دجلا ۽ فرات جو ڌٻڻن وارو علائقو
هتي مختلف ڳوٺ آهن جن جو لاڳاپو هڪ ٻئي سان رڳو ٻيڙين ذريعي رهي ٿو. ماڻهن جو گذارو سارين ۽ ٻي پوک ڪرڻ، مينهون پالڻ ۽ مڇين وغيره مارڻ تي آهي. تاريخي حوالي سان اهو نهايت اهم علائقو رهيو آهي. اها سرزمين بابل ۽ سميري تهذيب جو مرڪز رهي آهي ۽ هتي رهندڙ عربن کي سميرين جا وارث ڪري ليکيو ويندو آهي. هتي دنيا جي ٽن اهم قديم مذهبن جنم ورتو آهي. مينديئن ۽ ان ئي مذهب جي پوئلڳ جي گھر پيدا ٿيندڙ ماني جنهن هڪ نئين مذهب جي بنياد وڌي. ساڳي ريتِ يزيدي مذهب جي پڻ هن علائقي مان شروعات ٿي.
1950 جي ڏهاڪي ۾ انهن ڌٻڻن واري علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن جي آبادي پنج لک هئي. ان وقت حڪومت پاران ان زمين، کي زراعت، تيل جي ڳولها ۽ ٻين مقصدن لاء استعمال ڪرڻ لاءِ پاڻي جي نيڪال ۽ علائقي کي خشڪ ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو. جيڪو 1970 جي ڏهاڪي تائين معمول موجب هلندو رهيو. 1980 ۽ 1990 جي ڏهاڪن ۾ صدام حسين جي دور ۾ ان ۾ اڃا تيزي اچي ويئي. خاص طور عراق جي ڪويت تي حملي ۽ صدام جي شڪست کانپوء اهو عمل اڃا وڌيڪ تيز ٿي ويو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو هو ته ماڻهن جي روزگار جي ذريعن جي ختم ٿيڻ جي ڪري انهن پاڻ علائقي مان لڏڻ شروع ڪيو ۽ ٻيو هتي جيڪي مختلف مذهبن ۽ عقيدن جا ماڻهو آباد هئا انهن کي حڪومت پاران ملڪ جي سلامتي لاء خطرو سمجھي هتان لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڏٺو وڃي ته مينديئن، يزيدي ۽ ماني جي پوئلڳن جو هڪ ٿورو تعداد هتي رهندو هو جيڪي هميشه حڪومت سان گڏ ۽ ان جا حمايتي ئي هوندا هئا ۽ حڪومت کي انهن مان ڪو خطرو نه هوندو هو. انهن مان گھڻا ماڻهو ملڪ جي ٻين علائقن ۽ شهرن ڏانهن لڏي ويا. پر سياسي عدم استحڪام ۽ داعش ۽ ٻين مذهبي قوتن جي زور وٺڻ جي ڪري عراق جي سيڪيولر حيثيت متاثر ٿي ۽ مذهبي ٿورايون عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويون. ان جو اندازو خاص طور عراق ۽ شام جي مختلف علائقن تي داعش جي قبضي کانپوء يزيدين سان ڪيل ورتاء مان لڳائي سگھجي ٿو. ان ڪري انهن ماڻهن جي گھڻائي کي آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ڏانهن لڏڻو پيو. پاڻي ۾ رهڻ جي ڪري انهن ماڻهن جي مذهبن ۾ پاڻي جي هڪ خاص ۽ پوتر حيثيت آهي. اهي جتي ۽ جن ملڪن ۾ به ويا آهن اتي انهن پنهنجين انهن روايتن کي برقرار رکيو آهي.ِ دريا ۽ پاڻي جا ٻيا ذخيرا سندن لاء پوتر حيثيت جا حامل رهيا آهن.
