جلاوطني جا ڏک
ان سلسلي ۾ خاص طور سرحد جي هن پار مختلف زاوين کان گھڻو ڪجھ لکجي رهيو آهي. ننديتا ڀاوناني جو تازو ڪتابThe Making of Exile-Sindhi Hindus and Partition of India اهڙو ئي هڪ اهم ڪتاب آهي جنهن کي لکڻ لاء هن ويزا جي سختين ۽ پابندين جي باوجود ٻه ٽي ڀيرا سنڌ اچي هتان جي مختلف ماڻهن سان ملاقات ڪئي. هن پنهنجي تحقيق ۾ مختلف ذريعن کي ڪم آندو آهي جن ۾ سرحد جي ٻنهي پاسن جي ورهاڱي جي مختلف ڪردارن سان انٽروين کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي .
ورهاڱي کان اڳ خاص طور تي منزل گاه واري تنازعي جي نتيجي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن سنڌ جي هندو ۽ مسلم آبادي ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال کي جنم ڏنو هو. ٿورائي ۾ هئڻ ڪري هندن ۾ هڪ غير يقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي هئي جنهن جي ڪري منجھن آر ايس ايس ۽ ٻين هندو انتها پسند جماعتن جو زور وڌي ويو هو. ڪانگريس پاران ورهاڱي جي حمايت ۽ سندس پاران سنڌ کي پاڪستان جي حصي طور مڃڻ ڪري به هندن ۾ سندس حمايت کي ڌڪ لڳو جنهن جو فائدو پڻ انتها پسند جماعتن کي ٿيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ وڏي پئماني تي ڪي فساد شروع نه ٿيا هئا پر مختلف علائقن ۾ ڦورن، چورن ۽ ڌاڙيلن پاران صورتحال جو فائدو وٺندي هندن جي گھرن ۽ ملڪيتن تي حملا ۽ لڏيندڙن جي ريل گاڏين مان ڦرمار جا واقعا ٿيڻ لڳا هئا.
ان صورتحال کي ڏسندي گھڻا هندو ٻڏ تر جو شڪار هئا ته آيا سنڌ مان لڏڻ به گھرجي يا نه. ان سلسلي ۾ اها ڳالھه اهم هئي ته سنڌ پنهنجي ڌار سڃاڻپ ۽ ڪلچر وغيره جي باوجود به ننڍي کنڊ ۽ ان جي سياست جو هڪ اڻ ٽٽ حصو هو ۽ اتي جيڪي ڪجھ ٿي رهيو هو ان کان ڌار رهڻ ان جي لاء اٽڪل ناممڪن هو. جيتوڻيڪ مختلف اڳواڻن پاران مختلف علائقن لا۽ انگريزن کي مختلف رٿائون پيش ڪيون ويون پر انهن ننڍي کنڊ کي هڪ ايڪي طور ورتو ٿي جنهن کي انهن کي مسلم ۽ غيرمسلم گھڻائي وارن علائقن جي بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهائڻو هو. ورهاڱي جي وڏي ٽريجڊي اها هئي ته ماڻهن پنهنجي ليکي پر بجا طورتي اهو سمجھي ورتو هو ته پاڪستان مسلمانن ۽ ڀارت هندن لاء مخصوص آهن. