مختلف موضوع

ڳالھيون ڪتابن سنديون

رئوف نظاماڻي جو ڪتاب ”ڳالھيون ڪتابن سنديون“، سنڌيءَ ۾ پنھنجي نوعيت جو منفرد ڪتاب آھي، جيڪو سندس مطالعي ھيٺ آيل ڪتابن تي تبصرن تي مشتمل آھي. ڪتاب ۾ ڪل 92 مضمون آھن، جن ۾ 80 کن ڪتابن تي تبصرا آھن. جن ليکڪن جي ڪتابن تي تبصرا ڪيا ويا آھن سي بہ ادب، صحافت ۽ سياست سميت مختلف ميدانن جا تمام وڏا نالا آھن. انھن ۾ جارج آرويل، آرٿر ڪوئسلر، سولزي نٽسن، ارونڌتي راءِ، نجيب محفوظ، طحهٰ حسين، ايلف شفق، ازبل آلندي، رابرٽ فسڪ، ايم ايڇ پنھور، محمد حنيف ۽ طاھر بن جلون شامل آھن. انھيءَ کانسواءِ ھن ڪتاب ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي ڪافي ڪتابن تي تبصرو آھي، جن جي ليکڪن ۾ نور ظھير، فھميدہ رياض، انتظار حسين، جميلہ ھاشمي، جمال نقوي، خالد طور، رسول بخش پليجي، شاھ محمد پيرزادي، انور ابڙي، چندر ڪيسواڻي، رسول ميمڻ، قاسم ميرجت، شبير شر ۽ منور سراج سوڌو ٻيا ليکڪ شامل آھن.

