سوويت يونين جو وکرجڻ ۽ پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي
ان دوران هڪ ڊگھو عرصو جيل ۾ گذارڻ کانپو۽ جڏهين ڄام ساقي، جمال نقوي ۽ ڄام ساقي ڪيس جا ٻيا ڪجھ اسير جيل کان ٻاهر اچن ٿا ته صورتحال بلڪل بدليل هجي ٿي. پارٽي اها ساڳي نه رهي هئي. گھڻا نوان ماڻهو پارٽي ۾ شامل ٿي ويا هئا. پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ اختلاف ۽ شڪ شبها وڌي ويا هئا. نذير جي شهادت جي حوالي سان گھڻن ڪارڪنن جمال نقوي ڏانهن آڱر کنئي ٿي ته هن جو ان ۾ ڪردار هو جڏهين ته هن ان کان انڪار ڪيو ٿي. جمال نقوي جو جيل مان نڪرڻ کانپوء اهو خيال هو ته پارٽي کي انهن ماڻهن کان صاف ڪرڻ جي ضرورت هئي جيڪي سندن غير موجودگي ۾ پارٽي ۾ داخل ٿي ويا هئا ۽ انهن پارٽي جي سڄي ڍانچي ۽ پاليسي کي تبديل ڪري ڇڏيو هو. انهن ۾ سندس چواڻي ميجر اسحاق جهڙا گھڻا ڪالهوڪا چين نواز رات وچ ۾ ماسڪو نواز ٿي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويا هئا. اها چڪتاڻ نيٺ پارٽي جي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجڻ تي پهچي ٿي. جمال نقوي پاڻ نه رڳو پارٽي کان ڌار ٿي وڃي ٿو پر مختلف سبب ڄاڻائي ماڳيئي سوشلسٽ نظرئي تائين ئي هٿ کڻي وڃي ٿو. جمال نقوي پنهنجي آتم ڪٿا Leaving The Left Behind ۾ ان سڄي ڪٿا کي به بيان ڪيو آهي.
هو 1932 ۾ ڀارت جي شهر الھه آباد ۾ پيدا ٿيو. پاڪستان 1949 ۾ پنهنجي ماءُ جي اصرار تي آيو. سندس لاڙو اڳ ئي پنهنجي هڪ ڪزن شفيق نقوي جي ڪري کاٻي ڌر ڏانهن هو. ڪراچي ۾ ان وقت هو محمد سرور، هارون احمد ۽ اديب رضوي وغيره سان گڏ ڊي ايس ايف جي پليٽ فارم تان شاگرد سياست ۾ سرگرم ٿي ويو. شاگردن جي گھرن وغيره جي حوالي سان ڪيل مظاهرن ۽ احتجاجن جي سلسلي کيس مختلف وقتن تي جيل به ڀوڳڻو پيو. سندس چوڻ موجب ان وقت ڊي ايس ايف جو ڪميونسٽ پارٽي سان ڪو تعلق نه هو پر حڪومت جي آمريڪا سان مختلف ٺاهن ۾ شامل ٿيڻ جي ڪري ڪميونسٽ پارٽي سان گڏ ان تي به سختي وڌي ويئي ۽ انهن لاء ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو. ان جو هڪ نتيجو اهو ٿيو ته سندس سياسي پس منظر جي ڪري ايم اي ڪرڻ کانپوء ڪراچي ۾ ڪو ڪاليج ۽ يونيورسٽي کيس پاڻ وٽ ليڪچرار طور رکڻ لاء تيار نه هئا. مجبور ٿي حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ نوڪري ۾ لڳو. هتي هو ست سال رهيو. ساڳي وقت ڪميونسٽ پارٽي جو به ڪم ڪندو رهيو ۽ پارٽي پاران کيس مختلف ذميواريون ڏنيون ويون. هر هفتي سندس ڪراچي وڃڻ ٿيندو هو جنهن جو مقصد اتي ڪجھ دوستن سان ملڻ هو. حيدرآباد ۾ سندس تعلق سوڀو گيانچنداني سان ٿيو جنهن کي هو پنهنجو انٽئلڪچوئل گرو چئي ٿو. سندس چوڻ آهي ته ڄام ساقي کي ساڻس هتي هڪ ڪميونسٽ طور متعاف ڪرايو ويو ۽ هو هميشه کيس سٺن ۽ نه سٺن ڪارڻن جي ڪري ياد رهندو. اڳتي هلي کيس پارٽي پاران اوڀر بنگال جي پارٽي سان رابطي جو ڪم ڏنو ويو. ان سلسلي ۾ هو لکي ٿو ته ٿوري وقت ۾ هو اٽڪل چاليه ڀيرا ان مقصد لاء اوڀر بنگال ويو پر اتان جي پارٽي جي اڳواڻن پاران کيس ڪا مثبت موٽ نه پئي ملي. هو اوله پاڪستان جي پارٽي تي اعتبار ڪرڻ ۽ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاء تيار نه هئا. نيٺ گھڻين ڪوششن کانپوء جڏهين ناتن ۾ ڪجھ بهتري اچڻ شروع ٿي ته ملڪ جي خراب ٿيندڙ سياسي حالتن جي ڪري سندس اتي وڃڻ بند ٿي ويو.
