مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

پاڳلپڻي جو لمحو: ورهاڱي جي هڪ ڪٿا

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي نتيجي ۾ ٻنهي پاسي وڏي پئماني تي ماڻهن جو قتل عام ۽ لڏپلاڻ گھڻن ماڻهن لاء ته رڳو انگ اکر آهن پر جن ماڻهن ۽ انهن جي ڪٽنبن اهو نقصان سٺو آهي انهن جي ٽين ۽ چوثين پيڙهي لاء به اهو سڀڪجھ، ان ڳالھہ جي باوجود ته انهن پاڻ اهو اکين سان نه ڏٺو هو يا ان ۾ سڌي ريت حصو نه ورتو هو، جي کي جھوريندڙ آهي. گھڻن خاندانن ۾ وڏڙا ڪوشش ڪري اهو سڀڪجھ پاڻ وسارڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجن ننڍن سان ونڍيندا ئي ناهن. پر نئين نسل مان گھڻا متجسس ذهن ان ڳالھہ جي ڳولها ۾ هوندا آهن ته نيٺ اهو سڀڪجھ ڇو ٿيو. سوين سالن تائين گڏ رهندڙ، هڪٻئي جو ڏک سک ونڍيندڙ ڇو رات وچ ۾ هڪٻئي جو رت وهائڻ ۽ لڄون لٽڻ لاء تيار ٿي ويا.
سلمان رشيد هڪ منفرد سفرناما لکندڙ طور ڄاتو وڃي ٿو جيڪو پنهنجي پڙهندڙ کي انهن جاين جي تاريخ، ثقافت ۽ آرڪيالوجي وغيره کان پڻ آگاه ڪري ٿو ۽ ساڳي وقت عقيدن جي ڌنڌ کي به ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس تازو آيل ڪتاب A Time of Madness- A Memoir of Partition ان لحاظ کان هڪ مختلف ڪتاب آهي. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اهو به هڪ سفرنامو ئي آهي پر اهو هڪ عظيم المئي ۽ ان جي ڪارڻن جي ڳولها جي حوالي سان ماضي جو سفر آهي. سندس خاندان ورهاڱي وقت ٿيل رتوڇاڻ مان گذري گھڻو ڪجھ وڃائي جالنڌر مان لاهور لڏي آيو هو. سندس چوڻ آهي ته سندس وڏا ڪڏهين به ان ڳالھہ کي زبان تي نه آڻيندا هئا ته ورهاڱي وقت سندن خاندان سان ڇا وهيو واپريو. گھڻي عرصي کانپوء پنڊي ۾ رهندڙ سندس هڪ پڦي جي هڪ ڪشميري نوڪر هٿان قتل ٿيڻ جي موقعي تي سندس وڏي چاچي جي واتان ڪجھ اهڙا اکر نڪرن ٿا ته انهن ٻه ڀينرون ته ورهاڱي جي فسادن ۾ جالنڌر ۾ وڃايون هيون ۽ هاڻي هي ٽين، جيڪا اتان تلوارن کان بچي نڪتي هئي، پنهنجي ئي گھر ۾ پنهنجي نوڪر هٿان قتل ٿي ويئي. ان مان کيس اهو اندازو ٿئي ٿو ته ان وقت سندس خاندان سان ڇا ٿيو هوندو.