Title Cover of book ڳالھيون ڪتابن سنديون

جارج آرويل ۽ اسپين جي گھرو ويڙه

گھڻن ليکڪن جي زندگي متعلق پڙهجي ٿو ته اها پاڻ هڪ ڪهاڻي ۽ هڪ افسانو محسوس ٿئي ٿي. ان سلسلي ۾ گھڻا مثال پنهنجي ديس مان ۽ ٻاهران ڏيئي سگھجن ٿا. ان حوالي سان ڪجھ عرصي کان انگلش ليکڪ جارج آرويل منهنجي مطالعي ۾ آهي. سندس ناولAnimal Farm ته مون گھڻو وقت اڳ پڙهيو هو جنهن جي لاء چيو وڃي ٿو ته هن اهو سوويت انقلاب ۽ خاص طور تي اسٽالن ۽ ٽرائٽسڪي جي وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان لکيو هو. ان کان پوء سندس شاهڪار ناول 1984 مطالعي هيٺ رهيو جنهن جي لکڻ ۾ هن پنهنجو رت ست ڏيئي ڇڏيو ۽ جيڪو چاليه پنجيتاليه سالن جي ننڍي ڄمار ۾ ئي سندس موت جو ڪارڻ بڻيو. اهو ناول جيتوڻيڪ 1940 جي ڏهاڪي ۾ لکيو ويو هو پر ان ۾ آئندي جي دنيا ۽ ان جي حڪمرانن جو نقشو ڇڪيو ويو آهي. هڪ اهڙي دنيا جنهن ۾ ماڻهو جي هلت چلت، اٿڻ ويهڻ ۽ اظهار تي هزار پابنديون هونديون پوء ڀلي اهي ڪهڙي به پاسي جا۽ ڪهڙي به نظرئي جا ملڪ هجن. رياست کي هن هڪBig Boss سان تشبيھه ڏني آهي جيڪو نظر ته نه ٿو اچي پر موجود هر جاء تي آهي ۽ سندس اک سڀڪجھ ۽ هر ڪنهن کي ڏسي رهي آهي. اهڙي رياست جيتوڻيڪ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي جي ڪري وسيلن ۾ مالامال هوندي آهي پر اها انهن وسيلن کي پنهنجي رعايا جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ جي بجائي هر وقت ٻي رياست سان جنگ جي ڪيفيت ۾ هوندي آهي ۽ انهن وسيلن کي پنهنجن جنگي خرچن کي پوري ڪرڻ لاء استعمال ڪندي آهي. اهڙي ريت جنگ اهڙي رياست جي مستقل خاصيت هوندي جيئن ته دشمن جي ڀو ۽ ڊپ کي ماڻهن تي ڏاڍ ۽ ڏمر جي حڪمراني ڪرڻ لاء استعمال ڪري سگھجي. گھڻا نقاد ان ڳالھہ سان متفق آهن ته آرويل جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي ان کي موجوده دور جي مختلف رياستن ۾ مختلف طور تي ڏسي سگھجي ٿو ۽ اها صورتحال اڃا ڏينهون ڏينهن وڌيڪ واضح ٿيندي پئي وڃي.
آرويل ڀارت ۾ پيدا ٿيو ۽ پوليس ۾ نوڪري ڪندي چڱو وقت هندوستان ۽ برما ۾ گذاريو هئائين. هنِ اتي انگريز جي حڪمراني کي پنهنجين اکين سان ڏٺو. هن جيتوڻيڪ پوء اها نوڪري ڇڏي ڏني پر ان دوران هو اسان کيBurmese Days جي نالي سان هڪ شاهڪار ناول ڏيئي ويو جنهن ۾ مختلف ڪردارن وسيلي ھن برما جي ماڻهن جي غربت، ڪسمپرسي ۽ انگريزجي مٿڀرائپ جي احساس، سامراجيت ۽ حڪمراني جي طريقن کي نهايت خوبصورتي سان چٽيو آهي. پنهنجي ئي حوالي سان هن ٻين مضمونن ۾ اهو به ڏيکاريو آهي ته ماڻهو اتي انگريز سان ڪيتري نفرت ڪن ٿا ۽ موقعي ملڻ تي سندن بيعزتي ڪرڻ کان به نه ٿا رهن.