پارٽي پابندين ختم ٿيڻ کانپوء به پنهنجو ڪو فعال آزاد ڪردار ادا نه ڪري سگھي ۽ گھڻي ڀاڱي نيشنل عوامي پارٽي جي پاليسين تي هلندي رهي جن جو مقصد، جيئن جمال نقوي پاڻ چئي ٿو، پارٽي جي اڳواڻ ولي خان جا پنهنجي لاء فائدا حاصل ڪرڻا هئا، جنهن جي ڪري هن پنهنجي جماعت کي اوڀر بنگال ۾ ڀاشاني جي نعپ کان ڌار ڪري ڇڏيو هو. ڀٽو جي حوالي سان ڪجھ معاملن تي سوويت يونين جي ڏنل پاليسي تي پارٽي پاران عمل نه ڪيو ويو. مثال طور پارٽي صنعتن ۽ بينڪن وغيره جي نيشنيلائيزيشن جي ان ڪري مخالفت ٿي ڪئي ته ان سان سرمايو ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو جڏهين ته سوويت يونين ان کي ملڪ جي ماڻهن ۽ پورهيتن جي فائدي ۾ ٿي ڄاتو. ساڳي ريت سوويت يونين پاران پارٽي کي 1977 جي چونڊن ۾ ڀٽو جي حمايت ڪرڻ لاء چيو ويو هو پر پارٽي مخالف ڌر سان گڏ هئڻ ڪري پي اين اي جي پاسي هئي جنهن فيصلي تي ليکڪ پاڻ هاڻي پڇتاء جو اظهار ڪري ٿو.
1980 ۾ گرفتار ٿيڻ کانپوء ڪجھ سال جيل ۾ گذارڻ ۽ پوء آزاد ٿيڻ تائين ليکڪ پاڻ ۾ آيل ڪنهن نظرياتي تبديلي جو اشارو به نه ٿو ڏئي بلڪ هو پارٽي کي اڻ وڻندڙ ماڻهن کان صاف ڪرڻ جي ڪم جي شروعات ڪري ٿو. ان سلسلي ۾ هو هڪ پاليسي پيپر تيار ڪري ٿو جنهن ۾ مختلف معاملن تي پارٽي جي موقف کي واضح ڪري ٿو ۽ انهن فيصلن تي تنقيد ڪري ٿو جيڪي سندس غيرموجودگي ۾ پارٽي ۾ نون آيل همراهن پاران کنيا ويا هئا. اهڙا اشارا هو ان وقت ڏيڻ شروع ڪري ٿو جڏهين سندس ڌيءَ هڪ ڪانفرنس جي سلسلي ۾ تاشقند ۽ ماسڪو وڃي ٿي ۽ اتان جي حالتن کي ڏسي مايوس ٿئي ٿي ۽ اهڙو اظهار پاڪستان واپسي تي پنهنجي پيءَ سان به ڪري ٿي. پر هو اڃا به ان سلسلي ۾ ڪو فيصلو نه پيو ڪري سگھي ۽ جڏهين سوويت يونين جي پارٽي پاران کيس هڪ ٻئي همراه سان گڏجي اتي ڪجھ وقت گذارڻ جي دعوت ڏني وڃي ٿي ته جيئن هن تازو جيل وغيره جون جيڪي سختيون سٺيون هيون انهن جو ڪجھ ازالو ٿي سگھي ته هو اتي وڃي اهو سڀڪجھ پاڻ ڏسڻ جو فيصلو ڪري ٿو جنهن متعلق سندس ڌي ۽ ٻين ماڻهن کيس