ڀورائي ۾ ڀال
جيتوڻيڪ سياسي حوالي سان اسان ٻيئي ڪڏهين به ساڳي جماعت ۾ نه رهيا آهيون پرسنگت جي حوالي سان مون پاڻ شاه محمد سان هڪ ڊگھو وقت گذاريو آهي. هڪ لحاظ کان ساڻس هڪ ذاتي تعلق ۽ دوستي وارو ناتو رهيو آهي ۽ مختلف نظرياتي، سياسي ۽ ادبي مسئلن تي پاڻ ۾ ڊگھيون ڪچهريون پڻ ڪندا رهيا آهيون. اهو چئجي ته بيجا نه ٿيندو ته گھڻين ڳالھين ۾ اسان سهمت هوندا آهيون. هن آتم ڪٿا ۾ خاندان جي مختلف پاسن کانسواءِ شاه محمد جي شخصيت جا ڪي نظرياتي اهڙا پاسا آهن جيڪي منهنجي لاءِ بلڪل نوان آهن. ساڻس ٿيندڙ ملاقاتن ۾ ان جا اشارا ته ملندا هئا پر انهن ملاقاتن ۾ پهرين جي ڀيٽ ۾ ڊگھن وقفن اچڻ جي ڪري انهن جي گهرائي ۽ تفصيل کان پوري ريت واقف نه هوس.
هن ڪتاب ۾ شاه محمد خاص طورتي پنهنجن چاچن، پيءُ ۽ ڏاڏي وغيره جي حوالي سان پنهنجي خانداني قدرن تي زور ڏنو آهي. نج ٻهراڙي سان تعلق هوندي به ان خاندان جو زمين کيڙڻ سان ڪو واسطو نه رهيو آهي. ان خاندان جو ڪو فرد نه ته هاري رهيو آهي ۽ نه ئي زميندار. فقيراڻي زندگي گذاريندي هن خاندان جو توجھ پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ ڏانهن گھڻو رهيو آهي، جنهن ڳالھه سندن معاشي ۽ سماجي حيثيت کي بدلائڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اهم ڳالھہ اها آهي ته اهو هاڻي هڪ خاندان ناهي ۽ هرڪنهن جا پنهنجا ڌار گھر، ٻار ٻچا ۽ مسئلا آهن. خاص طور تي وڏن شهرن ۾ اچڻ کان پوءِ جيڪو دٻاءُ هوندو آهي ان ۾ هڪٻئي جي خبر چار وٺڻ ڏکيو هوندو هو پر ان خاندان پاڻ ۾ اهو تعلق برقرار رکيو آهي ۽ گڏو گڏ هڪٻئي جي ضرورتن جو خيال پڻ رکيو آهي.
جيتوڻيڪ شاه محمد اها ڳالھه ڪندو آهي ته سندس عملي سياست سان ڪو واسطو ناهي رهيو، پر آئون سندس ان ڳالھه سان متفق ناهيان. جيڪڏهين سنگت سان سندس واسطو هو ته اهو سندس ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپي جي ڪري هو، جيئن هو انور ۽ ڄام ساقي جي ملاقاتن جو حوالو ڏئي ٿو، جنهن ۾ ڄام انور کي سنگت کي سرگرم ڪرڻ لاء چيو هو ۽ ساڳي وقت شاه محمد ان کي پارٽي جي هڪ اوپن پليٽ فارم طور مڃي ٿو. ساڳي وقت هو پارٽي جي مختلف ادارن جي گڏجاڻين ۾ پڻ شريڪ ٿيندو رهيو آهي. پارٽي ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا ۽ جيڪا ٽوڙ ڦوڙ ٿي ان متعلق به سندس پنهنجو هڪ واضح موقف آهي.
مون کي ساڳي وقت شاه محمد جي اها ڳالھه به سمجھ ۾ نه آئي آهي ته ماڻهو نظرياتي ۽ سياسي طور تي ڪيئن ڌار ٿي سگھي ٿو. اهو جواز نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو ته ڏيئي سگھن ٿا، جن جا سياست ۽ مذهب ٻنهي سان مفاد وابستا آهن پر شاه محمد جهڙي ماڻهو لاءِ اها عجيب ڳالھه آهي جنهن جو اهڙو ڪو به مفاد ڪونهي. هو پاڻ کي سياسي طور تي مارڪسٽ ڊيڪليئر ڪري ٿو جڏهين ته ساڳي وقت مذهب جي هڪ پنهنجي مرضي جي سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو مذهب سان پنهنجو ڪو رسمي تعلق ظاهر نه ٿو ڪري پر اهڙن ماڻهن سان واسطي ۾ اچي ٿو جن جو ڪرشمن ۽ ڪراماتن سان واسطو هجي ٿو. ڏٺو وڃي ته هن معاشري ۾ اهڙن ماڻهن جو هئڻ ڪا غيرمعمولي ڳالھہ ناهي ۽ اٽڪل هر ماڻهو جو زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي اهڙن ماڻهن سان واسطو پئي ٿو. رڳو اهو آهي ته ماڻهو انهن شين ۾ ڪيترو يقين رکي ٿو ۽ انهن کي ڪيتري اهميت ڏئي ٿو. دنيا ۾ گھڻا گرو، رشي ۽ پير ماڻهن جي انهن نفسياتي ڪمزورين مان فائدو وٺڻ لاء هر وقت تيار هوندا آهن ۽ سندن دوڪان هلندا رهندا آهن. بهرحال اها مثبت ڳالھہ آهي ته ليکڪ ان سڄي گورک ڌنڌي مان نڪرڻ لاء شعوري ڪوششون ورتيون ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿي ويو.