آرويل رڳو فڪشن جو ليکڪ ناهي رهيو. نان فڪشن جي حوالي سان به سندس ڪيئي مضمون ۽ ڪتاب آهن. تازو منهنجي مطالعي ۾ سندس ڪتاب Homage to Catalonia رهيو آهي. هي ڪتاب 1936 جي اسپين جي گھرو ويڙه جي حوالي سان آهي جنهن ۾ آمريڪي ليکڪ ارنيسٽ هيمنگوي سان گڏ يورپ جي ترقي پسند ۽ فاشسٽ مخالف ماڻهن جو هڪ وڏو تعداد شريڪ هو. انهن ماڻهن جي اتي وڃڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ اهو هو ته ان وقت جرمني، اٽلي ۽ يورپ جا مختلف ملڪ هٽلر ۽ مسوليني جهڙن فاشسٽ حڪمرانن جي حڪمراني هيٺ هئا. اهڙي ريت اسپين جي جمهوري حڪومت سندن لاء اميد جو هڪ ڪرڻو هئي جنهن کي جنرل فرانڪو جي فاشزم کان بچائڻ انهن پنهنجو فرض سمجھيو ٿي. اسپين ان وقت بنيادي طور تي هڪ زرعي ملڪ هو. زمين گھڻو ڪري وڏن زميندارن جي ملڪيت هئي ۽ هارين جي حيثيت غلامن واري هئي. جنرل فرانڪو کي انهن وڏن زميندارن جو ئي نمائندو سمجھيو ويو ٿي جنهن کين جمهوري حڪومت جي سڌارن کان بچائڻ چاهيو ٿي. اهڙي ريت مقصد اسپين ۾ انقلاب نه پر جمهوري حڪومت جو بچاء هو. آرويل، جيڪو پنهنجوپاڻ کي سوشلسٽ سڏائي ٿو هڪ صحافي جي حيثيت ۾ اسپين جي شهر بارسلونا ۾ داخل ٿيو هو ته جيئن اتان جي صورتحال کي ڏسي ۽ ان جو جائزو وٺي سگھجي. سندس چوڻ آهي ته هتي معاملو جمهوري حڪومت کي بچائڻ کان وڌيڪ انقلاب جي صورت اختيار ڪري چڪو هو. ڪارخانا مزدورن جي ملڪيت بڻجي چڪا هئا، ٻنيون هارين جون اجتماعي ملڪيت بڻجي چڪيون هيون. وڏا زميندار ۽ سرمايا دار اتان ڀڄي چڪا هئا. حڪومت جو اختيار ڄڻ ته نالي ماتر هو. مختلف سياسي جماعتن پنهنجيون ڌار ڌار مليشيائون ٺاهي ڇڏيون هيون. آفيسر ۽ سپاهي جو هڪ ئي يونيفارم ۽ هڪ جيتري ئي پگھار هئي. ڪو ڪنهن کي سيلوٽ ڪرڻ ۽ تعظيم ڏيڻ جو پابند نه هو. هوٽلن ۾ بيرن کي جيڪڏهين ٽپ ڏبي هئي ته اهي اوهان کي عجيب نظرن سان ڏسندا هئا. اها سندس لاء ڄڻ ته هڪ نئين ۽ آدرشي صورتحال هئي جنهن کيس اهو اتساه ڏنو ته ڇو نه پاڻ ان جو حصو بڻجي ۽ ان عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿجي. ان وقت اسپين جي ڪميونسٽ پارٽي سميت کاٻي ڌر جون گھڻيون جماعتون ڪم ڪري رهيون هيون جن ان سڄي صورتحال کي پنهنجي پنهنجي نڪته نظر سان ڏٺو ٿي. آرويل جو چوڻ آهي ته هن شروع ۾ انهن جماعتن جي نظرئي، سندن سياسي حڪمت عملي ۽ اختلافن تي گهڻو توجھ نه ڏنو هو. هن بس اهو سمجھيو ٿي ته انهن سڀني جو گڏيل مقصد اسپين کي فاشزم کان بچائڻ آهي جيڪو پڻ سندس پنهنجو مقصد به هو. ان ڪري ڪنهن هڪ يا ٻي جماعت سان گڏجڻ سندس لاء ڪو نظرياتي مسئلو نه هو. ان خيال جي ڪري کيس ان وقت جنهن جماعت وڌيڪ متاثر ڪيو ۽ جنهن جو ان وقت بارسلونا ۾ چڱو خاصو اثر رسوخ هو ان جي تحت ڪم ڪندڙ مليشيا ۾ پاڻ کي رجسٽر ڪرائي ڇڏيائين. پر ان جي باوجود هو اسپين ۾ رهڻ جي سڄي عرصي دوران ان جماعت جو باقاعدي ميمبر نه ٿيو. هو محاذ تي وڃڻ لاء گھڻي عرصي تائين انتظار ۾ هو. هٿيارن، يونيفارم ۽ ٻئي ضروري سامان جي کوٽ واضح طور محسوس ٿئي پئي. انهن بيرڪن ۾ رهندي هو پنهنجو هڪ ٻيو مشاهدو ٻڌائي ٿو ته شهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي واضح کوٽ محسوس ٿئي پئي. انهن شين کي حاصل ڪرڻ لاء ماڻهن جون وڏيون قطارون لڳل هجن ٿيون پر بيرڪن ۾ مليشيا جي سپاهين لا۽ جام ماني هجي ٿي جنهن مان گھڻي زيان پڻ ٿئي ٿي. گھڻن ماڻهن جو پنهنجن ٻارن کي مليشيا ۾ شامل ڪرائڻ جو هڪ مقصد سندن لاء کاڌي پيتي جي شين جو حصول به هو. نيٺ هڪ ڊگھي انتظار کان پو۽ آرويل کي ٻين سپاهين سان گڏ محاذ تي موڪليو وڃي ٿو.