ٻڌايو هو. منصور سعيد سان گڏجي جڏهين هو اتي پهچي ٿو ته انهن کي بليڪ سي جي تفريح گاه ڏانهن موڪليو وڃي ٿو پر سندس اصرار هجي ٿو ته کين واپس ماسڪو موڪليو وڃي ته جيئن هو سڄي صورتحال کي ڏسي سگھي ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن سان ملي. ماسڪو ۾ هو ڏسي ٿو ته ضروري شين جي اڻاٺ هئي. ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن لاء ڌار اسٽور هئا جتيِ انهن لاء هر ڏيهي ۽ پرڏيهي شي دستياب هئي جڏهين ته عام ماڻهو کي ڊگھين قطارن ۾ بيهي انتظار ڪرڻو ۽ ضرورت جون شيون وٺڻيون پيون ٿي جن مان گھڻيون دستياب به نٿيون هجن. هو سوويت پارٽي جي اڳواڻن سان ملڻ چاهي ٿو پر ان سلسلي ۾ کيس ڪا مثبت موٽ نه ٿي ملي ۽ پارٽي بجائي پنهنجي ڪنهن اهم عهديدار کي ملاقات لاء موڪلڻ جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ڪاموري کي ساڻس ملاقات لاء موڪلي ٿي جنهن سان ملاقات مان هو مطمئن نه ٿو ٿئي. ٻيو ڀيرو به اهو ڪامورو ئي ساڻس ملاقات ڪري ٿو ۽ پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي کيس اهو باور ڪرائي ٿو ته جڏهين اسان اوهان کي پي اين اي جي ڀيٽ ۾ ڀٽو جي حمايت ڪرڻ لاء چيو هو ته اوهان اسان جي ڳالھه نه مڃي هئي. بهرحال هو اتي گھڻو وقت نه ٿو گذاري ۽ اٽڪل پندرنهن ڏينهن کانپوء موٽي اچي ٿو. سندس چوڻ موجب ته سندس ذهن ۾ اڻ تڻ هجي ٿي ۽ هو هڪ مونجھاري جو شڪار هجي ٿو. پر هو فوري طور پارٽي کي ڇڏڻ جو فيصلو نه ٿو ڪري ۽ ان کي عوامي بنياد ڏيڻ چاهي ٿو. فيصلي ڪن مرحلو ان وقت اچي ٿو جڏهين لياري ۾ ٿيل پارٽي ڪانگريس ۾ هو پنهنجو موقف اڃا پيش ڪري ئي ٿو ته کيس پنڊال مان هوٽنگ جي ڪري ماٺ ڪرڻو پئي ٿو ۽ هو پارٽي ڇڏڻ جو چوندي اتان هليو وڃي ٿو. سندس بين ا لسطور لکڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته کيس ان ڪري هوٽنگ ڪري ماٺ ٿيڻ لاء مجبور ڪيو ويو جو هو هن زمين جو پٽ نه هو. ڇاڪاڻ ته کانئس پوء اهي ساڳيون ڳالھہيون ڄام ساقي به اچي ڪيون پر ان کي ماٺ ڪري ٻڌو ويو.