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته هندوستان مان آيل پناهگيرن هندن ۽ سکن کي نئين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ نشانو بڻايو جڏهين ته پاڪستان مان لڏيندڙ سکن ۽ هندن ڀارت جي مسلمانن کي پنهنجي ڪاوڙ جو نشانو بڻايو. ليکڪا جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ جيڪي فساد ٿيا انهن ۾ وڏو هٿ لڏي آيل پناهگيرن جو هو جن پنهنجي ڪاوڙ اتي رهندڙ مخالف مذهب جي ماڻهن تي تشدد ڪري ڪڍي. پران سلسلي ۾ ڪاوڙ کان وڌيڪ هڪٻئي جي ملڪيتن ۽ گھرن تي قبضي کي فسادن جو هڪ اهم مادي ڪارڻ ڄاڻايو وڃي ٿو. ڪراچي، دلي ۽ لاهور وغيره جي آبادي ڏسندي ڏسندي رات وچ ۾ ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي ٿي ويئي جڏهين ته انهن شهرن ۾ نه ايتري گنجائش هئي ۽ نه ئي گھرن جو ايترو تعداد هو جيڪو ان سڄي واڌ کي کپائي سگھي ها. لڏي ايندڙن کي ان جو هڪ ئي حل نظر آيو ٿي ته مخالف مذهب جي ماڻهن کي تشدد ۽ ٻين طريقن سان تڙي سندن گھرن تي قبضا ڪيا وڃن. ڀارت مان آيل مسلمانن اهو ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي هندن سان ڪيو جڏهين ته پنجاب مان لڏيندڙ سکن ۽ هندن اهو سڀڪجھ دلي جي مسلمانن سان ڪيو ۽ سنڌ مان لڏيندڙ سنڌي هندن گجرات ۽ راجستان جي مسلمانن کي سندن گھرن مان تڙي ڪڍيو. ان سڄي لڏپلاڻ جو نتيجو اهو نڪتو ته پاڪستان ته اٽڪل غير مسلم آبادي، جنهن ۾ هندن کانسواء گھڻا عيسائي، پارسي ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو جيڪي پڻ نئين صورتحال جي ڪري هڪ غير يقيني جو شڪار ٿي ويا هئا، کان خالي ٿي ويو جڏهين ته ڀارت ۾ مسلمانن جو هڪ وڏو تعداد پوئتي رهجي ويو. اهڙي ريت ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ٻنهي جو مخالف ملڪ ۾ رهندڙ پنهنجن هم مذهبن جي حفاظت لاء پنهنجي ملڪ ۾ مذهبي ٿوراين کي يرغمال ڪري رکڻ وارو نظريو ڪارائتو نه رهيو.
ورهاڱي کان اڳ سنڌ جا شهر هندو گھڻائي جا شهر هئا جتي نوڪرين ۽ ڪاروبار وغيره ۾ کين مثڀرائپ حاصل هئي. ڪراچي خاص طور تي گذريل اٽڪل ٻن صدين کان ڄڻ ته هڪ هندو شهر هو. ورهاڱي کان فوري پوء جيئن هندوستان جي ٻين علائقن مان پناهگير لڏي ان شهر ۾ آيا تيئن آبادي جي هيئت مڪمل طور تبديل ٿي ويئي. شهرن جي آبادي ۾ واڌاري اچڻ سان گڏ اهي مسلم گھڻائي وارا شهر پڻ بڻجي ويا ۽ هندو هڪ ننڍي ثورائي ۾ بدلجي ويا. ان جو لازمي اثر اهو ٿيو ته شهر جي معاملن ۾ جيڪا سندن اهميت ۽ عمل دخل هو اهو ڄڻ ته ختم ٿي ويو. ان جو ٿورو اندازو ان ڳالھہ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ان وقت ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبرن ۾ غير مسلمن جي گھڻائي هئي جن کي پناهگيرن پاران سندن گھرن ۽ زمين وغيره جي الاٽمنٽ ۾ هڪ رڪاوٽ ڪري ليکيو پئي ويو ۽ سندن گھر هئي ته ان کي ٽوڙي نئين صورتحال ۽ حقيقتن موجب ان جي جوڙ جڪ ڪئي وڃي. ان ڪري حڪومت پاران ان گھر کي مڃيندي ان کي ٽوڙيو ويو.
