مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ليکڪ ۽ زندگي

لکڻ جو عمل ڪا ماورائي شي ناهي. دنيا جي وڏن ليکڪن جيڪي شاهڪار تخليق ڪيا آهن ان ۾ بس انهن ان زندگي جيڪا انهن گذاري آهي ۽ ماحول جنهن ۾ هو رهيا آهن جو گھرائي سان مشاهدو ڪندي ان کي نهايت سادن لفظن ۾ چٽيو ۽ ماڻهن آڏو پيش ڪيو ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي آهي. ان حوالي سان انگريز ليکڪ جارج آرويل مون کي هڪ منفرد ليکڪ لڳندو آهي. سندس زندگي جو هڪ وسيع تجربو رهيو آهي ۽ اهو تجربو سندس لکڻين جي زينت بڻيو آهي. هو برما ۾ برطانوي حڪومت ۾ پوليس ۾ رهيو ته هن اتي اتان جي ماڻهن جي ڪسمپرسي ۽ برطانوي افسرن جي عياشي واري زندگي ۽ سندن اتان جي ماڻهن سان ورتاء جو مشاهدو ڪيو ۽ ان تي هڪ بهترين ڪتاب لکيو. ساڳي ريت هو اسپين جي 1936 جي گھرو ويڙه ۾ فاشسٽن خلاف وڙهندڙ پرڏيهين جي انقلابي دستي ۾ شامل هو. ان گھرو ويڙه ۽ اتان جي انقلابي قوتن ۾ موجود اختلافن جي حوالي سان سندس لکيل ڪتاب پڙهندڙ کي گھڻي آگهي ڏئي ٿو.
ان لحاظ کان سندس ڪتاب Down and Out in Paris and London هڪ الڳ ٿلڳ موضوع آهي. ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته هن ڪتاب لکڻ لاء اهو تجربو ڪيو جڏهين ته ڪجھ ان کي سندس غربت ۽ ڪسمپرسي واري زندگي جو نتيجو قرار ڏين ٿا. اهڙي زندگي جو هن وقت يورپ جي ڪنهن ملڪ جي ليکڪ لاء تصور ڪرڻ ئي محال آهي. پيرس ۾ رهندي ڪجھ عرصو ته هو اخبارن ۾ پنهنجن لکيل ڪالمن جي ملندڙ معاوضي مان گذارو ڪندو رهي ٿو پر جلد ئي سندس آمدني جو اهو ذريعو بند ٿي وڃي ٿو ۽ هو ماني لاء به محتاج ٿي وڃي ٿو ۽ پنهنجي جاء جي مسواڙ به نه ٿو ڏيئي سگھي . ڪنهن اخبار ۽ رسالي وغيره پاران کيس ڪا موٽ نه ٿي ملي. هو پنهنجا ڪپڙا ۽ ٻيون ذاتي شيون گروي رکي پنهنجو گذارو ڪندو رهي ٿو پر اهو پئسو به گھڻو وقت نه ٿو هلي ۽ نيٺ مجبور ٿي هو پنهنجن ڪجھ دوستن جي حوالي سان هڪ هوٽل ۽ پوء ٻي هوٽل ۾ بيرا گيري جي نوڪري حاصل ٿو ڪري جتي کيس گھٽ ۾ گھٽ ٻن وقتن جي ماني ملي وڃي ٿي. اها هڪ سخت قسم جي نوڪري هجي ٿي جنهن ۾ آرام جي گنجائش گھٽ هجي ٿي. انهن هوٽلن جو ٻاهر جو ڏيکاء ته نهايت صاف سٿرو ۽ وڻندڙ هوندو آهي جڏهين ته ڪچن ۽ کاڌي تيار ڪرڻ وغيره جي جاء تي جيڪا گندگي ۽ غلاظت هوندي آهي ان جي رڳو انهن ماڻهن کي ڄاڻ هوندي آهي جيڪي اتي ڪم ڪندا آهن. ليکڪ ان سڄي صورتحال کي نهايت تفصيل سان چٽيو آهي. ان وچ ۾ سندس هڪ دوست کيس هڪ نئين هوٽل جي کلڻ متعلق ٻڌائي ٿو ۽ چئي ٿو ته اتي سندس حيثيت هتان کان گھڻي بهتر هوندي. ڪجھ سوچ ويچار کانپوء هو ان نئين هوٽل جي مالڪ سان شامل ٿي وڃي ٿو. ان هوٽل جي مالڪ جي ذهن ۾ ته گھڻو ڪجھ هجي ٿو پر وٽس ان سڀڪجھ جي تڪميل لاء وسيلا محدود هجن ٿا. اتي ليکڪ جي حيثيت ته يقينن پهرين کان بهتر هجي ٿي پر مالڪ جي ڪمزور مالي حيثيت جي ڪري کيس پگھار پوري ۽ وقت تي نه ٿي ملي ۽ هو اتي نوڪري تي هوندي به هڪ پريشاني واري حالت ۾ اچي وڃي ٿو.
