مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

اسپين جي گھرو ويڙه ۽ نظرياتي اختلاف (حصو ٻيون)

جارج آرويل جو چوڻ آهي ته محاذ تي وڃڻ کان اڳ اسان اهو قسم کنيو هو ته اسان گھٽ ۾ گھٽ هڪ فاشسٽ کي ضرور مارينداسين. پر اتي صورتحال بلڪل ئي مختلف هئي. جيتوڻيڪ فاشسٽن ۽ اسان جي وچ ۾ بس ٿورو ئي فاصلو هوندو هو پر اسان ٻنهي ڌرين وٽ جيڪي هٿيار هوندا هئا انهن ۾ ايتري طاقت ئي نه هوندي هئي جو اهي هڪٻئي کي ڪو نقصان پهچائي سگھن ۽ ٻنهي جا ڪيل فائر بس وچ ۾ ئي ٺس ٿي ويندا هئا. ٻي ڳالھه اها ته اسان کي گولين وغيره جو محدود مقدار ڏنو ويو هو جنهن کي نهايت احتياط سان ۽ هنگامي حالتن ۾ ئي استعمال ڪرڻو پوندو هو. سپاهين کي جنگ کان وڌيڪ ٿڌ، نمونيا ۽ مڇرن سان ويڙه ڪرڻي پوندي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيندڙ موت جنگ ۾ ٿيندڙ انساني جانين جي نقصان کان وڌيڪ هوندو هو. اسان جي سپاهين جو فائرنگ کان وڌيڪ زور پروپيگنڊه ۽ مائڪرو فون وغيره ذريعي اعلان ڪري فاشسٽ سپاهين کي ان ڳالھہ تي قائل ڪرڻ هونڌو هو ته اهي سرمايا دارن ۽ جاگيردارن جي مفادن جي بچاء لاء وڙهي رهيا هئا جيڪي سندن سڄڻ نه پر دشمن آهن ۽ سندن مفاد ان ڳالھه ۾ ئي هو ته اهي اسان سان گڏجي انهن جي خلاف ويڙه ڪن. جيڪي فوجي فاشسٽ صفن کان ڌار ٿي ٻئي پاسي ايندا هئا انهن جي بيانن مان به خبر پوندي هئي ته اتي به کاڌ خوراڪ ۽ يونيفارم وغيره جي حوالي سان، جيئن اسان سمجھيو ٿي، ڪا گھڻي چڱي صورتحال نه هئي.
هو چئي ٿو ته آئون اڪثر اهو سوچيندو هوس ته جنهن جنگ جو تصور کڻي هتي آيو هوس اهڙي ته ڪا ڳالھه نظر ئي نه پي آئي ۽ آئون هرو ڀرو پنهنجو وقت زيان ڪري رهيو هوس. هتي جيڪي ڪجھ هو ان کي جنگ ته بلڪل ئي نه پيو چئي سگھجي. پر پوء سوچيندو هوس ته هرو ڀرو ائين به نه هو. هتي مون زندگي جو جيڪو سبق سکيو هو اهو شايد هونئن ڪڏهين به حاصل نه ڪري سگھان هان. ماڻهو جي برابري جنهن ۾ سپاهي ۽ افسر جي ساڳي يونيفارم، پگھار، کاڌي ۽ عزت ۾ ڪو به فرق ناهي ۽ هر ڪو هڪٻئي کي ڪامريڊ ۽ دوست جي لقب سان سڏي ٿو. ان سڄي عرصي ۾ هڪ موقعو اهڙو آيو جو انهن پنهنجي سامهون دشمن جي چوڪي تي راتاهو هنيو ۽ ان کي اتان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
ساڳي وقت پنهنجن دلچسپ مشاهدن جو ذڪر ڪندي هو لکي ٿو ته اسان کي دشمن جي گولين کان وڌيڪ پنهنجن ئي سپاهين جي فائرنگ کان وڏو خطرو هوندو هو. اسپيني سپاهين جو نشانو پورو سارو هوندو هو. ٻه ٽي ڀيرا رات جي ڊيوٽي ڏيندي آئون سندن فائرنگ کان بچي ويس ۽ کين رڙ ڪري ٻڌائڻو پيو ته اهو دشمن نه پر آئون هوس. هڪ ڀيري مون سندن فوٽو پئي ڪڍيا ته انهن اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڇڏي ۽ آئون وڏي ڏکيائي سان پاڻ کي بچائي سگھيس. سندس زال سندس پويان بارسلونا پهتي هئي جيڪا کيس اتان سگار ۽ سگريٽ، جن جي محاذ تي کوٽ هوندي هئي، ۽ ٻيون شيون موڪليندي رهندي هئي.
