ڪوئيٽا کان دهلي: ورهاڱي جي هڪ ٻي ڪٿا
هي ڪتاب From Quetta to Delhi ڀارتي ليکڪا رينا نندا جو لکيل آهي. هو ورهاڱي کانپوء جڏهين سندس عمر اڃا ٻه سال مس هئي پنهنجي خاندان سان ڪوئيٽا کان دهلي لڏي ويئي هئي. هي بنيادي طور پنجاب جي شهر جھنگ جي هندو کتري ذات سان تعلق رکندڙ زميندار خاندان آهي. ان وقت انهن خاندانن جي پڙهيل ڳڙهيل فردن لاء سرڪاري نوڪري معاش کان وڌيڪ عزت ۽ مرتبي جو باعث هوندي هئي. ليکڪا جي ماء جي ناني، لالا جي، کي ڪوئيٽا، جيڪو ان وقت انگريزن جي عملداري ۾ هوندو هو، مان نوڪري جي آڇ اچي ٿي. هو پنهنجي خاندان جي مخالفت جي باوجود اتي وڃڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ اتي وڃي پنهنجو گھر ٺاهي ٿو. ڪجھ عرصي کانپوء هو پنهنجي ڳوٺ جي هڪ نوجوان، ساون مل، کي ڪوئيٽا ۾ نوڪري وٺي ڏئي ٿو ۽ ان جي پنهنجي ڌي سان شادي ڪرائي ٿو. ساون مل هڪ خود دار نوجوان هجي ٿو جيڪو ڪجھ عرصو پنهنجي سهري سان رهي ٿو پر ترت ئي پنهنجو ڌار بندوبست ڪري وٺي ٿو.
جيتوڻيڪ اهو هندو خاندان هجي ٿو پر ساڳي وقت سک ڌرم سان انهن جي ويجھڙائي هجي ٿي. هندو ۽ سک ۾ ڪو فرق روا نه ٿو رکيو وڃي. اهي ساڳي وقت مندر ۽ گردواري ۾ وڃن ٿا، سندن لاء جيئن رام ۽ ڪرشن عزت لائق هجن ٿا ائين گرونانڪ به محترم هجي ٿو. گرو گرنٿ ۽ گيتا سندن لاء ساڳي پوتر حيثيت رکن ٿا. ڪوئيٽا پٺاڻ گھڻائي وارو شهر هجي ٿو ۽ انهن جو انهن سان گھڻو واسطو رهي ٿو. هڪ مٺ محبت وارو تعلق هجي ٿو. مذهبي تفريق ۽ ذات پات جو فرق گھر جي عورتن ۾ گھڻو هجي ٿو جڏهين ته مڙد ان ڳالھہ جي گھڻي پروا نه ٿا ڪن. خاص طور ساون مل ان سلسلي ۾ مذهبي طور طريقن کي گھڻي اهميت نه ٿو ڏئي. هو ماس کائي ٿو پنهنجن مسلمان ۽ انگريز دوستن ۽ آفيسرن جون دعوتون ڪري ٿو ۽ انهن معاملن ۾ ڪنهن به ريت پنهنجي زال کي مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي. ساون مل کي جڏهين پهرين ڌي ٿئي ٿي ته اها ڄڻ سندس لاء هڪ قدرت جو تحفو هجي ٿي. هو انتهائي پيار، لاڏ ۽ جديد طريقن سان ان جي تربيت ڪري ٿو ۽ ان کي جديد تعليم ڏيارڻ سان گڏوگڏ سوسائٽي ۾ اٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جا طريقا پڻ سيکاري ٿو. ساون مل جي ٻارن ۾ مذهبي لحاظ کان پنهنجي ڌار هئڻ جو ڪو احساس نه ٿو هجي. هو ساڳي ريت پنهنجن بلوچ ۽ پٺاڻ دوستن ۽ ساهيڙين جي گھر وڃن ٿا جهڙي ريت اهي پنهنجن هندو مائٽن ۽ دوستن سان ملن ٿا.
1935 جي ڪوئيٽا جي زلزلي، جنهن ۾ سڄو شهر مٽي جو ڍير ٿي ويو هو ۽ اٽڪل پنجاه هزار کن ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا هئا، ان خاندان جي زندگي ۾ وڏي تبديلي آندي. سندن گھر ته تباه ٿي ويو پر سندن گھر جا گھڻا ڀاتي جنهن ۾ ساون مل جو پٽ به هجي ٿو مري وڃن ٿا، ساون مل پاڻ ڦٽجي پئي ٿو، کيس علاج لاء ڪراچي موڪليو وڃي ٿو ۽ خاندان کي ڪجھ وقت لاء جھنگ ۾ پنهنجي اباڻي گھر ۾ وڃي رهڻو پئي ٿو.