سنڌ مان هندن جي پهرين وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جو محرڪ 20 ۽ 21 آگسٽ 1947 تي ڪوئيٽا ۾ رهندڙ هندن ۽ سکن، جن مان گھڻن جو واسطو سنڌ سان هو، تي ثيل حملا ۽ سندن قتل عام هو جنهن ۾ گھڻو هٿ اوڀر پنجاب مان فسادن جي ڪري لڏي ايندڙ پنجابي مسلمانن جو هو. ڪوئيٽا جي فسادن جي ڪري نه رڳو هتان هندن ۽ سکن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ٿي پر ساڳي وقت سنڌ جي هندن ۾ پڻ هڪ ڊپ پيدا ٿيو جنهن هتان لڏپلاڻ جي عمل کي تيز ڪيو. پر ان کانپوءِ 6 جنوري 1948 تي ڪراچي ۽ پوءِ حيدرآباد ۾ ٿيل فسادن، جن ۾ نه رڳو گھڻن هندن ۽ سکن کي ڪٺو ويو پر ڪراچي جي رتن تلاء جي علائقي ۾ هڪ گردواري، جنهن ۾ نوابشاه کان ڀارت لڏيندڙ سک ترسيل هئا، کي ماڻهن سميت باه ڏيئي ساڙيو ويو. سڄي شهر ۾ هندن تي حملن جو سلسلو شروع ٿي ويو. پهريون ڀيرو ڪراچي ۾ فسادن کي روڪڻ ۽ امن امان کي قائم رکڻ لاء مختلف وقفن سان اٽڪل سو ڪلاڪن جو ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو. اهو سڀڪجھ اتي ئي ختم نه ٿي ٿيو پر اهو هڪ تسلسل ۽ لاڳيتو عمل هو ۽ جيڪو ڪنهن حد تائين اڃا به جاري آهي. هندوستان مان مسلمانن خلاف ڪنهن به ڪوڙي سچي خبر جهڙوڪ اجمير جي مزار تي حملي وغيره جو هتي هندن خلاف ردعمل هڪ لازمي ڳالھه هئي جنهن هڪ ڊپ ۽ غيريقيني جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي هئي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو ڪردار ٻڏتر وارو هو. ان ۾ اها ئي ساڳي ورهاڱي کان اڳ واري قيادت شامل هئي جنهن واضح طور سنڌ مان هندن جي لڏڻ جي ڳالھہ ڪئي ٿي ته جيئن انهن کي سندن زمينون، مال ملڪيت ۽ سماجي ۽ سياسي اثررسوخ حاصل ٿي سگھي. هڪ پاسي ته انهن پنهنجن شهرن ۾ امن امان قائم رکڻ ۽ هندو آبادي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ وڳوڙين خلاف قدم کڻڻ چاهيو ٿي پر ساڳي وقت ان لاء انهن ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمانن سان ٿيندڙ سلوڪ کي هڪ جواز طور پيش ڪيو ٿي ۽ ٻئي پاسي مٿن مرڪزي حڪومت ۽ مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت، جنهن جي گھڻائي جو واسطو ڀارت جي مسلم ٿورائي وارن علائقن سان هو، پاران انهن وڳوڙين خلاف قدم نه کڻڻ لاء دٻاء پڻ هو. ان کانسواءِ کين اهو مسئلو به درپيش هو ته شهر ۾ وڌنڌڙ آبادي جي رهائش جي مسئلي کي ڪهڙي ريت حل ڪيو وڃي. ان جو فوري حل اهو ئي نظر آيو ٿي ته هندو هتان لڏي وڃن ته جيئن سندن جاين کي هندوستان مان ايندڙن کي الاٽ ڪري ان دٻاء کي ڪنهن حد تائين گھٽائي سگھجي. مختلف ماڻهن جي حوالي سان اها خبر پئي ٿي ته حڪومت پاران ان ڪارڻ به اهڙي لڏ پلاڻ جي همت افزائي ڪئي ٿي ويئي. رهائش ۽ ٻين ڏکيائين جي ڪري، جن جو هندوستان مان ايندڙ گھڻن ماڻهن کي اندازو نه هو، گھڻن ماڻهن ان وقت هندوستان ۾ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي وڃڻ کي ترجيح ڏني.
