ورهاڱي جو عمل اڃا جاري آهي
ٻارڻ جي عنوان سان حميد دلوائي جو مراٺي ۾ لکيل ناول آهي. هن ناول جو بنيادي مقصد اهو ڏيکارڻ آهي ته مذهب کي ڪيئن نه ذاتي ۽ گروهي مقصد لاء استعمال ڪري ماڻهن کي ورهايو ۽ ويڙهايو وڃي ٿو. مسلمان زميندارن ۽ گھٽ ذات وارن هندو مزدورن جو هڪ ڳوٺ آهي. جيتوڻيڪ زمينداري ختم ٿي ويئي آهي ۽ زمين جي هارين ۾ ورهاست ٿي چڪي آهي پر سماجي لحاظ کان زميندارن جي مثڀرائپ اڃا قائم آهي. ڳوٺ جي مسلم خاندان جو هڪ نوجوان، جيڪو هڪ ترقي پسند نڪته نظر رکي ٿو، ان گھٽ ذات وارن هندن جي پاسي ٿي بيهي ٿو جنهن کي سندس خاندان ۽ ڳوٺ جا ٻيا مسلمان پسند نه ٿا ڪن. هي نوجوان ڪجھ عرصي کانپوء ممبئي هليو وڃي ٿو جتي هو سياسي سرگرمين ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو ۽ اٽڪل پندرنهن سالن تائين ڳوٺ نه ٿو موٽي. نيٺ صحت خراب هئڻ ڪري ڊاڪٽر جي مشوري تي عمل ڪندي آرام ڪرڻ لاء ڳوٺ اچي ٿو. هتي کيس مذهبي تفرقي جي لحاظ کان صورتحال ۾ اڃا وڌيڪ ابتري نظر اچي ٿي. هڪ پاسي سندس ڀاء زمين جي معاملي تي ۽ ڏکڻ آفريقا کان آيل ڳوٺ جو هڪ ٻيو زميندار هڪ هندو ڇوڪري جي معاملي تي ڳوٺ جي هندن سان آمهون سامهون ٿي بيهن ٿا ۽ معاملو هڪ مذهبي رخ اختيار ڪري وٺي ٿو. جيڪي هندو اڳ ان نوجوان کي پنهنجو همدرد سمجھندي سندس ڳالھہ رکندا هئا اهي به هاڻي کيس ٻڌڻ لاء تيار نه هئا. معاملو ايستائين وڌي ٿو ته هندن جو مذهبي ڏڻ جنهن ۾ اڳ ساڳي ريت ڳوٺ جا مسلمان به حصو وٺندا هئا هندن جي ان ڳالھہ تان هڪ تڪراري صورت اختيار ڪري وٺي ٿو ته اهو جلوس مسجد آڏو دهل دمام ۽ موسيقي وڄائيندو.ان کي منهن ڏيڻ لاء ڏکڻ آفريقا واري مسلمان زميندار پاران ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان هٿيار بند مسلمانن کي گھرايو وڃي ٿو جيڪي جلوس کانپوء ڳوٺ ۾ ڦرمار ۽ عورتن جي عزتن خراب ڪرڻ جو ڪم شروع ڪن ٿا جنهن جو شڪار ان نوجوان جي ڀاڄائي به بڻجي ٿي جيڪا هميشه جيان ديوي جي آشيرواد لاء اتي ويئي هئي. ان صورتحال ۾ اهو نوجوان پاڻ کي بلڪل بيوس محسوس ڪري ٿو ۽ اهو سمجھي ٿو ته هاڻي هتي سندس ڪو به ڪم ناهي ۽ هو ڪجھ به نه ٿو ڪري سگھي. ٻيئي ڌريون ڪنهن به ريت سندس ڳالھہ ٻڌڻ ۽ سرچاء ڪرڻ لاء تيار ناهن. اهو سوچي هو واپس ممبئي موٽي اچي ٿو.