شاه محمد جيئن هو پاڻ به چئي ٿو ته سندس شخصيت ۾ بغاوت ناهي پر هرڪنهن سان ٺهي هلڻ آهي. سندس خاندان ۾ خاص طور مذهبي رجحان به رهيو آهي ۽ ساڳي وقت دهريت ۽ صوفي ازم جا لاڙا پڻ رهيا آهن. سندس شخصيت اهي ٻيئي اثر قبول ڪيا آهن ۽ انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪيو آهي پر ڪنهن ۾ به هو انتهائن تي نه ويو آهي ۽ ٻنهي جي چڱن ڳالھين کي گڏ کڻي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هي دور نظرياتي بحرانن جو دور آهي جنهن خاص طور تي باشعورماڻهن جي شخصيتن کي نظرياتي طور تي ورهائي ڇڏيو آهي. اها ٻڏ تر واري ڪيفيت ڪنهن ماڻهو جي ڪيستائين رهي ٿي اهي هرڪنهن جي پنهنجي شخصيت ۽ اوسي پاسي جي صورتحال تي منحصرآهي. بهرحال جلد يا بدير فيصلو ته ڪرڻو پئي ٿو.
هتي ريڪارڊ لاء لاهور ۾ ٿيل جمهوريت پسند ليکڪن جي ڪانفرنس جي حوالي سان اها درستگي ضروري آهي ته هڪ ته ان ڪانفرنس ۾ سنڌي ليکڪن جو جيڪو وفد ويو هو ان ۾ آئون به شامل هوس ۽ ٻي ڳالھه ته ان وفد ۾ قمر شهباز شامل نه هو.
آئون سمجھان ٿو ته اها آتم ڪٿا خاص طور تي شاه محمد جي سياسي، ادبي ۽ شخصيت جي ٻين مختلف پاسن جي حوالي سان اڻپوري آهي. ان کي سندس شخصيت جو هڪ خاڪو چئي سگھجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪيئي رنگ ڀرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڻ گھٽ ڳالھہائڻ وارو ماڻهو آهي پر ان جو مطلب گھٽ لکڻ ناهي. پڙهندڙ جي ان مان تسلي ڪونه ٿي ٿئي.
روس ۽ فرانس جي انقلابن لاء عام طور اهو چيو ويندو آهي ته ان وقت جي ادب ۽ اديبن ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالھہ ناهي ته اهي انقلاب ئي انهن اديبن ۽ سندن تخليق ڪيل ادب جي ڪري آيا. پر ڳالھہ اها هئي ته ان وقت انهن ملڪن ۾ جيڪي معاشي ۽ سماجي تبديليون اچي رهيون هيون ۽ سماج ۾ جيڪي نيون پيداواري قوتون جنم وٺي رهيون هيون انهن ليکڪن ان جو ادراڪ ڪيو، انهن کي سمجھيو ۽ انهن کي پنهنجي ادب جو موضوع ڪري نين قوتن سان گڏ ٿي بيٺا ۽ انهن کي اتساه ڏنائون. جيستائين انقلابن ۽ تحريڪن جي اڳواڻي جو سوال آهي ته اهو ڪم سياسي قوتن ۽ سياسي اڳواڻن جو هو ۽ انهن پنهنجو اهو ڪم بخوبي پورو ڪيو.
هن وقت سنڌ ساڳي ريت معاشي، سماجي ۽ ثقافتي تبديلي جي عمل مان گذري رهي آهي. تبديلي جو عمل سولو ناهي هوندو. اهو هڪ ڏکيو، منجھيل ۽ پيچيدو عمل هوندو آهي ۽ ان کي سمجھڻ لاءِ وڏي جاکوڙ جي ضرورت هوندي آهي. ان سڄي مشق ۽ محنت کان بچڻ لاء گھڻا ليکڪ لنوائيندا آهن ۽ فرار جون مختلف واٽون ڳولهيندا آهن. هن وقت سوال اهو ناهي ته اديب ۽ ليکڪ تحريڪن جي رهنمائي ڪن. اهو ڪم سياسي اڳواڻن جو آهي ۽ انهن کي ئي ڪرڻ ڏيو. اديب ۽ ليکڪ جو ڪم ان کان وڌيڪ ڏکيو آهي ۽ اهو ماڻهن جي زندگي ۾ جھاتي پائڻ ۽ اهو ڏسڻ ته نين حالتن جي ڪري سندن احساسن ۽ جذبن ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون آهن ۽ انهن جو رخ ڪهڙي پاسي آهي. ڇا هن وقت سنڌي ادب ۽ اديب اهو ڪم انجام ڏيئي رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ گھڻي ڀاڱي ائين ناهي. جيڪو ادب هن وقت لکجي رهيو آهي ان ۾ ليکڪ ۽ سندس ذات وڌيڪ اهم آهي جڏهين ته سماجي منظرنامو هڪ ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي. اديب ۽ ليکڪ جو سماج سان ناتو ان وقت ئي مضبوط ٿي سگھي ٿو ۽ ان وقت ئي هو ماڻهن لاء ڪارائتو ٿي سگھي ٿو جڏهين سماج ۽ زندگي ۾ ايندڙ تبديلين جو هو ادراڪ ڪري ۽ اهي سندس تخليق جو حصو هجن.