ان کانپوءِ ڄام پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ٿيو. ڄام متعلق سندس رايو آهي ته هو ڪو نظرئي دان نه هو پر منجھس ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، انهن کي اتساه ڏيڻ ۽ متحرڪ ڪرڻ جي بي پناه صلاحيت موجود هئي. ڄام ساڻس لاڳيتو رابطي ۾ رهندو هو. سندس پارٽي ڇڏڻ جي ڪجھ عرصي کانپوء هو وٽس آيو هو. ان وقت اتي پارٽي جو هڪ ٻيو ڪارڪن نديم اختر به ويٺو هو. ڄام کانئن صلاح ورتي ته ڇا کيس پارٽي ۾ وڌيڪ رهڻ کپي يا استعفا ڏيڻ گھرجي. ٻنهي کيس صلاح ڏني ته هو استعفا ڏئي. هو لکي ٿو ته ڄام کي جيڪر اها صلاح نه ڏئي ها ته بهتر هو. ڇاڪاڻ ته استعفا ڏيڻ کانپوء ڄام صوفي ۽ مولائي ٿي ويو. پر ان کانپوء به ڄام سان سندس فون تي باقاعدي رابطو رهندو ٿي آيو.
جمال نقوي اٽڪل پنهنجي زندگي جا چاليھه سال پارٽي لا۽ ڪم ڪندي گذاريا. آخر ۾ هو اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته ائين سندس سڄي زندگي ڄڻ رڃ جي پويان ڊوڙندي ضائع ٿي ويئي. ڏٺو وڃي ته، جيئن سندس آتم ڪٿا مان ظاهر ٿئي ٿو، هن آخر تائين اها ڪوشش ڪئي ته پارٽي سندس چئي ۽ ضابطي ۾ رهي پر هو ان ۾ ڪامياب نه ويو ۽ هن هڪ بيوسي محسوس ڪندي پارٽي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هو پاڻ اها ڳالھه مڃي ٿو ته سندس طبيعت ۾ ضد ۽ لچڪ جو نه هئڻِ آهي ۽ اهڙي ڳالھه نه رڳو پارٽي جي ڪارڪنن پر ساڻس ڊگھو عرصو رهندڙ ۽ پارٽي ۾ گڏ ڪم ڪندڙ سندس دوست امام علي نازش ۽ ڀارت جي ڪميونسٽ پارٽي جي اهم عهديدار۽ سندس ڪزن شفيق نقوي به کيس چئي. پر سندس چوڻ آهي ته هو اهو سڀڪجھ پارٽي جي مفاد ۾ ڪري ٿو ۽ ائين ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگھي. ان سڀڪجھ جو نتيجو اهو نڪتو ته ٿورائي ۽ گھڻائي ڪجھ وقت کان پوء ٻيئي ختم ٿي ويا. هن وقت پارٽي ڪجھ ننڍڙن گروهن ۾ باقي آهي جڏهين ته عملي طور تي ان جو ڪردار ختم ٿي چڪو آهي.
ان کانپوء جمال نقوي جو عملي سياست ۾ ڪردار ڄڻ ختم ٿي ويو. هو ڪنهن به ٻي سياسي جماعت ۾ شامل نه ٿيو. سوشلزم جي متبادل طور هن صنعت ڪاري ۽ جمهوريت جو جيڪو خيال پيش ڪيو هو ان جي لاء هن هڪ فورم قائم ڪيو هو پر اهو هڪ ٻن گڏجاڻين کان وڌيڪ اڳتي هلي نه سگھيو. هڪ ته ان جي لاء پئسي جي ضرورت هئي جيڪو وٽن نه هو ۽ ٻي ڳالھہ ته اهو فورم نوجوانن کي پاڻ ڏانهن آڻي نه سگھيو هو. سندس چواڻي ته ان جو جيڪو گھٽ ۾ گھٽ عمر وارو رڪن نديم اختر هو ان جي عمر به ان وقت سٺ سال کان مٿي هئي.
جڏهين پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽي جي تاريخ لکي ويندي ته ان ۾ جمال نقوي جي ڪردار کي ضرور بحث هيٺ آندو ويندو. هڪ پاسي پارٽي لاء سندس قربانين جو ذڪر ايندو ته ٻئي پاسي اها ڳالھه به سامهون ايندي ته پارٽي کي ختم ڪرڻ ۾ ٻين گھڻن همراهن سان گڏ سندس به هڪ اهم ڪردار هو.