مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

ادب ۽ پابنديون

بورس پاسترنيڪ ۽ سولزي نتسن سوويت يونين جا ٻه اهڙا اهم اديب آهن جيڪي سوويت يونين جي حڪومت سان ٽڪراء ۽ لاڳيتو گھڻو عرصو خبرن ۾ رهيا. پر ڏٺو وڃي ته ليکڪن ۽ فنڪارن جو سوويت حڪومت سان اختلاف ۽ ٽڪراء انقلاب جي شروع ڏينهن کان رهيو ھو. جيئن برٽنڊ رسل جو چوڻ آهي ته فن هميشه ڇڙواڳ هوندو آهي ۽ ڪنهن ضابطي ۽ تنظيم جي مزاحمت ڪندو آهي. گورڪي پورهيت طبقي جو ليکڪ، انقلاب جو حامي ۽ لينن جو ويجھو دوست هو. انقلاب کانپوء گھڻن اهڙن اديبن کي جيڪي انقلاب مخالف هئا گورڪي جي سفارش ۽ مداخلت تي ڇڏيو ويو ۽ انهن خلاف ڪا ڪاروائي نه ڪئي ويئي. جڏهين لينن ڏٺوته هاڻي گھڻو ٿي ويو هو ته هن 1921 ۾ گورڪي کي چيو ته جيئن ته اوهان جي طبيعت ٺيڪ ناهي ان ڪري اوهان پرڏيه ۾ وڃي پنهنجو علاج ڪرايو. مختلف ملڪن مان ٿيندو هن اٽلي ۾ وڃي مستقل رهائش اختيار ڪئي. لينن جي وفات کانپوء اسٽالن کي اها ضرورت محسوس ٿي ته ادب ۽ فن کي انقلاب جي مقصدن سان هم آهنگ ڪجي ۽ ان ڳالھہ کي اڳتي وڌائڻ لاء کيس گورڪي کان وڌيڪ اعتبار جوڳو ڪو نالو نظر نه آيو. سندس چوڻ تي گورڪي 1932 ۾ پرڏيه مان وطن موٽي آيو. کيس اديبن جي تنظيم جو صدر مقرر ڪيو ويو پرهو ساڳي ريت مونجھارن ۽ ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو ۽ سرڪار سان پوري ريت ٺهڪي هلي نه پئي سگھيو. 1935 ۾ پيرس ۾ سوويت حڪومت پاران سندس صدارت ۾ جيڪا ليکڪن جي پهرين عالمي ڪانگريس منعقد ڪئي ويئي ان ۾ هو پنهنجي صحت جي خرابي ڪري شريڪ نه ٿيو. اهو جيئن ته اسٽالن جو ليکڪن جي حوالي سان عالمي سطح تي پهريون وڏو شو هو ان ڪري هن گورڪي جي ڪانفرنس مان ان ريت نڪري وڃڻ کي چڱو نه سمجھيو ۽ کانئس ناراض ٿي ويو. جيتوڻيڪ پوء گورڪي کي سرڪاري اهتمام سان دفن ڪيو ويو ۽ اسٽالن پاڻ ان ۾ شريڪ ٿيو پر سندس پٽ ۽ سندس پنهنجي موت متعلق گھڻيون افواهون گردش ڪرڻ لڳيون هيون.
اهو سلسلو لڳاتار هلندو رهيو. انهن مان ٻه نالا خاص طور نمايان ٿي سامهون آيا. ڊاڪٽر زواگو جو خالق بورس پاسترنيڪ ٽڪراء کان پاسو ڪندي ۽ مصلحت کان ڪم وٺندي نوبل انعام وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان جو اهم ڪارڻ سندس پنهنجي ڌرتي سان محبت هئي. کيس اهو خدشو هو ته جيڪڏهين هو انعام وغيره وٺڻ جي حوالي سان ملڪ کان ٻاهر ويو ته پوء شايد کيس واپس اچڻ نه ڏنو وڃي ۽ اهڙا کيس اشارا به ڏنا ويا هئا. نوبل انعام سولزي نتسن کي به مليو پر هو سوويت حڪومت جي مخالفت جي حوالي سان گھڻو عرصو خبرن ۾ رهيو. سولزي نتسن شروع کان سوويت نظام ۽ ان جي اڳواڻن جي خلاف نه هو بلڪه هو هڪ ڊگھو عرصو سوويت فوج ۾ اهم عهدي تي رهيو. هونئن به اسٽالن جي ڀيٽ ۾ لينن ڏانهن سندس همدردانا رويو آهي جيڪو سندس لکڻين مان به ظاهر آهي. مون کي سندس ٻه ناول First Circle ۽Archipelago Gulag پڙهڻ جو موقعو مليو آهي. اهي ٻيئي ناول اسٽالن جي دور جي حوالي سان آهن. پهريون ناول هڪ خاص جيل جي حوالي سان آهي جنهن ۾ مختلف قسم جي قيدين کي رکيو ويو آهي. ان ۾ هڪ اهڙي نظام کي چٽيو ويو آهي جنهن ۾ ڪنهن به نموني جي اختلاف جي گنجائش ناهي. اسٽالن جو هڪ مختصر خاڪو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ کيس هڪ اڪيلي ۽ شڪي مزاج شخص جي طور پيش ڪيو ويو آهي. سندس ٺاهيل جاسوسي جو نظام نهايت وسيع ۽ منجھيل