مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

تبديلي جو ڊپ

نون خيالن کي فوري ۽ جلد قبول ڪرڻ ته هونئن ئي هڪ ڏکي ڳالھہ آهي پر ساڳي وقت نئين ٽيڪنالوجي کي قبول ڪرڻ ۽ ايستائين ته ان جي سڃاڻ رکڻ ۽ ان کان مانوس ٿيڻ به ڪو ايڏو سولو ڪم ناهي. گھڻو عرصو اڳ پي ٽي وي تي هڪ ڊاڪومينٽري هلي هئي جنهن ۾ اهو ڏيکاريو ويو هو ته ڪجھ ماڻهو هڪ جيپ ۾ شايد گلگت بلتستان جي اهڙي ڏورانهين علائقي ۾ پهچن ٿا جتان جي ماڻهن اڳ ڪڏهين به جيپ ڏٺي نه هئي. انهن جي ليکي اهو به ٻين سواري جي جانورن جيان سواري جو ڪو جانور هو. ان خيال کان ڪو جيپ جي اڳيان گاه آڻي پيو رکي ۽ ڪو پاڻي جي بالٽي. ساڳي ريت لائوڊ اسپيڪر جي استعمال کي مذهبي عالمن پاران هڪ ڊگھي عرصي تائين قبول نه ڪيو ويو۽ ڪفر ڪري ليکيو ويو.
پاڪستان ۾ شروع ۾ شايد يونائٽيڊ بينڪ ۾ ئي وڏا ڪمپيوٽر لڳل هئا جيڪي اهي مختلف ادارن کي مسواڙ تي استعمال لاء ڏيندا هئا. آئون جڏهين سنڌ ريجنل پلان آرگنائزيشن ۾ هوس ته اتي سروي وغيره جي انگن اکرن جي تجزئي لاء اهي ڪمپيوٽر ئي استعمال ٿيندا هئا. هڪ ڪمپيوٽر آپريٽر انگ اکر ڪمپيوٽر ۾ وجھي ڪارڊ آڻي اسان کي ڏيندو هو ۽ اسان انهن کي چيڪ ڪرڻ کانپوء درستگي لاء واپس ڪندا هئاسين. اها ڄڻ هڪ لحاظ کان ملڪ ۾ ڪمپيوٽر جي استعمال جي شروعات هئي. اسٽيٽ بينڪ انهن مشينن جي استعمال جي حوالي سان اڃا گھڻو پوئتي پيل هو. مون جڏهين اتي ريسرچ ڊپارٽمنٽ، جتي انگن اکرن ۽ انهن جي تجزئي جو ئي ڪم هوندو هو، ۾ نوڪري جوائن ڪئي ته اتي حساب ڪتاب لاء جيڪي ڪيلڪيوليٽرهئا انهن ۾ ڪاغذ وجھي لڳل هينڊل ذريعي انهن کي هٿ سان هلائڻو پوندو هو جنهن ۾ گھڻو وقت ۽ محنت درڪار هوندي هئي. ڪجھ عرصي کانپوء بيٽري تي هلندڙ ڪيلڪيوليٽر آيا جنهن سان ڪم ۾ گھڻي سولائي ٿي پيئي.
ٽيڪنالوجي تيزي سان اڳتي وڌي رهي هئي ۽ ملڪ جي بينڪن ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ پرسنل ڪمپيوٽر PC)) اچي چڪا هئا پر ملڪ جي مرڪزي بينڪ جو اڃا ان پاسي لاڙو نه هو. ان جو مک ڪارڻ اهو هو ته ان وقت بينڪ ۾ جيڪو اسٽاف موجود هو اهو انهن مشينن کان اڻواقف هو ۽ اهو ان اڻ ڄاتل دنيا ۾ داخل ٿيڻ نه پيو چاهي. پر ڪجھ عرصي کانپوء ٿيو ائين ته ڪنهن عالمي اداري پاران بينڪ کي ڪجھ ڪمپيوٽر ڏنا ويا ۽ اهڙي ريت ڄڻ ان کي زوري ان نئين دنيا ۾ ڌڪيو ويو. ملازمن ۽ آفيسرن لاء اهي بجائي هڪ اثاثي ۽ ڪم ۾ مددگار هئڻ جي هڪ بار ۽ ذميواري بڻجي ويا جن کي سنڀالڻو ۽ انهن جو خيال ڪرڻو ٿي پيو. ڪجھ شعبن ۾ انهن جي لاء باقاعدي ڪمرا ٺاهي اتي ايئرڪنڊيشن لڳائي انهن کي تالو هنيو ويو ۽ سوائي ڪن خاص ماڻهن جي اتي ٻئي ڪنهن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي هئي. جڏهين ته ريسرچ ۾ جتي انهن جي گھڻي ضرورت هئي ماڳيئي انهن دٻن کي جن ۾ اهي بند هئا کوليو ئي نه ويو ۽ اهي ائين ئي انهن دٻن ۾ ئي بند رهيا. ان سڀڪجھ جو وڏو ڪارڻ اهو ڊپ هو ته متان هٿ لڳائڻ ۽ استعمال ڪرڻ سان اهي خراب نه ٿي پون. انهن مشينن کي ان وقت پوري ريت کوليو ۽ استعمال ڪيو ويو جڏهين بينڪ ۾ اهڙا آفيسر ڀرتي ٿيا جن کي تعليمي ادارن ۾ انهن مشينن جي استعمال جي تربيت ڏني ويئي هئي ۽ جن کي اها خبر هئي ته اهي استعمال ڪرڻ سان نه پر استعمال نه ڪرڻ سان خراب ٿينديون.