هڪ ٻيو ناول هندي ۾ احتشام منظور جو سڪل بڙ جي عنوان سان آهي. اهو ناول ڀارت جي شهر ڀوپال جي هڪ مسلمان خاندان جي حوالي سان آهي. هتي ورهاڱي کان اڳ مسلمان نواب جي صاحبي هوندي هئي. ان دور ۾ نه هتي ڪاليج وغيره هوندا هئا ۽ نه ئي مقامي ماڻهن جي پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي حوصلي افزائي ڪئي ويندي هئي. رياست جي ڪم ڪار کي هلائڻ لاء عملدار ٻين علائقن مان گھرايا ويندا هئا. هي هڪ مسلمان وڪيل جي ڌي رشيده جي زباني ٻڌايل ڪهاڻي آهي. ورهاڱي وقت سندس پي پنهنجو وطن ڇڏي پاڪستان وڃڻ کان ان ڪري انڪار ڪري ٿو ته ڪير پنهنجن ماڻهن کي ڇڏي پئسي ڏوڪڙ ۽ مال ملڪيت لاء هڪ اهڙي اوپري ملڪ ۾ وڃي رهي جتان جا ماڻهو، ٻولي ۽ ثقافت سڀ سندس لاء اوپرا هجن. هو نه پاڻ مذهب ۽ مذهبي رسمن ۾ يقين رکي ٿو ۽ نه ئي انهن تي عمل ڪري ٿو پر پنهنجي زال کي اهو سڀڪجھ ڪرڻ کان منع نه ٿو ڪري. ساڳي ريت هو پنهنجن ٻنهي ٻارن، ڌي ۽ پٽ، جي تربيت به سيڪيولر بنياد تي ڪري ٿو. ان جي نتيجي ۾ هو پنهنجن ڀائرن، ڀينرن ۽ ٻين خاندان وارن کان ڄڻ ڪٽجي ڌار ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ساڻس ڪو گھڻو واسطو نه ٿا رکن ۽ نه ئي هو ساڻن گھڻو له وچڙ ۾ اچي ٿو . هو پنهنجن ٻارن جي سٺن تعليمي ادارن ۾ تعليم جو بندوبست ڪري ٿو جتي گڏيل، جديد ۽ سيڪيولر بنيادن تي تعليم ڏني وڃي ٿي. انهن ٻارن لاء سماجي ۽ انساني ناتن ۾ هندو ۽ مسلمان جو ڪو فرق نه ٿو هجي ۽ اهي ان بنياد تي پنهنجي پيار ۽ جنس جي ناتن جو به تعين ڪن ٿا. انهن ٻارن کي اڳتي هلي اها خبر پئي ٿي ته خاص طور تي مذهب جي حوالي سان معاملا عملي زندگي ۾ ايترا سولا ناهن. مذهب جو نه رڳو هندو ۽ مسلمان ٻنهي پاران سياسي حوالي سان استعمال ڪيو وڃِي ٿو پر ان بنياد تي سماجي ناتن جو تعين پڻ ڪيو وڃي ٿو. انهن ٻنهي ٻارن لاء، جن جي تربيت سندن پي پاران سيڪولربنيادن تي ڪئي ويئي هئي، ان سماج ۾ پنهنجي جاء ٺاهڻ ڏکيو ٿئي ٿو جتي مذهب هڪ منجھيل صورت ۾ انساني رشتن ناتن جو تعين ڪري ٿو. هڪ ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي جو احساس جنهن ۾ کين پنهنجي زندگي گذارڻي پئي ٿي.
انهن ٻنهي ناولن مان اها ڳالھه واضح ٿئي ٿي ته اڃا تائين ڀارت جي سيڪيولر سياست ۽ ماحول ۾ به انهن قوتن ۽ ماڻهن کي نه رڳو اهو ته ڪاميابي نه ملي سگھي آهي پر کين مايوسي ۽ نااميدي کي منهن ڏيڻو پيو آهي جن پنهنجي ذات جي قرباني ڏيئي ملڪ جي سيڪيولرازم کي سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ ان کي پنهنجي زندگي جو حصو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. موجوده سياسي ماحول کي ڏسندي اهو نه ٿو چئي سگھجي ته ان صورتحال جي بدلجڻ ۽ ماڻهن جي آزادانا ماحول ۾ زندگي گذارڻ ۾ گھڻو وقت لڳي سگھي ٿو.