جيتوڻيڪ هو ان وقت ڄائو به نه هو پر هو ماضي ۾ جھاتي پائي انهن سڀني جاين کي پاڻ ڏسڻ چاهي ٿو ۽ اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿو ته نيٺ ائين ڇو ٿيو. سندس لاء پهريون مسئلو ته ڀارت جي ويزا جو حصول هجي ٿو. ٻنهي ملڪن جي سرحدن جتي، 1965 جي جنگ تائين اچ وڃ تي پابنديون ۽ سختيون نه هيون، هاڻي ماڻهن جو آزادانا طور اچڻ وڃڻ بلڪل ئي ناممڪن ٿي ويو آهي. کيس پهرئين ڪوشش ۾ ويزا نه ٿو ملي پر ڪجھ سالن کانپوء کيس ويزا ملي وڃي ٿو ۽ سندس چواڻي ته هو ويھه مارچ 2008 تي پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي گھر لاء روانو ٿئي ٿو. هو دهلي، بنگال ۽ ڀارت جي مختلف اهڙن شهرن ۽ جاين تي وڃي ٿو جتي سندس پي، چاچا ۽ خاندان جا ٻيا مختلف فرد پنهنجين نوڪرين ۽ ٻين ڪمن ڪارين جي سلسلي ۾ ويا هئا. انهن مان ڪجھ ته فسادن جي وقت مشڪل سان ئي پنهنجي جان بچائي سگھيا. آخر ۾ هو جالنڌر پهچي ٿو جتي سندس ڏاڏي جو سندس وڏي چاچي حبيب الرحمان جي نالي سان ٺهرايل گھر حبيب منزل آهي جنهن جا هن فوٽو ڏٺا هئا. پر جيئن سندس پي چوندو هو ته بيوقوف گھر ٺهرائيندا آهن ۽ عقل مند ان ۾ رهندا آهن ۽ هو پاڻ به سڄي عمر مسواڙ جي گھر ۾ ئي رهيو ائين ان گھر ۾ به سندس ڏاڏي ۽ ان جي اولاد کي رهڻ نصيب نه ٿيو.
گھر اهو ساڳيو ئي هجي ٿو پر حبيب منزل جو نالو ميساريل هجي ٿو. ان گھر ۾ رهندڙ هڪ مائي کيس وڏي مشڪل سان ڪجھ دير لاء گھر ۾ داخل ٿيڻ ڏئي ٿي. کيس اصل ۾ ان ماڻهو جي ڳولها هجي ٿي جيڪو کيس اهو سربستو احوال ڏيئي سگھي ته ان وقت سندس گھروارن سان ڇا وهيو واپريو هو. گھر جي پاسي ۾ هڪ دوڪاندار کيس ڪجھ احوال ڏئي ٿو پر هو کيس ٻڌائي ٿو ته کيس اهو سڀڪجھ هڪ اهڙي ماڻهو ٻڌايو آهي جنهن جو پي ان سڄي وارتا ۾ شامل هو. گھڻي ڪوشش کانپوء سندس ان ماڻهو سان ملاقات ٿئي ٿي. هو ساڻس افسوس جو اظهار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته سندس پي کي به پوء ان تي افسوس هو. هو کيس ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه سندس ڏاڏي پنهنجي زال ۽ ٻن ڌيئرن سان گڏ هڪ اهڙي دوست جي گھر ۾ پناه ورتي هئي جنهن جي فسادين کي شايد ڄاڻ نه هجي ها جيڪڏهين گھر جو نوڪر، جنهن جا ٻار به ڏاڏي سان گڏ هئا، پريشاني ۽ فسادين جي ڊپ کان ان گھر جو رخ نه ڪري ها. اتي سڄو خاندان قتل ٿي ويو ۽ رڳو سندن مڙه ئي ڪمري مان ٻاهر اچي سگھيا. هو ان همراه کان اهو سوال ڪري ٿو ته نيٺ ائين ڇو ٿيو. هو کيس جواب ڏئي ٿو جيڪو ان سڄي صورتحال جو تت آهي ته اهو انتها درجي جي پاڳلپڻي جو لمحو هو جنهن ماڻهن کي پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏيو هو.