هي ليکڪا جي ماءُ جو پنهنجي ڄمڻ کانپوء ٻيون ڀيرو جھنگ وڃڻ ٿئي ٿو. پهريون ڀيرو هو پنهنجن ڀائرن سان گڏ ڏهن سالن جي عمر ۾ ان وقت اتي وڃي ٿي جڏهين انهن جي جھنڊ لاهڻ جي رسم ٿئي ٿي ۽ سندس پي سڄو مٿو ڪوڙائڻ کان کيس بچائي رڳو ٿورا وار وڍرائي ٿو. جيٽوڻيڪ ٻيون ڀيرو جھنگ وڃڻ ڪري سندس پڙهائي جو سلسلو ٽٽي وڃي ٿو ۽ هو ميٽرڪ جو امتحان نه ٿي ڏيئي سگھي پر هي سندس لاء پنجاب جي ڳوٺاڻي زندگي جو تجربو حاصل ڪرڻ جو هڪ وڏو موقعو هجي ٿو. پهريون ڀيرو هو پنهنجي ڏاڏي جي گھر ۾ رهي ٿي ۽ ٻيون ڀيرو به ائين ئي ڪرڻ چاهي ٿي پر کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته زلزلي ۾ پنهنجي پوٽي جي مري وڃڻ ۽ پنهنجي پٽ جي سخت ڦٽجي پوڻ جو صدمو نه سهندي هو ننڊ ۾ ئي گذاري ويئي آهي. هتي ئي کيس مختلف رسم رواجن، لوڪ گيتن، جھنگ جي مشهور لوڪ داستان هير رانجھا، چناب جي پاڻين ۽ جھنگ جي کوهن جي پاڻي جي تاثير جو پتو پئي ٿو. هتي هو پيشه ور ماتم ڪندڙ عورتن جو سياپو ڏسي ٿي جيڪي موت واري ڪنهن به گھر ۾ وڃي هڪ ماتم جو سمان پيدا ڪن ٿيون. ان سلسلي ۾ هن پنهنجي ذاتي تجربي جي حوالي سان اهو ٻڌايو آهي ته اهو ڪهڙي ريت هڪ نفسياتي علاج ثابت ٿئي ٿو ۽ متاثر ٿيلن کي صدمي واري حالت مان نڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. سندس ماء خاص طور تي زلزلي ۾ پنهنجي پٽ جي مري وڃڻ جي صدمي ۾ صفا چپ ٿي ويئي هئي ۽ کيس نه ته ڪا ڳالھہ ياد هئي ۽ نه ئي اها ڪنهن کي سڃاڻي سگھندي هئي. ڊاڪٽرن سندس ٺيڪ ٿيڻ جو ڪو آسرو نه ڏيکاريو هو. ان موقعي تي سياپي وارين ماين اچي سندس آڏو ماتم ڪرڻ شروع ڪيو، کيس منهن تي ڌڪ هنيا ۽ رڙيون ڪيون ته تون ڪهڙي ماء آهين، تنهنجو پٽ مري ويو آهي ۽ تون ائين چپ آئين. اهي نيٺ ان کي ان حالت تي وٺي اچن ٿيون ته هو رانڀاٽ ڪري روئي ۽ اهڙي ريت سندس يادگيري واپس اچي وڃي ٿي ۽ هو پنهنجي نارمل حالت ۾ موٽي اچي ٿي.
ان وچ ۾ ساون مل موٽي اچي ٿو. هو پنهنجي ڌي کي جھنگ شهر جي هڪ سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرائي ٿو. اتان ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوء جڏهين ان خاندان جي واپس ڪوئيٽا وڃڻ جو وقت اچي ٿو ته هو پنهنجي زال ۽ خاندان جي ٻين همراهن، جن جو چوڻ هجي ٿو ته هاڻي ان جي شادي جي عمر ٿي ويئي آهي ۽ وڌيڪ پڙهڻ جو ڪو ضرور ناهي، ان کي لاهور جي مشنيري اسڪول ۾ داخل ڪري ٿو جتي هو پنهنجي ماسي جي گھر ۾ رهي ٿي. اتان فارغ ٿيڻ کانپوء ان کي لاهور جي عورتن جي اعلا طبقي جي ڪينيئرڊ ڪاليج ۾ داخل ڪيو وڃي ٿو جتي سندس اٿڻ ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جا طور طريقا سڀ اولھه جي معيار مطابق هجن ٿا ۽ هو پنهنجين ساهيڙين کي ٻڌائي ٿي ته اهي ڪوئيٽا جا هندو پٺاڻ آهن.