اها ساڳي صورتحال صحافت جي سلسلي ۾ به ملي ٿي. زبيده مصطفا پنهنجي ڪتاب My Dawn Years ۾ ڊان جي حوالي سان ٻڌائي ٿي ته جيتوڻيڪ ڪمپيوٽرن جي اچڻ سان گھڻي سهولت ٿي پيئي هئي ۽ ڪم گھڻو سولو ٿي پيو هو پر گھڻا ماڻهو انهن جي ويجھو وڃڻ لاء به تيار نه هئا. ان ۾ خاص طور تي اهي ماڻهو شامل هئا جيڪي ٽائپ رائٽر جو استعمال نه ڪندا هئا. اخبار جي نامياري ايڊيٽر احمد علي خان، جيڪو خان صاحب جي نالي سان سڃاتو ويندو هو، جي ڪمري ۾ وڏي اسڪرين وارو پي سي لڳل هو پر هو ان کي استعمال ڪرڻ جي بجائي بال پوائنٽ ۽ ڪاغذ جي استعمال کي ترجيح ڏيندو هو. ساڳي ريت اسٽاف جي هڪ ٻئي سينيئر رڪن ماجد جو حوالو ڏيندي هو ٻڌائي ٿي ته جڏهين ايڊيٽر جي چوڻ تي اخبار ۾ سڀني کي ڪمپيوٽر ڏيڻ لاء ڪم ٿي رهيو هو ته هن کين ويجھي اچڻ کان ئي منع ڪري ڇڏي ۽ جڏهين کيس اهو يقين ڏياريو ويو ته هتان رڳو تار گذرندي ۽ ڪمپيوٽر سندس ڊيسڪ تي نه ايندو ته پوء کيس تسلي ٿي. ساڳي ريت جنگ گروپ پاران جڏهين انگريزي اخبار دي نيوز شروع ڪئي ويئي ته اتي شروعات ئي ان نئين ٽيڪنالوجي سان ڪئي ويئي. مشهور دانشور ڊاڪٽر اقبال احمد کي جڏهين اخبار جي دفتر جو دورو ڪرايو ويو ته انهن سڀني شين کي ڏسڻ کانپوء سندس پهريون سوال اهو هو ته انهن سڀني مشينن کي استعمال ڪير ڪندو.
اها ڳالھه پنهنجي ليکي صحيح آهي ته مشينن جو استعمال ماڻهو ئي ڪندا ۽ جيستائين اهي انهن کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت حاصل نه ڪندا تيستائين اهي مشينون بيڪار آهن. هن وقت پاڪستان ۾ انهن مشينن جو استعمال عام ٿي ويو آهي. اها ته هڪ طئي شده حقيقت آهي ته نئين ٽيڪنالوجي جتي گھڻيون سهولتون مهيا ڪري ٿي ۽ ڪم کي گھڻو سولو ڪري ٿي اتي اها مختلف ماڻهن ۽ طبقن جي وچ ۾ فرق جو باعث پڻ بڻجي ٿي. خاص طور تي ڪمپيوٽر جي اچڻ ان سلسلي ۾ هڪ وڏو ڪردارادا ڪيو آهي. ٻي ڪنهن به ايجاد کان وڌيڪ اهو هڪ وڏو ڇال هو. اٽڪل سڀني پيشن ۾ گھڻا اهڙا ڪم جيڪي اڳ هٿ سان يا روايتي مشينن ذريعي ٿيندا هئا هاڻي ڪمپيوٽر وسيلي ٿي رهيا آهن. هڪ ته ڏهن ماڻهن جو ڪم هڪ ماڻهو ڪري سگھي ٿو ۽ ٻي ڳالھہ ته گھڻا پراڻا ڪم مدي خارج ٿي ختم ٿي ويا آهن. پر ساڳي وقت انهن مشينن گھڻن نون ڪمن کي پڻ جنم ڏنو آهي ۽ روز نيون تبديليون اچي رهيون آهن. ان سلسلي ۾ جيڪي ان سان مطابقت پيدا ڪري سگھن ٿا اهي ئي پنهنجو گذارو ڪري سگھن ٿا. پر اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالھہ ناهي. ان سلسلي ۾ رياست روزگار جي نون ذريعن پيدا ڪرڻ ۽ تربيت وغير ه جي پروگرامن وسيلي پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي ۽ اهڙي ريت سماجي فرق جنهن جو نئين ٽيڪنالوجي جي ڪري پيدا ٿيڻ اڻٽر آهي کي ڪنهن حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو.