مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

بائبل ۽ يهودين جي تاريخ جو هڪ پاسو

ليسلي هيزلٽن مختلف مذهبن جي مختلف پاسن تي تحقيق جي حوالي سان هڪ اهم ليکڪ سمجھيو وڃي ٿو. سندس تازي آيل ڪتاب JEZEBEL: The Untold Story of the Bible’s Harlot Queen جو واسطو بائبل جي اٽڪل ٽي هزار سال يا نو سو سال قبل مسيح جي يهودين جي تاريخ جي هڪ اهم قصي سان آهي.
هڪ لحاظ کان اهو ڄڻ هڪ خدا جي مڃيندڙن، اسرائيل جي رهاڪن، ۽ ڀرواري ملڪ طائر جي شهزادي جيزبيل، جيڪا اسرائيل جي بادشاه اهب سان شادي ڪري اسرائيل اچي ٿي ۽ جيڪا بال، اشتر ۽ ٻين گھڻن خدائن جي پوئلڳ هجي ٿي، ۾ اختلاف ۽ تنازعو آهي.
موجوده فلسطين ۾ اتر ۽ ڏکڻ ۾ اسرائيل ۽ يهوديه جي نالن سان يهودين جون ٻه رياستون هونديون هيون. شروع ۾ اترجي رياست ڪمزور هوندي هئي ۽ ڏکڻ جي اثر ۾ هوندي هئي پر پوءِ ان پنهنجي حيثيت ۽ خودمختاري بحال ڪري ورتي.
اسرائيل جي بادشاه اهب جو جيزبيل سان شادي ڪرڻ جو مقصد پنهنجي رياست ۽ اقتدار جي مضبوطي هجي ٿو. هو جيزبيل، جنهن سان گڏ طائر مان سندس مذهب جي راهبن ۽ راهبائن جو هڪ وڏو تعداد پڻ اچي ٿو، جي عبادت لاء هڪ ڌار مندر ٺاهي ٿو جنهن ۾ ان جي ديوي ديوتائن کي رکيو وڃي ٿو. اها ڳالھه ان وقت اسرائيل جي پيغمبر اليجا کي پسند نه ٿي اچي ۽ هو ان کي پنهنجي خدا يهوا جي نافرماني تصور ڪري ٿو.ِ ساڳي وقت راڻي جيزبيل سان سندس هڪ عناد پيدا ٿي پئي ٿو.
جيزبيل کي بائبل ۾ هڪ بدڪردار ۽ وئشيا جي روپ ۾ ان ڪري پيش نه ڪيو ويو آهي ته اها واقعي ائين هئي پر ان جو بنيادي ڪارڻ سندس انهن ديوي ديوتائن جي پوڄا ۽ عبادت هو جنهن کي ڪفر سمجھيو ويو ٿي.
ان وقت اهو اصول هجي ٿو ته جنگ ۾ جيئن ته اتان جي خدا جي آشيرواد حاصل هجي ٿي ان ڪري جنگ کٽڻ جي صورت ۾ اهو ضروري هجي ٿو ته دشمن جي باقي بچيل سڀني سپاهين کي ان خدا جي نالي ۾ قربان ڪيو وڃي. پر اهب دمشق سان جنگ کٽڻ جي صورت ۾ ائين نه ٿو ڪري ۽ رياستي مفادن کي نظر ۾ رکندي ان بادشاه کي معاف ڪري ان سان صلاح نامو ڪري ٿو. پيغمبر اليجا ان ڳالھہ کي يهوا جي نافرماني خيال ڪري ٿو ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي بدترين ڏڪر جي بددعا ڏئي ٿو. اهو ڏڪر لاڳيتو ٻه ٽي سال هلي ٿو.
اهب جو هڪ ٻيو ڪم پڻ يهوا ۽ سندس پيغمبر اليجا جي ناراضگي جو ڪارڻ بڻجي ٿو. هو هڪ همراه نبوت کان سندس زمين وٺڻ چاهي ٿو پر هو ان کي ڏيڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته کيس اها يهوا پاران ڏني ويئي آهي. جيزبيل مختلف حيلا وسيلا هلائي ان شخص کي قتل ڪرائي ان زمين کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ٿي. اها ڳالھہ اهب لاء ته هڪ ڏوه بڻجي ٿي پر اها ساڳي ڳالھہ موجوده اسرائيل لاء بائبل مان هڪ جواز طور پيش ڪئي وڃي ٿي ته کين اها زمين سندن خدا يهوا پاران ڏني ويئي آهي اهڙي ريت ان تي سندن ئي حق آهي.
نيٺ اليجا وري ظاهر ٿئي ٿو. هو جيز بيل جي خدائن جي پروهتن کي چئلنج ڪري ٿو ته ٻنهي مان جنهن جو خدا صحيح هوندو اهو مينهن وسائڻ ۽ ڏڪر کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. بال ۽ اشتر جا پروهت ان ۾ ڪامياب نه ٿا ٿين جڏهين ته يهوا جو پيغمبر اليجا ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو ۽ مينهن پوڻ سان ڏڪر ختم ٿئي ٿو. ماڻهن جي ان خوشي ۽ جوش وخروش جو فائدو وٺندي هو کين انهن سوين پروهتن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو جنهن تي عمل ڪيو وڃي ٿو.