انهن واقعن ۽ اهڙي صورتحال کانپوء سنڌ جي هندن کي هتان لڏڻ جي فيصلي ڪرڻ ۾ گھڻي دير نه لڳي ۽ نه ئي سوچ ويچار جي ضرورت محسوس ٿي. سمنڊ ۽ خشڪي وسيلي ٿيندڙ ان لڏپلاڻ جي ڪري سنڌ ڄڻ هندن کان خالي ٿي ويئي. ان وقت سنڌ ۾ رهندڙ اٽڪل چوڏنهن لک هندن مان ٻارنهن لک ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏي ويا. پر سندن آزمائشون ۽ امتحان رڳو ان لڏڻ سان ختم نه ٿي ٿيا. ڀارت جي حڪومت جي پهرين ترجيح پنجاب ۽ بنگال مان فسادن جي ڪري لڏيندڙ ماڻهو هئا جڏهين ته سنڌ جي ماڻهن کي انهن حالتن جو شڪار سمجھڻ بجائي پاڻ تي زوري ٿاڦيل سمجھيو ٿي. ان ڪري هتان ويندڙن کي جيڪا اهو غلط فهمي هئي ته اتي کين اکين تي ويهاريو ويندو ۽ ساڻن خاص ورتاء ٿيندو رڳو هڪ خام خيالي ثابت ٿي. جن جا مائٽ مٽ اڳ ۾ ئي بمبئي ۾ رهندڙ هئا يا جن اڳ ئي پيشبندي ڪندي ورهاڱي کان اڳ ئي اتي پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو انهن کي ته گھڻي ڏکيائي پيش نه آئي پرگھڻائي اهڙي هئي جن کي اهي سهولتون ميسر نه هيون انهن کي پنهنجي زندگي کي ڄڻ نئين سر شروع ڪرڻ هو. انهن مان گھڻن ۽ خاص طور تي اهي جيڪي سمنڊ رستي آيا هئا جي ترجيح هڪ وڏي شهر هئڻ ۽ اتي زندگي جون سڀ سهولتون موجود هئڻ ڪري بمبئي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ هو. جڏهين ته مهاراشٽر ۽ بمبئي جي مقامي سرڪار شهر جي وسيلن تي وڌيڪ بار وجھڻ بجائي اهو چاهيو ٿي ته رڳو هڪ خاص تعداد کي شهر ۾ رهايو وڃي ۽ ٻين کي ڀارت جي ٻين حصن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. ان معاملي ۾ حڪومت کي مزاحمت کي به منهن ڏيڻو پيو ۽ ساڳي وقت سختي به ڪرڻي پئي پر انهن گھڻن کي ملڪ جي ٻين حصن ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران انهن شرنارٿين جي لاء ڪئمپ قائم ڪيا ويا جتي سندن کاڌ خوراڪ جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. بمئي شهرکان گھڻو پري فوجي بئرڪون هيون جيڪي ٻين مهاڀاري جنگ ۾ فوج جي استعمال ۾ هيون اتي انهن شرنارٿين کي رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو. اها ڪئمپ جي زندگي گھڻن لحاظن کان هڪ ڏکي زندگي هئي. هڪ ڪمري ۾ گھڻن خاندانن کي ڪپڙي جو پڙدو ڏيئي رهڻو پوندو هو جنهن جي ڪرprivacy جهڙي ڪا ڳالھ نه رهي هئي. حاجت پوري ڪرڻ ۽ وهنجڻ وغيره لاء گڏيل ٽوائلئٽ هوندا هئا، جتي پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيهڻو پوندو هو. شهر تائين پهچڻ لاء ريل واحد ذريعو هئي پر ريلوي اسٽيشن به اتان گھڻي فاصلي تي هئي جتي پهچڻ لاء بس يا ٻي ڪنهن سواري جو ڪو بندوبست نه هوندو هو. جن ماڻهن کي پنهنجي روزگار،ِ تعليم يا ٻئي ڪنهن ڪم ڪار لاء بمبئي وڃڻو پوندو هو انهن کي اسٽيشن تائين صبوح جو سويل اٿي ڊگھو پنڌ ڪري اتي وڃڻو پوندو هو.
