ڪتاب ڪھاڻيون ڪردار
گھڻا نوجوان جيڪي هونئن ئي پنهنجي ليکي ادبي ۽ سياسي طور سرگرم هئا ان سٿ ۾ شامل ٿيا. انهن ۾ هڪ اهم نالو منوج ڪمار جو آهي. منوج ڪجھ عرصو ڪراچي ۾ رهڻ کان پوء هالا هليو ويو پر گڏيل دوستن وسيلي سندس خبر چار ملندي رهندي آهي. گھڻن لاء سياسي سرگرمين جي ختم ٿيڻ کانپوء پنهنجي شخصيت جي توازن کي برقرار رکڻ جو واحد ذريعو ڪتاب ۽ لکڻ پڙهڻ جو عمل هو. ساڳي ريت منوج به اها ئي واٽ اختيار ڪئي هئي. ڪتاب وٺڻ، پڙهڻ ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ اڃا تائين سندس اهم سرگرمي رهندي آئي آهي. مون سندس ڪتابن مان ان نموني فائدو حاصل ڪيو هو ته جڏهين سنڌي ادبي بورڊ پاران مون کي ڊاڪٽر زواگو جي ترجمي جو ڪم ڏنو ويو ته مون کي ان ناول جو انگريزي ايڊيشن منوج کان ئي ملي سگھيو هو.
منوج اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم ۽ مضمون وغيره لکندو رهيو آهي. هاڻي انهن جي چونڊ کي هن ڪتابي صورت ۾ ڪتاب، ڪهاڻيون ڪردار جي نالي سان ڇپائي سامهون آندو آهي. ان ڪتاب ۾ ايڪونجاه مضمون شامل آهن جن کي هن موضوع جي حوالي سان ٽن حصن ڪردار، ادب ۽ ٻولي ۽ سماج، تاريخ ۽ ماحوليات ۾ ورهايو آهي. ائين کڻي چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته اهو ليکڪ جي مطالعي ۽ مشاهدي جو نچوڙ آهي. مختلف ڪارڻن جي ڪري هو سياسي تجزين کان پري رهيو آهي. پهريون ۽ ٻيون حصو سنڌي ۽ پرڏيهي ادب، اديبن ۽ ٻولي جي معاملن سان لاڳاپيل آهي.هو سنڌي پڙهندڙن کي پرڏيهي اديبن جي ڪجھ اهم نالن جهڙوڪ اسٽيفن زويگ، جيمس جوائس، آرٽ بڪوالڊ ۽ خاص طورتي پولش صحافي ۽ ناول نگار ڪاپوشنسڪي جي شخصيت ۽ فن کان متعارف ڪرائي ٿو جڏهين ته پئبلو نرودا ۽ عمر خيام کان گھڻا سنڌي پڙهندڙ اڳ ئي واقف آهن. باب ڊئلن کي ادب جي نوبل انعام ملڻ تي سوال جيتوڻيڪ اهم آهي پر ساڳي وقت اها ڳالھه پڻ اهم آهي ته سندس شاعري ۽ موسيقي جنهن جو ماڻهن تي هڪ ديرپا اثر رهيو آهي ان کي ڪهڙي خاني ۾ وجھي سگھجي ٿو. هونئن به مختلف شعبن ۽ خاص طور تي ادب جي شعبي نوبل انعام ادب جي ٻين انعامن جي ڀيٽ ۾ گھڻي ڀاڱي متنازعه ئي رهندو آيو آهي. ان ڀاڱي ۾ اياز، حليم بروهي ۽ فيض تي به مضمون آهن. انهن لکڻين ۾ ليکڪ جو گھڻي ڀاڱي انهن سان هڪ عقيدت ۽ محبت جو اظهار آهي. خاص طور تي اياز ۽ حليم تي لکڻيون مٿن ٿيندڙ تنقيد جو ردعمل آهن. ليکڪ جيڪڏهين پنهنجي جذباتي وابستگي کي پاسيرو رکي انهن ٻنهي جي ڪم ۽ شخصيت جو تنقيدي جائزو وٺي ها ته وڌيڪ بهتر ٿئي ها.
آئون سمجھان ٿو ته ليکڪ جي اها تجويز ته سنڌي ادبي سنگت کي رضاڪارانا طور ختم ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي فنڊز، پلاٽ ۽ سرڪاري گرانٽ وغيره کي سنڌ سائنس سوسائٽي کي اڳتي وڌائڻ لاء استعمال ڪرڻ گھرجي هڪ اهم تجويز آهي. سنگت کي هن وقت ذاتي ۽ سياسي مفادن لاء گھڻو استعمال ڪيو پيو وڃي. هيڊ آفيس جي تعمير جي سلسلي ۾ فنڊن تان جيڪا ڄنڍا پٽ لڳي پيئي آهي ان سنگت جي ساک گھڻو نقصان پهچايو آهي. پر ڳالھہ اها آهي ته اهي ماڻهو سنگت مان هٿ نه ڪڍندا ۽ جيڪڏهين سائنس سوسائٽي يا ٻيو ڪو ادارو ٺاهڻو آهي ته ان جي لاء ڌار ڪوششون وٺڻيون پونديون.
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي جي حوالي سان سندس ٻه مضمون هڪ محبوب شهر سان ٽٽندڙ رشتي جو داستان ۽ اندر جو شهر ۽ شهرن جا اندر متاثر ڪندڙ آهن. ڪٿي شهر جي ماڻهن کان وڌيڪ ان جون جايون، روڊ رستا ۽ ماحول اهم هوندو آهي ته ڪٿي شهر جا ماڻهو اتان جي سڃاڻپ هوندا آهن. ليکڪ جو حيدرآباد سان هڪ جذباتي لڳاء ته آهي ۽ ان جي موجوده حالت کيس ڏکوئي به ٿي پر هو سمجھي ٿو ته سندس ذهني اوسر ۾ ڪراچي ۽ اتان جي دوستن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هن حصي ۾ ماحوليات جي حوالي سان ٻه اهم مضمون سنڌ ۾ ماحولياتي قتل عام تي اسان جي لاپرواهي ۽ ڇا اسان ڌرتي کي قتل ڪري ڇڏينداسين هن ڪتاب ۾ شامل آهن. اهو موضوع پوري دنيا ۾ هن وقت بحث هيٺ آهي. اسان وٽ جيتوڻيڪ ان کي جوڳي اهميت نه ٿي ڏني وڃي پر ان جا اثر واضح طور اسان جي سماجي ۽ معاشي زندگي ۾ ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. جپسين متعلق مضمون ان لحاظ کان اهم آهي ته هن وقت ان ڳالھه تي گھڻا محقق متفق آهن ته انهن ماڻهن جا ابا ڏاڏا سنڌ مان ئي دنيا جي مختلف حصن ۽ يورپ ڏانهن ويا آهن.
جيڪڏهين اهو ڏسجي ته ڪتاب جو مرڪزي نڪتو ڇا آهي ته اهو رڳو سنڌ ۽ ان سان محبت آهي. سنڌي ماڻهن سان لاڳاپيل مختلف مسئلن کي ليکڪ ان نڪته نظر کان ئي بحث هيٺ آندو آهي ته جيئن انهن کي حل ڪري سنڌي سماج جي حالت کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگھجي. ان لحاظ کان مختلف مضمون بحث جي لاء هڪ بنياد فراهم ڪري سگھن ٿا.