سپنن جو سرجڻهار: هڪ اتساهيندڙ ڪٿا
منهنجي آڏو هن وقت سندس حميراشتياق سان گڏجي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب VISION جو اسلم خواجه جو ڪيل سنڌي ترجمو سپنن جو سرجڻهار آهي. ان متعلق شير شاه لکي ٿو ته امان عطيه ظفر جا انيڪ مريض ۽ سندن ڪٽنب ڀاتي سنڌي ڳالھائيندڙ آهن، ڇاڪاڻ جو هو ملير جي انهن علائقن ۾ ڪم ڪندي رهي جتي سنڌي ۽ بلوچي ڳالھائيندڙ ٿانيڪو آهن. جڏهين انگريزي ڪتاب جي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رونمائي ٿي ته امان جي انيڪ مريضن ۽ منهنجن تمام گھڻن سنڌي دوستن رابطو ڪري چيو ته جيتوڻيڪ هنن ڪتاب ته پڙهي ورتو آهي پر جيڪر ان جو سنڌي ۾ ترجمو ٿئي ته ڏاڍو ڀلو ڪم ٿي ويندو.
هن ڪتاب کي هونئن شير شاه جي پنهنجي ڪٿا به ليکي سگھجي پيو پر دراصل اها سندس خاندان جي ڪٿا آهي ۽ خاص طور تي پنهنجي پي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي جنهن پنهنجي زال سميت پنهنجن سڀني گھرڀاتين وغيره جي تعليم لاء غيرمعمولي جاکوڙ ڪئي. بهار جي علائقي ديسينا سان تعلق رکندڙ اهو خاندان شروع کان ئي سياست سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس جد امجد مير ڀوجا انگريزن خلاف 1857 جي آزادي جي جنگ جو اهم ڪردار هو جنهن کي جاسوسن جي مدد سان گرفتار ڪري اذيتون ڏيئي ۽ پوء ٽياس تي ٽنگيو ويو ۽ سندس سموري جائداد کي ضبط ڪيو ويو.
آزادي کان اڳ شيرشاه جو ڏاڏو مسلم ليگ سان لاڳاپيل هو جڏهين ته سندس پي ابو ظفر ڪانگريس جو ڪارڪن هو. کيس شروع کان ئي مختلف شين ڪرڻ جي عادت هوندي هئي. ڳوٺ ۾ سڀ کان اڳ ريڊيو هن متعاف ڪرايو جنهن کي گھڻا مذهبي ماڻهو ان وقت بدعت قرار ڏيندا هئا. هو ڪانگريس ۾ سڀاش چندر بوس کان متاثر هو ۽ ورهاڱي کان اڳ پٽنا ميونسپالٽي جو نائب ميئر پڻ رهي چڪو هو.
ورهاڱي کان اڳ بهار ۾ ٿيل فرقيوارانا فسادن جي ڪري گھڻا مسلم خاندان لڏي اچي ڪراچي جي لياري جي علائقي ۾ رهيا هئا. اهو علائقو آتما رام پريتم داس روڊ، جيڪو هاڻي شاه لطيف روڊ سڏجي ٿو، جي پڇاڙي ۾ لياري نئين سان لڳ آهي ۽ ان حوالي سان ان وقت کان ئي بهار ڪالوني سڏجي ٿو. ابو ظفر جي خاندان به پاڪستان اچڻ کان پوء رهڻ لاء ان علائقي جي ئي چونڊ ڪئي. هڪ لحاظ کان اهو جهڙو اسان جو ئي پاڙو هو. ڇاڪاڻ ته روڊ جي ٻئي پاسي حاجي محمد اسماعيل روڊ تي اسان جو گھر هو. ابو ظفر پاڪستان ۾ پاڻ کي سياست کان پاسيرو رکي سڄو ڌيان تعليم تي ڏنو. علائقي ۾ هن هڪ اسڪول قائم ڪيو جنهن جو بنيادي مقصد لڏي آيل خاندانن جي ٻارن کي تعليم ڏيڻ هو.