مختصر اهو چئجي ته اهي ماڻهو انهن حالتن مان گذريا ۽ انهن اهي سڀ مثبت ۽ منفي ڳالھہيون ۽ ڪم ڪيا جيڪي هڪ غيرمعمولي صورتحال، تشدد ۽ ڏڦيڙ جي ڪري پنهنجي وطن کان جلاوطن ماڻهن جو هڪ گروه ٻئي ملڪ ۾ پنهنجي جاء ٺاهڻ لاء ڪندو آهي. هڪ ته انهن ۾ اهڙا ماڻهو هئا جن پنهنجو پاڻ کي اجتماعي ڀلائي ۽ خاص طور تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي قيام ۽ انهن کي هلائڻ لاء وقف ڪري ڇڏيو. ليکڪا حيدرآباد جي هڪ اهڙي استاد جو ذڪر به ڪيو آهي جيڪو ڪاليج جي ليبارٽري جي سامان کڻي وڃڻ جي اجازت نه هئڻ ڪري انهن مٿان گل وغيره وجھي انهن کي مورتيون ظاهر ڪري بمبئي کڻي وڃي اتي ليبارٽري قائم ڪئي هئي. انهن جي ڀيٽ ۾ عام سنڌي هندو جو رويو خاص طور تي اتان جي مقامي مسلمان سان اهو ئي هو جيڪو سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڀارت مان آيل مسلمانن هندن جي گھرن ۽ ملڪيتن تي قبضي ڪرڻ لاء انهن سان روا رکيو هو. خالي گھرن تي قبضا ۽ مسلمانن کي زوري لڏائڻ لاء منجھن خوف هراس پيدا ڪرڻ هڪ معمول بڻجي ويو. گجرات ۽ ٻين مختلف علائقن ۾ مسلمانن کي لڏائڻ لاء سنڌي هندن پاران تشدد جو سهارو ورتو ويو جنهن ۾ ڪيترا مسلمان مارجي ويا. ان سان گڏوگڏ مختلف ڪارڻن جي ڪري مقامي ماڻهن ۽ شرنارٿين ۾ ويڇا پڻ وڌي ويا. هڪ ته خاص طورتي بمبئي شهر ۾ گھرن جي گھرج وڌي وڃڻ ڪري انهن جي مسواڙ، پڳڙي ۽ قيمتن ۾ واڌارو اچي ويو جنهن جي ڪري اهي مقامي ماڻهن جي پهچ مان ٻاهر ٿي ويا ۽ جنهن جي لاء انهن بجا طور سنڌي هندن کي ذميوار قرار ڏنو ٿي. ٻيو ته سنڌين نوڪرين جي ڀيٽ ۾ گھڻو ڪري واپار کي ترجيح ڏني ٿي. ان مارڪيٽ ۾ پنهنجي جاء ٺاهڻ لاء کين مقامي واپاري سان چٽا ڀيٽي ڪرڻي هئي. ان جو بهترين طريقو کيس اهو نظر آيو ته مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ پنهنجي نفعي کي گھٽ رکجي ۽ اهڙي ريت گراهڪن کي پاڻ ڏانهن ڇڪجي. ان طريقه ڪار مقامي واپارين ۽ سندن وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي.
ڀارت سنڌي هندن لاء ثقافت، ٻولي ۽ ايستائين ته مذهب جي حوالي سان به هڪ نئون ملڪ ۽ هڪ بلڪل ئي نئون ماحول هو. سنڌ ۾ سوين سالن تائين مسلم گھڻائي ۽ مسلم حڪمراني هيٺ رهڻ جي ڪري انهن پنهنجو پاڻ کي اتان جي ماحول سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ گھڻيون اهڙيون عادتون اختيار ڪري ورتيون هيون جن کي ڀارت ۽ خاص طور تي گجرات ۽ راجستان جي ڪٽر هندو معاشري ۾ قبول ڪرڻ ته پري جي ڳالھہ بلڪه بلڪل ئي رد ڪيو ٿي ويو. خاص طور تي گوشت استعمال ڪرڻ جي ڪري سنڌي هندن کي مسلمانن جي ويجھو سمجھي انهن کي رد ڪيو ٿي ويو ۽ انهن سان معاشرتي ميل جول کان پاسو ڪيو ٿي ويو. اهڙي ريت کين پاڻ کي نئين ماحول مطابق ڪرڻ لاء