هتان لندن ۾ سندس پنهنجي هڪ دوست سان خط و ڪتابت ٿئي ٿي ۽ اهو دوست سندس لاء اهڙي نوڪري جو انتظام ڪري ٿو جيڪا سندس معيار جي مطابق هجي. پيرس ۾ پنهنجي ڪسمپرسي واري زندگي کي ڏسندي اهو کيس بهتر ٿو لڳي ته هو لندن هليو وڃي. هوٽل جي مالڪ ۽ پنهنجي دوست جي آسرن ۽ دلاسن جي باوجود هو پئرس ڇڏي لندن اچي ٿو. پر هتي به سندس لاء ڪا گھڻي خوشگوار صورتحال نه ٿي هجي. جنهن دوست سان سندس خط و ڪتابت هئي اهو لندن کان ڪجھ عرصي لاء ٻاهر ويل هجي ٿو. اهڙي ريت جنهن ڪم لاءِ هو اچي ٿو اهو ڪم في الحال کيس نه ٿو ملي. هتي وري سندس آڏو اهو مسئلو اچي ٿو ته زندگي جي گاڏي کي ڪيئن گھلجي. ڪو دوست کيس ڪجھ پئسا ڏئي ٿو جيڪي ڪجھ وقت کانپوء ختم ٿي وڃن ٿا. هتان سندس زندگي جو هڪ نئون مرحلو شروع ٿئي ٿو. هڪ Tramp يا رول جي زندگي. سندس واسطو ان قبيل جي مختلف ماڻهن سان پئي ٿو. هڪ اهڙي زندگي جنهن جا پنهنجا ضابطا هجن ٿا. انهن جي لاء گندگي، چوري ڪرڻ ۽ پنهنجي ساٿي کي ئي ماري ڇڏڻ ڪا وڏي ڳالھہ نه ٿي هجي. انهن مان ڪجھ رستن ۽ چوواٽن تي ڳائي وڄائي ۽ ڪجھ ديوارن تي تصويرون ٺاهي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪن ٿا ۽ اهڙي ريت پنهنجو گذر بسر ڪن ٿا. ان دوران سندس واسطو ان قبيل جي نهايت ذهين ماڻهن سان به پئي ٿو جن کي سماج ۾ ته مڃتا نه ٿي ملي پر ساڳي وقت هو عام زندگي ۽ ڪنهن سماجي پابندي کي به قبول ڪرڻ لاء تيار نه ٿا هجن. ساڳي وقت اهڙن ماڻهن سان به جيڪي کيس نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. انهن ۾ دوست به هجن ٿا ۽ دشمن به هجن ٿا. اهڙن ماڻهن جي رهڻ جي لاء پوري شهر ۾ اهڙا مرڪز هجن ٿا جتي اهي هڪ رات يا ڪجھ وقت رهي سگھن ٿا. انهن مان ڪٿي رهڻ جون مناسب حالتون هجن ٿيون ۽ ڪٿي بلڪل ئي خراب. هو هڪ چڱو عرصو انهن ماڻهن سان گذارڻ کان پوء ان نتيجي تي پهچي ٿو ته برطانيا ۽ خاص طور تي لندن ۾ انهن ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو ۽ ساڳي وقت اهو به ته انهن ماڻهن جو سماج ۾ جيڪو منفي اميج ٺهيل آهي اهو مڪمل طور تي صحيح ناهي. اصل ڳالھہ اها آهي ته اهي عام ماڻهن واري زندگي ۽ سماجي ضابطن کي قبول نه ٿا ڪن. انهن جي زندگي جا پنهنجا اصول ۽ ضابطا هجن ٿا جن مطابق اهي رهڻ چاهين ٿا ۽ اهي عام اصولن سان ٺهڪي نه ٿا اچن. ان وچ ۾ جنهن دوست کيس لندن گھرايو هو اهو موٽي ٿو اچي ۽ سندس زندگي جو اهو اهم مرحلو پڄاڻي تي پهچي ٿو.