آهي. ڪوبه پاڻ کي ٻئي کان محفوظ نه ٿو سمجھي ۽ اهو يقين نه ٿو هجي ته ڪير سندس ڪهڙي ڳالھه کي ڪهڙو رنگ ڏيئي اڳتي پيش ڪندو. گھرن جون تلاشيون، اڌ رات جو گھرن تي ڇاپا ۽ گرفتاريون معمول هجن ٿا. اهو ضروري ناهي ته اچ جيڪو ماڻهو چيف جي ويجھو آهي سڀاڻي به ائين ئي هوندو. هو ڪنهن به وقت پڪڙ ۾ اچي سگھي ٿو ۽ سندس وات مان نڪتل ڪو به گفتو ۽ ڪو به عمل مٿس عتاب جو ڪارڻ بڻجي سگھي ٿو. سزا جو مدو ختم ٿيڻ کانپوء اهو يقين نه ٿو هجي ته همراه آزاد ٿي ويندو پر ان مدي کي اڃا وڌايو وڃي ٿو. وڏي ڳالھه اها ٿي هجي ته قيدي جن مان ڪجھ اسٽالن جي ڏنل رٿا تي ڪم ڪن ٿا هر وقت پنهنجي اڳواڻ سان وفاداري جو اظهار ڪن ٿا ۽ عزت سان سندس نالو وٺن ٿا. هڪ لحاظ کان اهڙي سماج جو تصور ڪندي ئي ماڻهو ڊپ ۾ وٺجي وڃي ٿو. جارج آرويل پنهنجي ناول 1984 ۾ رياست جو جيڪو نقشو پيش ڪيو آهي سولزي نتسن ڄڻ پنهنجي ناول ۾ ان جي هڪ عملي تصوير پيش ڪئي آهي. ڏٺو وڃي ته فلاسافر ٿامس هابس جو رياست لاء جيڪو ليوياٿن يا هڪ وڏي اجگر بلا جو تصور آهي انهن تخليقڪارن ان کي فڪشن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. سولزي نتسن جو اهو ناول ته رڳو اسٽالن جي سوويت يونين جي حوالي سان آهي جڏهين ته هاڻي هڪ کان وڌيڪ ملڪن ۾ رياست جو ڪردار ان کان به وڌيڪ سخت صورت اختيار ڪري ويو آهي.
سولزي نتسن جو ٻيو ناول ناول کان وڌيڪ هڪ تحقيقي مقالو آهي. ان ۾ هن سماج جي مختلف حصن ليکڪن، انجينيئرن، ڊاڪٽرن ۽ ٻين مختلف پيشن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته انهن کي ڪهڙي ريت نشانو بڻايو ويو جنهن سان ملڪ جو سڄو سماجي تاڃي ڀيٽو وکرجي ويو. هن مختلف جيلن ۽ ليبر ڪئمپن جو احوال ڏنو آهي جتي انهن ماڻهن کي رکيو ويندو هو ۽ ايذاء ڏنا ويندا هئا. هو پاڻ به هڪ ڊگھو عرصو انهن جيلن ۽ ڪئمپن ۾ رهيو ۽ هتان جي مختلف قيدين جي احوال کي ڊاڪومينٽ ڪيو. صفائي جو عمل ساڳي وقت پارٽي ۾ به هلندو رهي ٿو ۽ ان ڳالھہ کي بيان ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي ريت مرڪزي ڪاميٽي ۽ پولٽ بيورو جي ناپسنديده ميمبرن کي پاسيرو ڪيو وڃي ٿو. ان سلسلي ۾ هن بخارين جو ذڪر ڪيو آهي ته ڪهڙي ريت ان کي پاسيرو ڪيو ويو ۽ نفسياتي طور کيس اهو احساس ڏياريو ويو ته هاڻي اسٽالن کانئس خوش ناهي ۽ پارٽي کي به سندس ضرورت ناهي. ايترو ڪجھ سهڻ جي باوجود هو ماڻهو پارٽي سان لاڳاپيل رهڻ چاهي ٿو ۽ ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏيڻ چاهي جيڪا پارٽي کان ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ کيس پيش اچي سگھي ٿي. روسي ناول جي روايت موجب اهو هڪ ضخيم ناول آهي. ان کي پڙهڻ سان اهو تاثر ملي ٿو ته ملڪ هڪ وڏي جيل آهي جتي هر شخص ڊپ ۽ خوف جي ڪيفيت ۾ رهي ٿو ته ساڻس ڪنهن به وقت ڪا به وارتا ٿي سگھي ٿي.
اهو چئي سگھجي ٿو ته سولزي نتسن سرد جنگ جي ڏينهن ۾ سوويت يونين جي مخالفت ڪندڙ اوله جي ملڪن هٿان استعمال ٿيو پر هو ساڳي وقت پنهنجي وطن سان لاڳاپيل رهيو. سوويت يونين جي ختم ٿيڻ کانپوء سندس شهرت هڪ اهڙي قوم پرست جي رهي جنهن جو آدرش روس ۾ وري زار شاهي جو راڄ قائم ڪرڻ هو. بهرحال اهي نالا گھڻي عرصي تائين گھڻن ماڻهن لاء هڪ Taboo رهيا آهن ۽ انهن جي ويجھو وڃڻ کي ڪفر سمجھيو ويندو هو. پر اهو سوويت دور جي ادب جو ٻيو پاسو آهي جنهن مان جوڳي واقفيت هئڻ ضروري آهي.