هو علائقي جي مختلف ماڻهن سان ملي ٿو ۽ کانئن پنهنجي ڏاڏي متعلق معلوم ڪري ٿو. هر ڪو ان ڳالھہ جي تصديق ڪري ٿو ته هو ڪنهن مذهبي مت ڀيد ۽ تعصب کانسواء مريضن جو علاج ڪندو هو. پر سندس ڏاڏي سان ڪم ڪندڙ هڪ شخص کيس اهو ٻڌائي ٿو ته هڪ ڀيري جڏهين هن کيس ٻنپهرن جي آرام مان اٿاري هڪ سک مريض کي ڏسڻ لاء چيو ته هن ان مريض جي وڃڻ کانپوء مون کي اڪيلائي ۾ چيو ته آئندي ڪنهن سک مريض لاء منهنجي آرام کي خراب نه ڪجان. ساڳي ريت هندو ماضي جي پسمنظر جي ڪري گھر۾ ڳئون جي گوشت جو استعمال نه ٿيندو هو ۽ نه ئي ڳوٺ جا مسلمان قرباني واري عيد تي ڳئون جي قرباني ڪندا هئا. پر هڪ ڀيري سندس ڏاڏي اهو اعلان ڪيو ته هن ڀيري عيد تي ڳئون جي قرباني ٿيندي جنهن سان سڄي علائقي ۾ هڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي ۽ فساد ِ۽ رتوڇاڻ جا امڪان پيدا ٿي پيا. علائقي جي سرڪاري آفيسرن وغيره وچ ۾ پيئي ان صورتحال کي ان شرط تي ٽاريو ته هندو ۽ سک به علائقي ۾ سور نه ڪهندا. هو اهو سوچي ٿو ته سندس ڏاڏي جنهن متعلق وٽس اهو تاثر هو ته هو هر قسم جي مذهبي مت ڀيد ۽ تعصب کان آجو هو ڪيئن اهڙي ڳالھه ڪري سگھيو پئي. هن اهو سوال پاڪستان ۾ ليکڪ آئي اي رحمان کان ڪيو ته ان وقت چڱا ڀلا ماڻهو ڪيئن ان مذهبي مت ڀيد جو شڪار ٿي ويا هئا ۽ سندن سوچ ۾ ڇو ڦيرو اچي ويو هو. آئي اي رحمان کيس ٻڌايو ته چاليھه جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ اهڙي قسم جو سياسي ماحول پيدا ڪيو ويو هو ۽ پروپئگنڊا ڪئي ويئي هئي جنهن جي ڪري گھڻن اهڙن ماڻهن به ان پاسي ڏانهن سوچڻ شروع ڪيو جيڪي اڳ ائين نه هئا. ٻيو ته ڏاڏي کي اها ڳالھہ ذهن ۾ هئي ته جيڪڏهين ورهاڱو ٿيو به ته جالنڌر، جيڪو مسلم گھڻائي وارو ضلعو هو، پاڪستان ۾ شامل ٿيندو پر ائين نه ٿيو.
ليکڪ جو خيال آهي ته هن وقت ملڪ جي حڪمرانن ۽ عام ماڻهن ۾ جيڪا بدعنواني، ڦرمار۽ قبضي گير ذهنيت آهي ان جون پاڙون به ورهاڱي ۾ آهن. پاڪستان مان جيڪي هندو ۽ سک وغيره لڏي ويا اهي مالدار ۽ سکيا ستابا هئا ۽ پويان وڏي ملڪيت ڇڏي ويا ھئاجڏهين ته جن ڀارت مان پاڪستان لڏپلاڻ ڪئي انهن پويان گھڻي ملڪيت نه ڇڏي هئي. ٻي ڳالھہ ته ڀارت ۾ باقاعدي طور پناه گيرن جي ڪليم ڏيڻ لاء هڪ نظام ترتيب ڏنو ويو هو جڏهين ته پاڪستان ائين نه ڪيو هو. پنهنجي ريوينيو محڪمي ۾ ڪم ڪندڙ هڪ واقف ڪار جو حوالو ڏيندي هو ٻڌائي ٿو ته هتي جنهن ماڻهو وٽ جيتريون چاٻيون هيون ان کي ڪنهن پڇا ڳاڇا کانسواء اوترا گھر الاٽ ڪيا ويا. معنا ڪنهن ماڻهو کي جيڪڏهين ڪنهن جو ڪو ڪريل چاٻين جو ڳڇو هٿ اچي ويو ته هو ايترن گھرن جو مالڪ ٿي ويو ۽ رات وچ ۾ سندس قسمت بدلجي ويئي. اهڙي ريت مقامي ۽ پناهگيرن ٻنهي مفت جي مال تي هٿ صاف ڪرڻ ۾ ڪسر نه ڇڏي. اهڙي مفت جي مال تي قبضو ڪرڻ ۽ رياستي ملڪيت ڦٻائڻ جي هڪ ذهنيت ٺهي ويئي جنهن ملڪ ۾ هڪ افراتفري جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ۽ نتيجي ۾ اڄوڪي صورتحال پيدا ٿي.
ورهاڱي جي حوالي سان گھڻو ڪجھ لکيو ويو آهي. جڏهين ته اها هڪ ذاتي وارتا هئڻ سان گڏوگڏ ان وقت جي صورتحال جو انساني نڪته نگاه کان هڪ تنقيدي جائزو آهي جيڪو پڙهندڙ کي سوچڻ لا۽ نوان زاويا ڏئي ٿو.