شير شاه جو چوڻ آهي ته گھر جا اٽڪل سڀ اهم معاملا سندس پي جي چوڻ موجب هلندا هئا. ان وقت سندس ماء کي رڳو قرآن پڙهڻ ايندو هو ۽ هو ٻي ڪا تعليم حاصل نه ڪري سگھي هئي. سندس پي کيس وڌيڪ تعليم حاصل لاء اتساهيو. نه رڳو هو کيس پاڻ گھر ۾ پڙهائيندو هو پر هن ان جي لاء استادن جو بندوبست ڪيو جيڪي کيس مختلف شعبن جي تعليم ڏيندا هئا. ان وقت عطيا ظفر چئن ٻارن جي ماء هئي ۽ خاندان جي مختلف فردن پاران ان مرحلي تي سندس تعليم جي مخالفت به ڪئي ويئي پر ابو ظفر ان کي گھڻي اهميت نه ڏني.
ابو ظفر متعلق هڪ دلچسپ ڳالھہ اها آهي ته هو چاهيندو هو ته سندس زال ڊاڪٽر بڻجي. ان لاء نه رڳو هن ڪراچي ۾ سندس لاء تعليم جو بندوبست ڪيو پر ان کي اوڀر بنگال جي شهر چٽاگانگ به موڪليو. اها ڪيتري نه دلچسپ ڳالھه هوندي ته هڪ وقت ماءُ ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ آخري سال جي شاگردياڻي هئي جڏهين ته سندس وڏو پٽ ٽيپو سلطان ساڳئي ڪاليج ۾ پهرئين سال جو شاگرد هو ۽ ماءُ جون ساهيڙيون کيس ان ڳالھہ تي چيڙائينديون هيون. ابو ظفر جي اها خواهش هئي ته سندس سڀ ڌيئرون، پٽ، ننهون ۽ ناٺي ڊاڪٽر هجن. هن ان ڳالھہ تي عمل به ڪيو.ِ شيرشاه هن ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿو ته هن وقت سندن خاندان ۾ ڪل ٻائيتاليھه ڊاڪٽر آهن. ممڪن آهي ته ڪتاب لکجڻ کان هيستائين ان ۾ اڃا واڌارو ٿيو هجي.
اهو خاندان لياري مان لڏي ملير ۾ اچي رهيو هو. هن وقت نيشنل هائي وي تي ڪالا بورڊ وٽ عطيه ظفر جي نالي سان عطيه هاسپيٽل آهي. ڪراچي ۾ هنگامن هلندي هڪ ڀيري سندس ڀاء سراج کي ڪنهن سياسي تنظيم سان لاڳاپيل همراه پنهنجن ڦٽيل همراهن جي علاج لاء اغواء ڪري کڻي ويا. پوء جڏهين کين اها خبر پيئي ته هو انيسٿيسيا يا آپريشن کان اڳ بيهوش ڪرڻ وارو ڊاڪٽر آهي ته کيس واپس ڇڏي ويا. ان کان پوء سندن پي چيو ته هائي وي تي رهڻ جوکم جو ڪم هو ۽ اسان کي هتان منتقل ٿيڻ گھرجي. اهڙي ريت سندن اسپتالون وغيره ته ان علائقي ۾ ئي آهن پر انهن پنهنجي رهائش هتان منتقل ڪري ڇڏي.
شيرشاه رڳو سرسري طور اين ايس ايف سان پنهنجن لاڳاپن ۽ سياسي سرگرمين وغيره جو ذڪر ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ کيس ملڪ ٻه ڇڏڻو پيو هو. اهو شايد ان ڪري به آهي ته اها شيرشاه جي پنهنجي نه پر سندس خاندان ۽ خاص طور تي ماء پي جي ڪٿا آهي. اهڙن ماڻهن جي ڪٿا جن ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. اهو ڪتاب گھڻن ماڻهن لاء اتساه جو باعث ٿي سگھي ٿو.
اسلم خواجه هن ڪتاب کي سنڌي روپ پهرايو آهي ۽ پڙهندي اهو محسوس نه ٿو ٿئي ته اهو واقعي ترجمو آهي. هڪ سٺي ڪتاب جو سٺو ترجمو سنڌي ادب ۾ هڪ بهتر واڌارو آهي.