ساون مل کي آخر تائين اهو يقين هجي ٿو ته ورهاڱي ۽ ٻن ڌار ملڪن جي ٺهڻ جون جيڪي ڳالھيون هلن پيون ان سان ڪو خاص فرق نه پوندو ۽ زندگي ائين ئي هلندي رهندي. ايستائين ته جڏهين ٻنهي ملڪن جي حوالي سان سرڪاري ڪامورن جي چونڊ جو مرحلو اچي ٿو ته هو پاڪستان جي سول سروس جي چونڊ ڪري ٿو. پر سياسي حقيقتون ڪي ٻيون هجن ٿيون. قاضي عيسيٰ، بلوچستان جي مسلم ليگ جي اڳواڻن ۽ ٻين گھڻن همراهن جون نظرون شهر جي هندن جي ملڪيت ۽ ڪاروبار تي هجن ٿيون. قاضي عيسيٰ جو هڪ ڀائيٽو ساون مل جي هڪ مائٽ کي ٻڌائي ٿو ته عيسيٰ هتي هندن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهي. ورهاڱي جي تاريخ ويجھي اچڻ سان شهر ۾ فساد شروع ٿي وڃن ٿا. هڪ سرڪاري دعوت هلندي ساون مل کي ٻڌايو وڃي ٿو ته فسادي جاء کي باه ڏيڻ لاء ٿوري دير ۾ اچي ويندا ان ڪري هتان نڪرڻ جي ڪيو پر هو ان کي مذاق سمجھي ٽاري ڇڏي ٿو. اهو صحيح ثابت ٿئي ٿو. هو اتان ته ڪنهن ريت بچي نڪري وڃي ٿو پر ڪجھ وقت کانپوء اهي فساد سڄي شهر ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. ساون مل جي آفيس جو هڪ ڪلرڪ فسادين هٿان مارجي وڃي ٿو ۽ فسادي هندن جي گھرن کي باه ڏيڻ لاء پهچي وڃن ٿا پر ڪجھ پٺاڻ پاڙيسرين جي مداخلت کين ان کان باز رکي ٿي. ساون مل تي خاندان ۽ دوستن پاران لاڳيتو شهر ڇڏڻ ۽ ڀارت لڏي هلڻ لاء دٻاء هجي ٿو پر هو تيار نه ٿو ٿئي. نيٺ سندس خاندان ڪوئيٽا ڇائوڻي ۾ موجود ڪجھ دوست آفيسرن جي مدد سان جهاز ذريعي دهلي روانو ٿي وڃي ٿو ۽ هو اتي ئي رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
ڪجھ عرصي کانپوء جڏهين سندس پاڙيسري پٺاڻ سردار، جنهن جي آسري تي هو ڪوئيٽا ۾ رهيل هو، جي ماء کيس اهو چئي ٿي ته پٽ هاڻي اوهان به پنهنجي گھر هليا وڃو اسان گھڻي دير تائين تنهنجي حفاظت نه ٿا ڪري سگھون ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي مذهب سندس قوميت ۽ وطن جو تعين ڪندو ۽ هي زمين هاڻي سندس لاء اجنبي ٿي چڪي آهي. ان جي باوجود به هو اتي رهيل هجي ٿو ۽ پنهنجي نوڪري ڪندو رهي ٿو. ٿوري وقت کانپوء هو موڪلن تي دلي پنهنجي خاندان سان ملڻ وڃي ٿو ۽ پوئتي ضروري ڪمن جي حوالي سان جلدي موٽڻ جي ڪري ٿو پر سندس گھر وارا کيس موٽڻ نه ٿا ڏين ۽ زال جي بيماري جو بهانو ڪري پاڪستان حڪومت کي سندس موڪل جي درخواست موڪلي ڇڏين ٿا ۽ اهڙي ريت هو ڀارت ۾ رهجي وڃي ٿو نه ته ٻي صورت ۾ هو ڄڻ هميشه لاء پنهنجي خاندان کان ڌار ٿي وڃي ها. جيئن ته هن پاڪستان سول سروس جي چونڊ ڪئي هئي ان ڪري ڀارت جي سرڪار کيس فوري طور نوڪري نه ٿي ڏئي ۽ ڪجھ ماڻهن پاران ته کيس پاڪستان جو جاسوس ڪري ليکيو ٿو وڃي. پوء جڏهين کيس نوڪري تي بحال ڪيو وڃي ٿو ته اهو به گھٽ عهدي تي.
