ هو. ڌار گھر وٺڻ، زال ۽ ٻارن کي نه سنڀالي سگھڻ جي ڪري نوجوانن ۾ شادي جي سراسري عمر اٽڪل ٽيه سال ٿي ويئي هئي. گھڻا اڪيلا نوجوان پنهنجي جنسي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاء گڏجي فليٽ وغيره وٺندا هئا ۽ حڪومت پاران به ان کي نظر اندازڪيو ويندو هو. اهو سڀڪجھ ان جي باوجود هو ته حڪومت پاران نوجوانن کي شادي لاء رعائتي قرض وغيره ڏيڻ جي اسڪيم پڻ شروع ڪئي ويئي هئي.
ايندڙ مضمونن ۾ ڪتاب ۾ زير بحث آيل مختلف ٻين موضوعن تي پڻ روشني وڌي ويندي.