دراصل صدام لاء اهم مسئلو اهو هو ته هتي ٻين مذهبن جي ڀيٽ ۾ شيعن جي گھڻائي هئي. عراق ۾ گھڻائي هوندي به شيعن سان امتيازي ورتاءُ ٿيندو رهيو هو ۽ اهي لاڳيتو رياستي ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار رهندا ٿي آيا. صدام جي حڪومت پاران کين هميشه پنهنجي لاء خطرو سمجھيو ٿي ويو ۽ شڪ جي نگاه سان ٿي ڏٺو ويو. ان ڪري صدام جي شڪست ۽ آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن جي هشي ڏيڻ تي بصره سميت انهن علائقن جي ماڻهن اهو سمجھيو ته صدام جيڪي ساڻن ناانصافيون ۽ ظلم ڪيا هئا اهو ان سڀ جي بدلي وٺڻ جو وقت هو جنهن ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ ٻيا سندن اتحادي سندن مدد ڪندا. پر اهو ڄڻ ساڻن دوکو ڪيو ويو هو. ڪنهن به ملڪ پاران سندن ساٿ نه ڏنو ويو ۽ صدام کي منهن ڏيڻ لاء کين اڪيلو ڇڏيو ويو. صدام نهايت وحشياڻي نموني ان بغاوت کي ڪچلي ڇڏيو. هزارين ماڻهن کي ماريو ۽ گرفتار ڪري ايذاء گھرن ڏانهن اماڻيو ويو. گھڻن مخالفن ڀڄي اچي انهن ڌٻڻن ۾ پناه ورتي. هتي رهندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسان وٽ جيڪو ماڻهو پناه وٺڻ ايندو آهي اسان ان کي پناه ڏيندا آهيون پوء ڀلي هو حڪومت جو مخالف ڇو نه هجي. حڪومت پاران جيتوڻيڪ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر وغيره موڪليا ويا ۽ هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو پر ان علائقي ۾ گھربل ماڻهن کي هٿ ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم هو ۽ اڪثر ڪري ان سلسلي ۾ حڪومت کي ناڪامي کي ئي منهن ڏيڻو پيو هو.
ان جو حل اهو سوچيو ويو ته پاڻي نيڪال ڪري انهن ڌٻڻن کي ئي ختم ڪيو وڃي. ان مقصد لاء مختلف جاين تي ننڍا ڊيم، بند، نهرون ۽ ٻيون رڪاوٽون ٺاهيون ويون ته جيئن پاڻي جو رخ ٻئي پاسي ڪري سگھجي. 2003 ۾ عراق ۾ آمريڪي فوجن جي اچڻ وقت انهن ڌٻڻن جو نوي سيڪڙو ختم ٿي چڪو هو ۽ باقي ڏه سيڪڙو وڃي باقي بچيو هو جڏهين ته آبادي گھٽجي ويھه هزار وڃي رهي هئي. انهن مان گھڻا ماڻهو ايران ڏانهن لڏي ويا هئا. گھڻن پکين ۽ جانورن جا قسم ختم ٿي ويا ۽ گھڻن جو جياپو خطري ۾ آهي.
2003 کانپوءِ انهن جي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويو. گھڻن ڊيمن ۽ ٻين رڪاوٽن وغيره کي ختم ڪيو ويو. رابرٽ فسڪ جڏهين عراق ۾ آمريڪي فوجن جي اچڻ وقت پهتوهو ته هن علائقي جي ماڻهن کيس ٻڌايو ته جڏهين اسان وري پاڻي اچڻ جو آواز ٻڌو ته اسان اتي پنهنجن گھرن ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو. هتان ايران لڏي ويل گھڻا ماڻهو وري پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي آيا آهن. جيتوڻيڪ 2006 تائين ڌٻڻن جو اٺونجاه سيڪڙو بحال ٿي ويو هو. پر هڪ ته سوڪهڙي ۽ بيو دريائن جي ترڪي، ايران ۽ شام وارن مٿين علائقن ۾ ڊيمن جي ٺهڻ ڪري هتي پاڻي گھربل مقدار ۾ نه ٿو پهچي. ان ڪري گھڻن علائقن ۾ ڪلر جي ڪري زمين خراب ٿي ويئي آهي ۽ هاڻي اهي رڳو ٽيه سيڪڙو تائين ئي بحال ٿي سگھيون آهن.
اهو ممڪن نه ٿو لڳي ته ڌٻڻين جو اهو علائقو مڪمل طرح يا گھڻي حد تائين وري بحال ٿي سگھي. ان جي تباهي ماحولياتي لحاظ کان انسان ذات لاء هڪ وڏو هاڃو آهي.