ڪجھ عرصي کان پوء هو جڏهين موڪلن گذارڻ لاء بارسلونا پهچي ٿو ته اتي کيس صورتحال ئي بلڪل مختلف نظر اچي ٿي. ننڍ وڏائي جو تصور جيڪو سندس اڳ هتي هوندي ڄڻ ختم ٿي ويو هو وري موٽي آيو هو. هوٽلن، شاپنگ مال ۽ روڊن رستن تي ان کي واضح طور تي پسي سگھجي پيو. ساڳي وقت فاشزم خلاف وڙهندڙ مختلف گروپن وچ ۾ ڇڪتاڻ جا پڻ واضح آثار هئا. ڪميونسٽ پارٽي جي مدد سان حڪومت مليشيائن جي اثر رسوخ کي ختم ڪرڻ ۽ فوج ۽ پوليس جي نئين سر تنظيم ڪرڻ ۽ انهن کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ لاء سرگرم هئي. حڪومت تي ڪميونسٽن جي فيصلي ڪن اثر رسوخ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو هو ته فاشسٽن کي ته جرمني، اٽلي ۽ ٻين مختلف ملڪن کان مدد ملي رهي هئي جڏهين ته حڪومت کي رڳو سوويت يونين پاران هثيارن جي ۽ ٻي مدد ملي رهي هئي. ان وقت ڪميونسٽن ۽ ٻين انقلابي جماعتن ۾ هڪ واضح فرق اهو موجود هو ته ڪميونسٽن جي پهرين ترجيح فاشزم خلاف جنگ کٽڻ هئي ۽ انقلاب جو وارو پوء ٿي آيو. جڏهين ته جنهن جماعت سان آرويل لاڳاپيل هو ان جو موقف اهو هو ته انقلاب ۽ جنگ کي گڏوگڏ هلائجي نه ته ٻي صورت ۾ ساڳيا ڦرمار ڪندڙ طبقا اقتدار تي قابض ٿي ويندا ۽ سڄي جدوجهد رائيگان ٿي ويندي. ان حوالي سان جارج آرويل موجب سوويت يونين جي رياستي مفادن جو به هڪ ڪردار هو ۽ انهن ملڪن جي ڪميونسٽ پارٽين کي انهن پاليسين جي پوئواري ڪرڻي پوندي هئي. ان وقت سوويت يونين جا فرانس سان ڪجھ دوستي جا ٺاه ٿيل هئا ۽ هن اهو نه ٿي چاهيو ته فرانس جي سرحد تي ئي موجود ڪنهن ملڪ ۾ انقلاب جي همت افزائي ڪرڻ جي ڪري ان جا ساڻس ناتا خراب ٿين.
پنهنجين انهن موڪلن جي دوران هو هڪ ڏينهن بازار کان پنهنجي هوٽل وڃي رهيو هو ته شهر ۾ اوچتو فائرنگ شروع ٿي ويئي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي. هر ڪو پاڻ کي بچائڻ جي جدوجهد ۾ لڳي ويو. هن پاڻ به هڪ هوٽل ۾ پناه ورتي جيڪا سندس پارٽي جي قبضي ۽ استعمال ۾ هئي. ڳالھہ اها هئي ته حڪومت جي سول گارڊز پاران ٽيليفون ايڪسچينج، جيڪو آرويل جي جماعت پوم جي قبضي ۾ هو، کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي هئي. اها ويڙه گھڻا ڏينهن هلندي رهي جنهن ۾ آرويل پڻ پنهنجي پارٽي پاران شامل ٿي ويو هو ۽ سندس موڪلن جو گھڻو وقت بجائي آرام ڪرڻ ۽ پنهنجي زال سان وقت گذارڻ جي، جيئن سندس ارادو هو، ان ويڙه ۾ گذريو. پاڻ ۾ ٿيندڙ ان ويڙه جو فائدو لازمي طور تي فرانڪو جي فاشسٽ فوجن کي ئي ٿيڻو هو. ان ڳالھہ کي نيٺ ٻنهي پاسن جي اڳواڻن پاران محسوس ڪيو ويو ۽ ان بحث ۾ پوڻ کان سواء ته پهرين فارنگ ڪنهن شروع ڪئي هئي جنگ بندي جو فيصلو ڪيو ويو.
آرويل جو اهو خيال هو ته موڪلن ختم ٿيڻ کان پوء هو اها درخواست ڪندو ته کيس انٽرنيشنل بريگيڊ ۾ شامل ڪري ميڊرڊ جي محاذ تي موڪليو وڃي جتي باقاعدي طور تي فاشسٽن سان جنگ هلي رهي هئي. پر کيس ترقي ڏيئي ساڳئي محاذ تي ئي موڪليو ويو.