نه رڳو پراڻين عادتن کي ڇڏڻو پيو پر پاڻ کي پڪو هندو ثابت ڪرڻ لاء اڃا وڌيڪ جوش و خروش ڏيکارڻو پيو. ايل ڪي آڏواڻي ته وڏو اڳواڻ آهي جنهن جي ايوڌيا جي رٿ ياترا ۽ بابري مسجد ڊاهڻ وارن قدمن سڄي ننڍي کنڊ ۾ هڪ فرقيوارانه ڏڦيڙ پيدا ڪري ڇڏيو پر ليکڪا ٻڌائي ٿي ته اهو سنڌي هندن ۾ هڪ عام لاڙو آهي. هو مايا ڪودناني نالي گجرات جي هڪ سنڌي عورت جو مثال ڏئي ٿي جيڪا نهايت فخر سان ان ڳالھه جو ذڪر ڪري ٿي ته گجرات ۾ 2002 جي مسلم ڪش فسادن ۾ هن اٺانوي ڄڻن کي قتل ڪيو هو. ان ڪري جيڪڏهين نريندر مودي سنڌين جي تعريف ڪري ٿو ته بجائي خوش ٿيڻ جي اهو ڏسڻ گھرجي ته هو اهو ان ڪري پيو ڪري ته سنڌين ان سڄي ڪڌي ڪم ۾ سرگرمي سان حصو ورتو هو جنهن جي هن گجرات جي وڏي وزير هوندي اڳواڻي پئي ڪئي.
اها ڳالھه ته پنهنجي جاء تي آهي ته ڀارت ۾ سنڌي کي قومي ٻولين جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پر ليکڪا جو چوڻ آهي ته ساڳي وقت ديوناگري ۽ عربي رسم الخط کي رائج ڪرڻ جي ڪري هڪ مونجھاري واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آهي جنهن ٻولي کي فائدي پهچائڻ جي بجائي ان کي نقصان پهچايو آهي. پر ان کان به وڏو مسئلو سنڌين جو ڀارت جي معاشري سان مطابقت پيدا ڪرڻ آهي جنهن جي لاء هڪ پاسي ته اهي مذهبي لحاظ کان هندن کان وڌيڪ هندو ٿيڻ لاء تيار آهن ۽ سياسي لحاظ کان آرايس ايس جي ويجھو آهن جڏهين ته ٻئي پاسي اهي پنهنجي سنڌي هئڻ تان به هٿ کڻڻ لاء تيار آهن. مائٽ نه رڳو اهو ته پنهنجن ٻارن کي سنڌي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ سنڌي پڙهائڻ لاء تيار ناهن پر ايستائين ته سندن اها ڪوشش هوندي آهي ته شرمندگي کان بچڻ لاء پاڻ کي سنڌي ظاهر نه ڪرڻو پئي. جڏهين ته ساڳي وقت کين پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ جو به اونو هوندو آهي جنهن جي لاءِ اهي مختلف مذهبي ۽ ثقافتي تنظيمن ذريعي ڪم ڪندا آهن جيڪي رڳو سنڌين لاء مخصوص هونديون آهن. اها ڳالھه به پنهنجي ليکي سندن گڏجڻ جي عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي.
ان ڳالھه جي باوجود ته معاشي لحاظ کان ڀارت ۾ سنڌي آسودا آهن پر سماجي ۽ سياسي لحاظ کان کين اڃا تائين ٻاهريون ياoutsider ڪري ليکيو وڃي ٿو. ان جو اندازو ان مان لڳايو ته پاڪستاني پنجاب مان لڏيندڙ موهن سنگھ ۽ گجرال ته ڀارت جي اقتدار جي سيڄ تي پهچي سگھن ٿا پر ايل ڪي آڏواڻي کي هزار ڪوششن جي باوجود ان جي لائق نه ٿو سمجھيو وڃي. ڀارت جي سماج ۾ گڏجڻ ۽ ساڳي وقت پنهنجي ڌار سڃاڻپ به برقرار رکڻ هن وقت اهڙو تڪليف ڏيندڙ مونجھارو آهي جنهن مان ڀارت جا سنڌي گذري رهيا آهن. اهو مونجھارو ڪيئن حل ٿئي ٿو ۽ ان ۾ گھڻو وقت لڳي ٿو ان جو جواب هن وقت نه ٿو ڏيئي سگھجي.