هو پنهنجي خدا جي سوڀ ۽ جيزبيل جي خدائن جي هار ۽ پروهتن جي قتل جي خبر ڏيڻ لاء سندس محل ۾ پهچي ٿو پر هتي کيس هڪ ٻئي مسئلي کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. جيزبيل پروهتن جي قتل جو ٻڌي انتهائي ڪاوڙ ۾ اچي وڃي ٿي ۽ کيس چئي ٿي ته هو فوري طور هن ملڪ مان هليو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سڀاڻي کيس قتل ڪيو ويندو. اليجا اهو ٻڌي ڊپ ۾ وٺجي وڃي ٿو ته بال ۽ اشتر سندس انت آڻي ڇڏيندا. اهڙي ريت هو ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو.
سندس اها بزدلي ۽ ڊپ سندس خدا يهوا کي پسند نه ٿي اچي ۽ هو کيس پيغمبري تان برطرف ڪري سندس جا۽ تي نئين پيغمبر الياس کي مقرر ڪري ٿو. ان دوران اهب دمشق جي نئين حڪمران سان جنگ ۾ سوڀ ماڻيندي مارجي وڃي ٿو ۽ سندس جاء تي سندس پٽ حڪمران ٿئي ٿو. پيغمبر الياس مختلف حيلن وسيلن سان دمشق جي بادشاه ۽ فوجي ڪمانڊر کي پنهنجي دام ۾ آڻي ٿو ۽ کين اسرائيل جي نئين حڪمران سان جنگ لاء تيار ڪري ٿو. ان جنگ ۾ اسرائيل جو بادشاه معمولي زخمي ٿيڻ کانپوء ميدان مان ڀڄي وڃي ٿو ۽ الياس فوج جي ڪمانڊر جيهو کي چئي ٿو ته هاڻي تون بادشاه آهين ۽ يهوا جي حڪم جي پيروي ڪندي اهب جي سڄي خاندان کي ختم ڪري ڇڏ. جيهو بادشاه کي قتل ڪرڻ کان پوء جيزبيل کي مارڻ لاء محل ۾ پهچي ٿو.
جيزبيل کي اڳ ئي ان سڀڪجھ جي خبر هجي ٿي. هو بجائي ڊڄڻ يا ڀڄڻ جي همت سان ان کي منهن ڏيڻ لاء تيار ٿئي ٿي ۽ پنهنجن نوڪرن کي چئي ٿي ته کيس اهڙي ريت تيار ڪيو وڃي جيئن شادي وقت ڪيو ويو هو. هو هار سنگھار ڪري محل جي بالڪوني ۾ ويهي ٿي. جيهو سان سندس ڳالھہ ٻوله ٿئي ٿي ۽ هو محل جي خواجه سرائن کي حڪم ڏئي ٿو ته کيس ڌڪو ڏيئي هيٺ ڦٽو ڪيو وڃي. هيٺ ڪرندي هو گھوڙن جي سنبن ۾ لتاڙجي مارجي وڃي ٿي. اليجا جو جيزبيل کي چوڻ هو ته هو ان کي ڪتن کان کارائيندو ۽ اها ساڳي ڳالھہ جيهو کي به چئي ويئي هئي. پر هو کيس مارائڻ کانپوء جڏهين پنهنجي تاجپوشي جي جشن مان فارغ ٿئي ٿو ته نوڪرن کي حڪم ڏئي ٿو ته جيزبيل جي لاش کي دفن ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهين هو کيس ڪتن کان کارائي ٿو ته سندس ناتا پاڙيسري ملڪ طائر سان خراب ٿي سگھن ٿا جتان هو شادي ڪري آئي هئي. بهرحال جڏهين نوڪر لاش کي دفن ڪرڻ لاء پهچن ٿا ته اتي سوائي سسي ۽ هٿن جي ٻيو ڪجھ نه ٿو هجي جنهن کي ڪتن ميندي جي بو ڪري نه کاڌو هو.
ان سڄي صورتحال جي ڪري اسرائيل جي رياست جو استحڪام ختم ٿي ٿو وڃي. طائر پنهنجي شهزادي جيزبيل ۽ يهوديا پنهنجي بادشاه جي قتل ٿيڻ تي اسرائيل سان ناتا ٽوڙي ڇڏين ٿا. ٻئي پاسي اتر کان اسارين جي ڪاه سڄي ملڪ کي وکيري ڇڏي ٿي ۽ اسرائيل جي ماڻهن کي لوڌي پنهنجي ڏيه مان نيڪالي ڏني وڃي ٿي. يهودين جا اهي ڏه قبيلا ڪيڏانهن ويا ان متعلق اڃا رڳو انومان ئي آهن ۽ ڪا صحيح ڄاڻ ناهي.
ٻئي پاسي ڏکڻ ۾ يروشلم واري رياست به ٻاهرين ڪاهن کي منهن نه ٿي ڏيئي سگھي. پر انهن لاء هڪ ڳالھه اها فائديمند هئي ته انهن کي بابل ڏانهن نيڪالي ڏني ويئي جتي انهن ويهي پنهنجيون ڪهاڻيون ۽ داستان لکيا. اڳ خدا جو تصور ڌرتي ۽ وطن سان لاڳاپيل هو ۽ هر ملڪ جي ماڻهن جو پنهنجو ڌار خدا هو. هن جلاوطني ۾ ائين ٿيو ته خدا ڌرتي کان مٿانهون هڪ وڏي حيثيت اختيار ڪري ويو. حالتن سازگار ٿيڻ تي اهي ماڻهو جڏهين پنهنجي وطن موٽن ٿا ته وٽن خدا جو اهو نئون تصور هجي ٿو.