معاشي طور تي ساون مل جو خاندان نهايت تڪليف واري زندگي گذاري ٿو. ڪليم ۾ ان کي سندس سوٽن سان گڏ ئي زرعي زمينون ملن ٿيون جيڪي اهي سوٽ پاڻ ئي هضم ڪري وڃن ٿا ۽ ان جي آمدني جو ڪو حصو ان کي نه ٿو ملي. ساڳي ريت کين پناهگيرن وارن فليٽن ۾ رهڻو ٿو پئي جيڪا ڳالھہ خاص طور تي سندس زال، جنهن ڪوئيٽا جي هڪ شاندار گھر ۾ زندگي گذاري هئي، لاء نهايت تڪليف واري هجي ٿي ۽ نفسياتي طور تي ان کي هڪ بحران جو شڪار ڪري ڇڏي ٿي. لڏپلاڻ جو اهو عمل ۽ ماحول ۽ معاشي حالتن ۾ تبديلي خاص طور تي عورتن لاء نهايت تباه ڪن ثابت ٿئي ٿي. هڪ موقعي تي ساون مل جي ڌي شڪنت پڻ هڪ نفسياتي صدمي جو شڪار ٿي بلڪل ماٺ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪجھ عرصي کانپوء جڏهين حالتن ۾ ڪجھ سڌارو اچي ٿو ته سندس حالت به ٺيڪ ٿئي ٿي.
دهلي ان لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ ڄڻ پنجابين سان ڀرجي ويو هو. ان ۾ گھڻو ڪري اوڀر پنجاب جا اهي پنجابي هئا جيڪي اولھه پنجاب ۾ نهري نظام جي قائم ٿيڻ جي ڪري اتي اچي آباد ٿيا هئا ۽ هاڻي وري ڄڻ واپس اوڀر پنجاب ۽ دلي ۾ پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا هئا. اهي پنهنجي ٻولي رک رکاء، اٿ ويه ۽ طور طريقن جي لحاظ کان اولھه پنجاب جي ماڻهن کان گھڻو مختلف هئا ۽ منجھن هڪ واضح فاصلو هو. ليکڪا ان ڳالھہ تي افسوس ڪري ٿي ته اها اهم ڳالھہ ته هئي ته اوله پنجاب جا ماڻهو پنهنجو مال ملڪيت ۽ گھر ٻار پوئتي ڇڏي آيا هئا پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالھہ اها هئي ته اهي پنهنجي ثقافت، ٻولي، ماحول، رسم رواجن ۽ پنهنجي ڌرتي کان ڌار ٿي ويا هئا ۽ کين هڪ اوپري ماحول ۾ اوپرن ماڻهن سان رهڻو پئجي رهيو هو. سندس چواڻي جيڪڏهين انگريز ورهاڱي جي رٿابندي جي سلسلي ۾ واضح هجي ها ته اهي فساد، ايترن بي گناه ماڻهن جو قتل عام ۽ ايڏي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ نه ٿئي ها. هڪ ته انگريز جي هندوستان مان وڃڻ جي تاريخ کي جون 1848 مان آگسٽ 1947 تي آندو ويو ۽ ٻيو خاص طور تي پنجاب جي حوالي سان لاهور، امرتسر ۽ فيروزپور جي لاء اهو شروعات ۾ فيصلو نه ڪيو ويو هو ته اهي ڪهڙي ملڪ ۾ شامل هوندا. ان ڪري ٻنهي ڌرين پاران انهن شهرن جي آبادي جي توازن کي پنهنجي حق ۾ ڪرڻ لاء فسادن کي هوا ڏني ويئي.
هڪ مثبت انداز ۾ ڪتاب جي پڄاڻي ڪندي ليکڪا اهو چئي ٿي ته جيڪي ڪجھ اسان سان ٿيو اهو ساڳيو انهن سان به ٿيو جن کي ڀارت کان پاڪستان ڏانهن لڏڻو پيو. بهرحال اسان پاڪستان جي سرزمين ۽ اتان جي ماڻهن کي پنهنجو سمجھي انهن سان محبت ڪيون ٿا ۽ انهن جي لاء نيڪ خواهشون رکون ٿا. ورهاڱي جي ٻين لکڻين ۽ ڪٿائن جيان اهو ڪتاب به ساڳي ريت ان ڳالھه جي نشاندهي ڪري ٿو ته لڏپلاڻ ڪندڙن جي ٽين پيڙهي، پوء اهي پاڪستان ۾ هجن يا ڀارت ۾ اڃا تائين پنهنجي سڃاڻپ جو تعين نه ڪري سگھيا آهن ۽ ان جي ڳولها ۾ آهن.