مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ڪاني نڪاح

خالد طور جي ناولن ۽ ڪهاڻين جا موضوع گھڻي ڀاڱي اتر پنجاب جي ڳوٺاڻي زندگي ۽ ان جي رسم رواجن سان لاڳاپيل آهن. ڪاني نڪاح سندس هڪ اهم ناول آهي. سنڌ ۾ اسان قرآن سان نڪاح وارو رواج ٻڌو آهي ۽ ان متعلق لکيو به ويو آهي پر اها ان کان بلڪل ئي مختلف رسم آهي ۽ هن ناول جي پڙهڻ کان اڳ مون کي ان جي گھٽ ۾ گھٽ خبر نه هئي.
هي اتر پنجاب جي ڳوٺ حاصل جي ورهاڱي کان اڳ جي ڪهاڻي آهي جيڪا ليکڪ کي سندس ڳوٺ کوڙ جي هڪ بزرگ پير علي، جنهن پاڻ ان رسم جو مشاهدو ڪيو هو، ٻڌائي. حاصل جي ڳوٺ ۾ جڏهين مهاڀاري جنگ هلندي انگريز آفيسر جوانن کي ڀرتي ڪرڻ لاء اچن ٿا ته اتان جو هڪ جوان امير خان فوج ۾ ڀرتي ٿي هليو وڃي ٿو. امير خان پنهنجي سوٽ سان مڱيل هجي ٿو. سندس وڃڻ جي ڪجھ وقت کانپوء سندس چاچو سندن گھر اچي ٿو ۽ سندس ماء پي کي چئي ٿو ته امير خان کي جلدي چٺي لکي گھرائي وٺو. ڇاڪاڻ ته هو هاڻي وڌيڪ پنهنجي ڌي کي نه ٿو ويهاري سگھي ۽ ڳوٺ جا ڪجھ ٻيا ماڻهو به سندس سنڱ پيا گھرن. امير خان جو پي کيس ٻڌائي ٿو ته هن وقت امير خان برما يا ٻئي ڪنهن محاذ تي ملڪ کان ٻاھر آهي ۽ خط وسيلي ساڻس رابطو ممڪن ناهي. بهرحال هو جلد ئي موڪلن تي ڳوٺ ايندو ته شادي ڪري ڇڏينداسين. پر سندس چاچو ان ڳالھہ تي راضي نه ٿو ٿئي ۽ زور ٿو ڀري ته کيس ڪنهن به صورت ۾ گھرايو. گھڻي هڻ هڻان کان پوء نيٺ امير خان جي ماء ان جو حل ڪڍندي چئي ٿي ته ٺيڪ آهي ته اسان ڪاني نڪاح ڪيون ٿا،ِ ڇوڪري کي پنهنجي گھر وٺي اچون ٿا ۽ پوء جڏهين امير خان ايندو ته باقاعدي شادي جون رسمون ادا ڪيون وينديون.
اهو ڪاني نڪاح ڄڻ هڪ طريقي سان ڪنوار کي گھوٽ جي امانت طور محفوظ رکڻ آهي. ڪجھ ماڻهن کي ان مقصد لاء ان علائقي ڏانهن اماڻيو وڃي ٿو جتان وڻن جون سنهڙيون ٽاريون ملن ٿيون ۽ پوء انهن ٽارين مان هڪ گڏو ٺاهي ان کي گھوٽ جيان سينگاريو وڃي ٿو. باقاعدي شادي جيان ڳوٺ وارن کي ان جون دعوتون ڏنيون وڃن ٿيون، کاڌا تيار ڪيا وڃن ٿا ۽ جيئن ڄڃ دهل دمامن سان ڪنوار جي گھر ويندي آهي ائين گڏي کي گھوڙي تي ويهاري ڪنوار جي گھر وڃي ٿي ۽ ڪنوار کي گھوٽ جي گھر آندو وڃي ٿو.
جنهن ڪمري ۾ ڪنوار کي ويهاريو وڃي ٿو ان جي در تي گڏي کي ٽنگيو وڃي ٿو. مقصد اهو ته اهو جيسين امير خان نه ٿو اچي تيسين ڪنوار جي حفاظت ڪندو. گھوٽ جي موٽڻ تائين ڪنوار تي اها پابندي هجي ٿي ته اها رڳو صبوح جو سج اڀرڻ کان اڳ ۽ شام جو سج لٿي کانپوءِ پنهنجي ساهيڙين سان ڪمري مان ٻاهر نڪري سگھي ٿي جڏهين ته باقي سڄو وقت کيس ڪمري ۾ ئي گذارڻو آهي ۽ پل پل ڳڻي اميرخان جو اوسيئڙو ڪرڻو آهي.
ٿئي ائين ٿو ته هڪ ڀيري زبردست واچوڙي ۾ گڏي جي ٻانهن ڀڄي پئي ٿي. سڀني کي ۽ خاص طور ڪنوار سناران ۽ اميرخان جي ماء پيء کي نشويش وڪوڙي وڃي ٿي ته هاڻي الاهي ڇا ٿيندو پر ماڻهو کين تسلي ڏين ٿا ته گڏي جي رڳو ٻانه ڀڳي آهي ۽ اهو هيٺ پٽ تي نه ڪريو آهي سو مڙيئي خير آهي امير خان کي ڪجھ به نه ٿيندو. ان وچ ۾ شيشو،جنهن جي ماء اڳ سناران جو سڱ گھريو هو اهو چوندو ٿو وتي ته هو سناران کي بيوه ٿيڻ نه ڏيندو ۽ جيڪڏهين اميرخان جنگ ۾ مارجي ويو ۽ جيئرو نه موٽيو ته هو سناران سان شادي ڪندو.
ايتري ۾ اها خبر پئي ٿي ته اميرخان ڪجھ ڏينهن ۾ موٽي رهيو آهي. هر ڪو سندس شادي جي تيارين ۾ لڳي ٿو وڃي. رسم موجب گھُوٽ کي چيو ويندو ته ڪنوار ته ڪاني جي آهي ۽ ڪاني جي هوندي کيس نه ملندي. کيس هڪ ڪهاڙي ڏني وڃي ٿي جنهن سان هو ڪاني جو سر لاهي ٿو ۽ پوء ئي سندس نڪاح ٿي سگھي ٿو. امير خان موٽڻ کانپوء تيار ٿي جڏهين ان رسم جي ادا ڪرڻ لاء گھر وڃي ٿو ته جنهن همراه کي کيس ڪاني جي سر لاهڻ لاء ڪهاڙي ڏيڻي هجي ٿي ان کان اها ڪهاڙي شيشو کسي اميرخان جي مٿي تي وهائي ڪڍي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ امير خان جو موت واقع ٿئي ٿو. شيشو پاڻ به گولي لڳڻ ڪري مارجي وڃي ٿو ۽ ڪنوار جو ان ڏک ۾ انتقال ٿي وڃي ٿو.
اهو نه ٿي چئي سگھجي ته اها رسم اڃا به اتر پنجاب جي ڪجھ علائقن ۾ جاري آهي يا هاڻي ختم ٿي ويئي آهي.